ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 28هين ترميم بابت ڳالهيون رڳو ميڊيا ۾ ٻڌي رهيا آهيون.
هڪ بيان ۾ وڏي وزير سنڌ چيو ته 28هين ترميم بابت پيپلز پارٽي سان ڪنهن به ڳالهه ناهي ڪئي، نه ئي ڪا ترميم سامهون آئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هن معاملي ۾ نه ڪنهن صوبي يا شهر بابت ڳالهيون سامهون آيون آهن ۽ سنڌ ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ جو ڪو ارادو ناهي.
سيد مراد علي شاهه اهو به چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ پگهارون وڌائڻ بابت فيصلو وفاق سان ڳالهائي ڪيو ويندو ۽ ڪوشش آهي ته غريب عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار پوي.
هن معاملي تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 28هين ترميم بابت ڳالهيون رڳو اندازن ۽ افواهن تائين ئي محدود آهن.
هن جو چوڻ هو ته ڪراچي هميشه سنڌ جو حصو رهيو آهي ۽ رهندو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي سياست مخالفت تي هلي ٿي.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته جنهن ڏينهن بلاول ڀٽو اسٽيٽ آف دي آرٽ شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪيو، ڪجهه ماڻهن چيو ته صوبو ٽوڙي ڇڏيو.