جده (ويب ڊيسڪ) سعودي ڪابينا پاڪستان سان گهرو وزارت کي سائنسي، تربيتي ۽ ريسرچ جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ۽ صحت جي شعبي ۾ مفاهمتي يادداشتن تي ڳالهين ۽ صحيح جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪابينا اجلاس سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ جده ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان سان سائنسي، تربيتي ۽ ريسرچ جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ گهرو وزارت کي مفاهمتي يادداشت تي ڳالهين ۽ صحيح ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.
سعودي جي صحت واري وزير کي پاڪستان ۽ هالينڊ سان صحت جي شعبن ۾ سهڪار لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيح ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ عرب ۽ اسلامي ملڪن بابت معاملن، وچ اوڀر جي تازي صورتحال ۽ خطي جي امن ۽ استحڪام جي معاملن تي جاري ڪوششن جو به جائزو ورتو ويو.
You might also like