پيلي ڇٽيءَ واري ڇوڪري (ناول)

تحرير: شاھد رضا

پيلي ڇٽي واري ڇوڪري ھندي جو جڳ مشھور ناول نگار اُدي پرڪاشُ جو لکيل آهي ھي ناول سائين ننگر چنا  صاحب سنڌيء ۾ ترجمو ڪيو آهي ھن ڪتاب کي ۲۰۲۳ ۾ سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر وارن ڇپائي پڌرو ڪيو  آهي ھن ناول ۾ ۱۷۶ صفحا آھن بيڪ سائيٽ تي موجوده دور جو مشهور شاعر ايوب کوسو صاحب تاثراتي نوٽ لکيو آھي.ھي ناول اصل ۾ ڪيمپس ناول آھي پر ان جو ڪينواس انتھائي گھرو ۽ وڏو آھي موضوعاتي حوالي سان ھندستان اندر ذاتين جي اوچ نيچ ۽  سماجي گھٽ ٻوسٽ ھن ناول جي اھا حقيقت آھي جنھن جو بيان ۽ اظهار ڏاڍو اثرائتو آھي. ھي ناول ھن دور ۾ لکيون ويو آھي جنهن سماج ۾ جدت سان گڏوگڏ پراڻي روايت کي گهليندو ايڪيوي صدي ۾ داخل ٿيڻ جو ڪوشش ڪري رهيو ھو، نوجوان نسل ھنن پراڻن رسمن رواجن کي جدت جي ڪشمڪش ۾ پڙهجي رهيو ھو.

جڏهن ڀارت ۾ ۲۰۰۰ع کان پوءِ پرائيويٽائيزيشن جي لهر شروع ٿي ۽ سماج تي گهرا اثر وڌا۔ مارڪيٽ کي آزادي ملي، نوان معاشي موقعا پيدا ٿيا ۽ ترقيءَ جو هڪ نئون باب کوليو ويو، پر ان سان گڏ ڪيترائي منفي اثر به ظاهر ٿيا۔ سڀ کان وڏو اثر ڪرپشن جي واڌ هئي، ڇو ته ادارن جي خانگي ٿيڻ سان احتساب ڪمزور ٿي ويو ۽ پئسو ڪمائڻ کي ئي سڀ کان وڏو مقصد بڻايو ويو۔ هن عمل سان سماج ۾ هڪ اهڙو رويو پيدا ٿيو جتي دولت کي عزت ۽ وقار سان ڳنڍيو ويو، ماڻهو مادي شين جي پوڄا ڪرڻ لڳا ۽ اخلاقي قدرن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو۔ گڏيل ذميوارين ۽ انساني همدردي جي جاءِ تي دولت حاصل ڪرڻ کي ڪاميابي سمجهيو ويو۔ ان صورتحال سان امير ۽ غريب جي وچ ۾ خلیج وڌندي وئي، ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ به وڏو فرق پيدا ٿيو، جنهن سان سماج اندر بيچيني ۽ احساس محرومي وڌي وئي۔ پرائيويٽائيزيشن جي اثرن جو هڪ ٻيو رخ انساني رشتن ۾ به ڏسڻ ۾ آيو۔ پئسو ڪمائڻ جي ڊوڙ ۾ ماڻهو پنهنجن رشتن ۽ انساني وابستگين کان پري ٿيڻ لڳا۔ گڏيل خاندانن جو تصور آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳو ۽ انفرادي سوچ زور وٺڻ لڳي۔ تعليم ۽ ثقافت به هن تبديلي کان محفوظ نه رهي؛ تعليم هڪ ڪاروبار بڻجي وئي، جتي سٺي تعليم رڳو انهن لاءِ دستياب هئي جيڪي پئسي وارا هئا، جڏهن ته غريب طبقي جا ٻار پوئتي رهجي ويا۔ ساڳي ريت ثقافت به مارڪيٽ جي غلام بڻجي وئي، هر شيءِ خريد ۽ وڪري جو حصو بڻجي وئي۔ انهن سڀني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته پرائيويٽائيزيشن ڀارت ۾ معاشي ترقي ته آندي، پر ساڳئي وقت سماج ۾ ڪرپشن، ماديت، طبقاتي فرق ۽ اخلاقي زوال به وڌايا۔ ناول هن دور جي اُن تصوير کي چٽيءَ طرح پيش ڪري ٿو، جتي انساني همدردي ۽ گڏيل ڀائيچاري جي جاءِ تي دولت کي سڀ کان وڏي اهميت ملي وئي، جيڪا ڊگهي عرصي ۾ سماج لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي۔

سائين ننگر چنا ناول ۾ پنھنجي پاران لکين ٿا  "پيلي ڇٽيءَ واري ڇوڪريءَ ھندي گجراتي جو مشھور ناول آھي مان سمجهان ٿو ته اھو ۲۰۰۲ جو سال ھو جڏھن مون اڙدوءَ جو ٽماهي رسالو آج ڪوئيٽا مان ورتو ھو آج اڙدو جو بھترين رسالو آھي اسان جھڙن جي لاءِ دنيا جهان جي ادب خاص ڪري عربي، فارسي، ملايالم، تامل ۽ ھندي ادب جي پهچ جو وسيلو اھوئي رسالو رھيو آھي ڇا ته ترجما ڇپيندو رھيو آھي اجمال ڪمال. آج ۾ انھيءَ کي اجمال ڪمال طويل ڪھاڻي لکيو آھي اھو قصو/طويل ڪھاڻي/ ناول، جيڪو ڪجهه به آھي سو ھندي جي ماھناني ھنس (ھنجھہ) ۾ قسطوار ڇپيو ۽ پوءِ ۲۰۰۱ ۾ ڪتابي شڪل ۾ آيو.”ھن ناول تي ھندستان ۾ وڏا بحث ٿيا. ترجمه نگار لکي ٿو ته ھي ناول مون ان ڪري به ترجمو ڪيو ته ادي پرڪاش ڪيڏي نه سچيتائي سان سموري ھندستان جا اھم ٽڪراءَ ڪيئن نه سمائي ٿو وڃي ۽ پڙھندڙ کي ڪٿي به، ڪو به تضاد ککي نه ٿو پت ڪيو ته جڏھن اسان جي ڪنھن ليکڪ به ھيئن لکي ورتو ته اسان جو ناول دنيا ۾ اسان جي نمائندگي ڪرڻ لڳندو.

ُاُدي پرڪاشُ هن ناول ۾ اُن دور جي ھندوستاني سماج جي مذهبي سرشتي تي تنقيد ڪن ٿا. ھو ٻڌائن ٿا ته منو شاستر جي جوڙيل ذات پات جي نظام  برهمڻ، ڪشتري، ويش ۽ شودر ڪهڙي ريت ھندوستاني سماج کي ٽڪرن ۾ ورهايو. اڄ به ڪروڙين دلت اِنھيءَ ڪاري رسم جي ڀاري وزن ھيٺ پيڙجي رھيا آھن. ناول ۾ ھندو-مسلم تضاد جي جھلڪ به ملي ٿي ۽ اھو ڏيکاريو ويو آھي ته ھندوستان ۾ محڪوم قومن جي وچ ۾ ڪھڙا اختلاف موجود آھن۔ اُدي پرڪاشُ سڌيءَ ريت ڪنھن قوم جو نالو نٿا وٺن، پر خاص طور تي ڏکڻ ھندستان جي  رياستن جو اتر سان ٽڪراءَ ڏيکاريندي ظاهر ڪيو آھي ۽ ان کان سواءِ ھندي ٻوليءَ جو ٻين ٻولين سان ٽڪراءَ به ڪٿي نه ڪٿي ڏسڻ ۾ ايندو. لساني تضادن کي پٿر جي ٽڪراءَ جي صورت ۾ ظاھر ڪن ٿا. ساڳئي وقت مختلف ٻولين جي ھڪ ٻئي سان ٽڪراءَ کي به نمايان ڪيو ويو آھي۔

سرمايه دارانه نظام، وچولي طبقي جي بيوروڪريسي، مڪاني غنڊاگيري ۽ سياست جي تال ميل کي به ناول ۾ پيش ڪيو ويو آھي۔ اھي سڀ اهڙا تضاد آھن. يونيورسٽي جي اندر سياست مقامي غنڊا يونيورسٽيءَ ۾ غنڊا گردي ڪن پيا ڪيئن يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کي ھراس ڪن پيا ٻيو ته ٺهيو مني آرڊر جيڪي شاگردن جا مائٽن پنھنجيءَ طرفان موڪلن ٿا شاگردن جي تعليمي ۽ ذاتي خرچي لاءِ، مقامي ماڻهن جو مني آرڊر کڻي ٿو جيڪو سرڪاري ملازم آھي پر مقامي ماڻهن ھوندي ڪري مقامي غنڊا سان مليل آھي ۽ انهن کي ٻڌائي ٿو ته ڪھڙي شاگردن جا ڪيترا پئسا آيا آھن پوءِ غنڊا ھنن شاگردن کان تشدد ڪري پئسا وٺن ٿا پر ڳالهه جو ڳاٽو ھي ته سڀني تضاد ھڪ ئي انساني جذبي جي بار ھيٺ دٻجي وڃن ٿا توڻي جو سموري گھڻ رنگي گھڻ قومي ھندستاني سماج کي اڄ به اھي ئي ٽڪراءَ ڦيرايون ڏئي رھيا آھن پر سوڀ وري به پريم گرنٿ جي آھي ۽ منو شاستر ھارائي وڃي ٿي سموري لالچ، ھوس، لوڀ، اھنڪار ، ڪام ۽ ڪروڌ جي ڀاڳ و وڌاتا پريم جي ھٿان ھار ئي لکي آھي انسان پنھنجي ذاتي ڪاوشن کي ترجيح ڏئي ٿو پوءِ کڻي عقل سندس سڀ کان وڏو صلاحڪار ڇو نه ھجي.

ناول ۾ اھو ڏيکاريو ويو آھي ته يونيورسٽين ۾ به ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھراسان ٿيڻ ۽ دٻاءَ جي ڪري خودڪشي جھڙا سخت فيصلا ڪري ڇڏين ٿا۔ کين بار بار تنگ ڪيو وڃي ٿو، سندن توھين ڪئي وڃي ٿي، ۽ ڪو به سندن مدد لاءِ اڳتي نٿو اچي۔ افسوس جي ڳالهه اھا آھي ته اسان جي سماج ۾ ھنن مسئلن بابت سنجيدگيءَ سان قلم کڻندڙ ڪوبه موجود ناھي۔ ناول ۾ نهايت خوبصورت انداز سان ھنن تلخ حقيقتن کي اجاگر ڪيو ويو آھي ۽ گڏوگڏ يونيورسٽيءَ جي ماحول ۽ اتان جي مسئلن کي حقيقت جي قريب تر انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي۔ ناول ۾ ھندي ڊپارٽمينٽ جي ڊيموگرافي ناول نگار بھترين انداز ۾ پيش ڪن ٿا  "سورھن استاد چوٽيهه شاگرد جن ۾ ڏھه ڇوڪريون به شامل ھيون ۽ ٽي پٽيوالا سڀني کي ملائي ڪري ٽيونجاھہ ماڻھو. چوٽيهه شاگردن مان رڳو ٽي ڄڻا غير برھمڻ – شاليگرام، شليندر جارج ۽ راھل ٽن پيتولن مان يادو. سورھن استادن مان ٻارھن برھمڻ، ٻه واڻيا، ھڪ ڪائسٽ ۽ ھڪ راجپوت اھا ھندي ڊپارٽمينٽ جي ڊيموگرافي ھئي

يونيورسٽي جي ٻنهي ڪيترن ئي ڊپارٽمنٽن ۾ مخصوص ماڻهن جي اجاره داري قائم آھي”۔ مثال طور ھندي ڊپارٽمينٽ ۾ برهمڻن جو غلبو آھي۔ اھي پنھنجي پسند جا شاگرد، خاندان جا فرد ۽ رشتيدار داخل ڪن ٿا، کين نوازين ٿا ۽ وڌيڪ نمبر ڏين ٿا۔ ان جي ابتڙ جيڪي لائق ۽ محنتي شاگرد آھن، جيڪي ادب ۾ سائنسي بنيادن تي تنقيد يا تحقيق ڪن ٿا، تنھن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ کين دٻايو وڃي ٿو۔ پنهنجن رشتيدارن کي اڳتي وڌائي پروموٽ ڪيو وڃي ٿو، کين ليڪچرار ۽ ريسرچ آفيسر جون پوسٽون ڏنيون وڃن ٿيون، جڏهن ته اصل محنتي شاگرد پوئتي رهجي وڃن ٿا۔ ڊپارٽمينٽن ۾ ڪرپشن عام آھي۔ معمولي پگهار کڻندڙ پروفيسر ڪرپشن ذريعي پنھنجي ٻارن کي ٻاهرين ملڪن موڪلين ٿا، جتي اھي انهن ادارن جي نالي سان تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ يورپ ۽ آمريڪا ۾ عيش ڪن ٿا۔

ھن سڄي نظام تي ناول ۾ نهايت مؤثر نموني سان بحث مباحثو ڪيو ويو آھي۔ ادب جي نالي تي فحش شاعري بار بار پڙهائي وڃي ٿي ۽ ڇوڪرين کي هراسان ڪيو وڃي ٿو. انھيءَ مسئلي جي به نشاندھي ڪئي وئي آھي اھا ساڳي صورتحال اسان جي يونيورسٽين ۽ ڪيترن ئي ٻين ادارن ۾ به موجود آھي۔ حاصل جو مقصد ته هي ڪيمپس ناول آهي، پر حقيقت ۾ اهو ڀارت جي سماج بابت ٻن شاگردن جي وچ ۾ ٿيندڙ هڪ کليل بحث آهي۔ اڄ ڀارت ظاهري ۾ ترقي ڏانهن واڳيل آهي، پر ٻي پاسي سماج جي اندر ذات پات ۽ طبقاتي ٽڪراءُ، سماجي لهه وچڙ ۽ سرمايه دارن پاران غريبن جو استحصال جاري آهي۔ هن ناول ۾ ڀارتي سياست تي به هڪ وڏي ۽ گهري بحث ڪيل آهي۔ انساني سماج ۽ سماجيات بابت اسان وٽ تمام گهٽ ناول لکيا ويا آهن۔ جيڪڏهن ڪڏهن ڪيمپس ناول لکيو به وڃي ٿو ته ان ۾ گهڻو ڪري صرف ٻن ڇوڪرن يا ٻن ڇوڪرين جي وچ ۾ محبت جو پس منظر ڏيکاريو ويندو آهي۔ پر هن ناول ۾ ناول نگار سڄي سماج تي هڪ صحتمند ۽ جامع بحث ڪئي آهي۔جيڪڏهن سنڌي ۾ به اهڙي نوعيت جا ناول لکيا ويا آهن ته جنھن ۾ سنڌي جي سماجي اقتصادي تاريخي ۽ تاريخ تي سٺي انداز ۾ بيان ڪيل ھجي  ته دوست راهنمائي ڪن، جيئن اسان اهي پڙهي سگهون، انهن ناولن کي پڙهندڙن آڏو آندو وڃي ۽ انهن تي وڌيڪ علم بحث کي اڳتي وڌايو وڃي.

سنڌي ادب جي شاگردن ۽ نئون پڙھندڙ کي ھي ناول پڙهڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.