ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ اڄ به زبردست تيزيءَ جو سلسلو جاري رهيو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 2 هزار 653 پوائنٽون واڌ سان هڪ لک 85 هزار 62 تي بند ٿيو.
اها انڊيڪس جي ڪاروبار جي پڄاڻي تي بلند ترين سطح آهي، ڪاروباري ڏينهن ۾ انڊيڪس هڪ لک 85 هزار 481 جي نئين بلند ترين سطح به ٺاهي.
بازار ۾ اڄ هڪ ارب 30 ڪروڙ شيئرز جا سودا 85 ارب 32 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 230 ارب رپيا وڌي 20 هزار 740 ارب رپيا ٿي وئي آهي.
You might also like