ڪراچي مان پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 جوابدار گرفتار، بارودي مواد هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (CTD) ۽ حساس اداري ڪراچي مان پابندي مڙهيل تنظيم جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

CTD  جي ترجمان موجب حساس اداري سان گڏ ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران گوادر مان بس ذريعي بارودي مواد ڪراچي کڻي آڻيندڙ جوابدار الله ڏنو ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب اهو بارودي مواد عيد جي موقعي تي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ جو خدشو هو، جڏهن ته جوابدارن کان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.