سريندر ولاسائي جي اوچتو استعيفيٰ، ڇا کيس قيادت عهدي تان هٽايو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلاول هائوس ڪراچي جي ترجمان سريندر ولاسائي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس بلاول ڀٽو زرداري عهدي تان هٽايو آهي پر سريندر ولاسائي عوامي آواز سان ڳالهائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس صحت هاڻ اڳ جهڙي ناهي رهي، تنهن ڪري هن بلاول ڀٽو زرداري کي درخواست ڪئي ته ذميواري کان آزاد ڪيو وڃي.
هوڏانهن سياسي ۽ ميڊيا حلقن طرفان ان اڳڀرائي کي مختلف نظر سان ڏٺو پيو وڃي ۽ اندروني فيصلن بابت اڳڪٿيون به جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.