ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي رڳو 5 ڏينهن ۾ ڪتن 850 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين وڌي ويا، هلندڙ سال جي رڳو پهرين 5 ڏينهن ۾ ڪتن 850 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو.
انڊس اسپتال ڪورنگي ۾ 5 ڏينهن ۾ 300 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته سول ۽ جناح اسپتال ۾ به 300 کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن.
ڊاگ بائيٽ ڪلينڪ جي انچارج ڊاڪٽر آفتاب گوهر موجب گهڻا ڪيس ڪورنگي، حب چوڪي، بلديا، لانڍي ۽ گڏاپ مان رپورٽ ٿيا آهن.
هن شهرين کي اپيل ڪئي ته ڪتي جي ڏاڙهڻ جي صورت ۾ فوري طور طبي امداد وٺن ۽ ويڪسين لڳرائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.