ٿر جو ٻاٻيهو صادق فقير: سنڌ جو الستي آواز

تحرير: مشتاق ٽانوري

ٿر جي ساڃاهه ڀري واريءَ جي ڀِٽن مان جڏهن سُر اُڀرندا آهن ته اهي رُڳو  آواز نه هوندا آهن پر اهي آهُن، اداسين، دعائن ۽ محبتن سان رلجي دلگير روح جي سڏ جي صورت وٺندا آهن،  اهڙي ئي دلگير سڏ جي صورت صادق فقير جو آواز هو. جڏهن هو ڳائيندو هو، ته لڳندو هو ڄڻ ريگستان جي سُڪي ڇاتيءَ مان پاڻي جو چشمو ڦُٽي پيو هجي ۽ هر ڦڙو سُر بڻجي آسمان ڏانهن اُڏامي رهيو هجي. جڏهن صادق جي آواز جا سُر اُڀرندا هئا ته اداس دلين جا سمنڊ ڇوليون هڻندا هئا، هن جي هڪڙي آلاپ ۾ اهڙو سوز هو جو بک ۾ ٻرندڙ ٻار به اُن جي تاثير ۾ پل لاءِ چُپ ٿي ويندا هئا، ڄڻ ڪو ٻاجھه ڀريو هٿ سندن مٿن تي ڦري ويو هجي. صادق فقير جي فن ۾ ڌرتيءَ سان عشق هو. هن جو هر سُر پنهنجي مٽيءَ سان وفا جو اعلان لڳندو هو. هو جڏهن ڳائيندو هو، ته لڳندو هو ڄڻ ٿر جي مارو ماڻهن جون صدائون، اُٺن جي گهنگهرن جي جهنڪار ۽ رات جي سناٽي جا راز سڀ گڏ ٿي هڪ ئي راڳ بڻجي ويا هجن. جڏهن هو ڪافي يا لوڪ گيت ڳائيندو هو، ته دل تي اهڙو اثر ٿيندو هو ڄڻ ڪنهن نرم هٿ آهستي دل جي زخم تي مرهم رکيو هجي. سندس هر تان هڪ دعا لڳندي هئي، هر الاپ هڪ سڏ ۽ هر سر هڪ ڳوڙهو، جيڪو ٻڌندڙ جي روح تي ٽِپڪي پوندو هو. اڄ به جڏهن سندس ڳايل سُر ڪنن ۾ پون ٿا، ته دل جي اندر ڪا وساريل تڪليف جاڳي پوي ٿي ۽ اکين جي ڪنڊن تي بي اختيار ڳوڙها چمڪي اُڀرن ٿا. ٿر جي ڀٽن تي ويهي  صادق جي ڳائڻ جو منظر ته ڄڻ قدرت جي عبادت جهڙو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ واريءَ جا ذرڙا به سندس لڳايل سُر ڪنڌ جُهڪائي ٻڌندا هُجن. هوا جي جھوٽن تي واريءَ جون لهرون به ڄڻ صادق جي آواز ۽ تال تي جهومنديون هيون. هن جي ڳائڻ ۾ نه رڳو فن هو، پر روح جي سچائي به شامل هئي، جيڪا ٻڌندڙ جي اندر ۾ لڪل دردن کي به زبان ڏئي ڇڏيندي هئي.

سَچن سُرن جي ساکي راڳي صادق فقير جو جنم 20 مارچ 1963ع تي ڏيپلو واسي فيض محمد مڱڻهار جي گھر مٺيءَ شهر ۾ ٿيو. سنڌي ادب ۾  ايم اي جي سند حاصل ڪرڻ بعد  تعليم کاتي ۾ استاد مُقرر ٿيو. ننڍپڻ کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو. هن راڳ جي ابتدائي سکيا پنهنجي مامي حُسين فقير کان ورتي. 1982ع ڌاري جڏهن صادق مٺي ڪاليج ۾ شاگرد هو، تڏهن اُتي ٿيندڙ  تقريب ۾ هُن ڳائڻ جي شروعات ڪئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس نامور براڊڪاسٽر نصير مرزا متعارف ڪرايو. نامور شاعر اياز گل جي وائي ”تو کان ٿيندي ڌار“ سندس سُڃاڻپ بڻي. 1988ع ۾ پي ٽي وي تي کيس شمشير الحيدريءَ متعارف ڪرايو. صادق فقير سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ جو بنيادي ميمبر ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو. ان کان سواءِ هو مٺيءَ ۾ سِگا ۾ سرگرم رهيو ۽ ”سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ“ جو سربراهه رهيو. صادق فقير جا لڳ ڀڳ 50 آڊيو ڪئسيٽن جا البم رڪارڊ ٿيا. صادق فقير خاندان سميت عمري تي ويل هو، جتي 26 فيبروري 2015ع تي سندس گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ هُو وفات ڪري ويو. صادق جي لاش کي ڏيهه آڻي مٺيءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سندس وڇوڙي تي صحرا روئي پيو، مور سڏڪي پيا، گل مرجهائجي ويا. دوستن جون اکيون ڪڪر بڻجي ويون. هن جي وڃڻ سان لڳي ٿو ڄڻ موسيقيءَ جي آڪاش مان هڪ وڏو تارو ٽٽي پيو هجي. صادق فقير جو آواز وقت جي ڪتاب ۾ لکيل اهڙو درد ڀريو شعر آهي، جيڪو ڪڏهن ميسارجي نٿو سگهي. هو ته هليو ويو، پر سندس سُر اڃا تائين ٿر جي واريءَ ۾ زنده آهن ۽ هر هوا جي جهوٽي سان ڪنهن اداس دل کي چئي وڃن ٿا، ”درد به نعمت آهي، جيڪڏهن ان کي سُر بڻائي سگهجي.“

سندس وفات تي ڊاڪٽر اسحاق سميجي”تو کان ٿيندي ڌار“ ۽ علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺي ”چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو“ نالن سان ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرايا، جن ۾ صادق جي دوستن جا مضمون شامل آهن. صادق کي ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. سندس ٻه پٽ نزاڪت ۽ راحت پنهنجي والد جي گائڪيءَ واري ورثي کي سنڀاليندا اچن ٿا. جيستائين سنڌ جي هوائن ۾ سُر رهندا، تيستائين صادق فقير به رهندو، يادن ۾، دلين ۾ ۽ سدا لاءِ محبت جي گونج بڻجي.

سندس وفات تي ڊاڪٽر اسحاق سميجي”تو کان ٿيندي ڌار“ ۽ علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺي ”چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو“ نالن سان ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرايا، جن ۾ صادق جي دوستن جا مضمون شامل آهن. صادق کي ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. سندس ٻه پٽ نزاڪت ۽ راحت پنهنجي والد جي گائڪيءَ واري ورثي کي سنڀاليندا اچن ٿا. جيستائين سنڌ جي هوائن ۾ سُر رهندا، تيستائين صادق فقير به رهندو، يادن ۾، دلين ۾ ۽ سدا لاءِ محبت جي گونج بڻجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.