ايران آمريڪا کي نشانو بڻائيندڙ ميزائل ٺاهي رهيو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران اهڙا ميزائل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪي آمريڪا کي نشانو بڻائي سگهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسٽيٽ آف دي يونين خطاب دوران صدر ٽرمپ ايران تي جوهري پروگرام جي نئين سر تعمير جو به الزام هنيو، جنهن کي گذريل سال آمريڪا نشانو بڻايو هو.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان جي ترجيح سفارتڪاري ئي آهي پر ان جي ناڪامي جي صورت ۾ طاقت جي استعمال لاءِ به تيار آهيون، اسان تڪرار سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا پر ايران کي ڪڏهن به جوهري هٿيار تيار ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
هن چيو اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا پر اڃا تائين ايراني اختيارين طرفان اهي لفظ ناهن ٻڌا ته اهي ڪڏهن جوهري هٿيار نه رکندا، مان دنيا ۾ دهشتگردي جي سڀ کان وڏي اسپانسر کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس.
ٽرمپ چيو ته اهي اڳ ئي اهڙا ميزائل ٺاهن چڪا آهن، جيڪي يورپ ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي اڏن لاءِ خطرو ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙن ميزائلن تي به ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي جلد آمريڪا تائين پهچي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.