لاهور ۾ بسنت تي مختلف حادثن ۾ 17 ڄڻا فوت ٿيا: پنجاب حڪومت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب حڪومت طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بسنت جي موقعي تي مختلف حادثن ۾ 17 ڄڻا فوت ٿيا.
بسنت دوران ٿيندڙ فوتگين ۽ زخمين بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي جي موقعي تي گهرو کاتي طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 3 ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ سبب، ٻه ڄڻا وڻن تان ڪرڻ ۽ 12 ڄڻا ڇتين تان ڪرڻ سبب فوت ٿيا.
عدالت بسنت دوران زخمي ٿيندڙ ماڻهن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا، جڏهن ته بسنت جي خرچن بابت ڌار درخواست تي پنجاب جي گهرو کاتي کان جواب به طلب ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.