وينزويلا تي حملي جو ڪو جواز نه هو، آمريڪا انسانيت دوست آهي ته نيتن ياهو تي ڪيس هلائي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان جا جهاز ڀارت سان جنگ ۾ ٽيسٽ ٿي ويا، اسان کي ايترا آرڊر مليا آهن جو ٿي سگهي ٿو ته 6 مهينن کانپوءِ آءِ ايم ايف جي به ضرورت نه پئي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان ڀارت ۽ افغانستان سان جنگ لاءِ تيار آهيون، مئي 2025 ۾ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
هن چيو ته مئي 20025 جي جنگ کانپو3 ڀارت جو اعتماد تباهه ٿيو، ڀارت کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ اسان جي عزت وڌي آهي، اسان جا جهاز ٽيسٽ ٿي ويا آهن، اسان کي ايترا آرڊر ملي رهيا آهن جو ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پئي،
سندس چوڻ هو ته وينزويلا ۾ حملي جو ڪو جواز ئي نه هو، ورلڊ آرڊر جيڪو به ٿورو گهڻو آهي اهو تباهه ٿي رهيو آهي، نيتن ياهو هن وقت سڀ کان وڏو گهربل ڏوهاري آهي، آمريڪا انسانيت دوست آهي ته نيتن ياهو تي ڪنهن عدالت ۾ ڪيس هلائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.