واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته ايران ڪويت ڏانهن بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جن کي ڪويتي فوج ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيو.
سينٽڪام پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنگبندي جي هن ڀڃڪڙي کان اڳ ايران پنج خودڪش ڊرون به فائر ڪيا هئا.
بيان موجب آبنائي هرمز ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آمريڪا لاءِ خطرو بڻجندڙ اهي ڊرون ڪيرايا ويا، جڏهن ته بندر عباس ۾ موجود هڪ ايراني زميني ڪنٽرول مرڪز تان ڇهين ڊرون جي لانچنگ به روڪي وئي.
ايران جي پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته خطي ۾ جنهن اڏي تان ايران تي حملو ڪيو ويو، ان تي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.