رپورٽن موجب حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي ميزباني هيٺ ٽيون ڏينهن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ”ميڊيا جا قانون، ريگيوليشنز ۽ اخلاقيات“ جي موضوع تي ريجنل جرنلسٽس ڪنوينشن ٿيو جنهن ۾ سياسي، قومپرست، مذهبي جماعتن ۽ انساني حقن جي نمائندن پيڪا ايڪٽ کي ميڊيا جي مٿان مارشل لا جو ڪارو قانون قرار ڏيندي اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي پاڪستان فيڊريشن يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي صدر افضل بٽ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته پيڪا ايڪٽ تحت صحافين ۽ عام ماڻهن خلاف قانوني ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن تنهن ڪري پي ايف يو جي پيڪا ايڪٽ ۾ اظهار جي آزادي ۽ صحافتي اخلافيات بابت مثبت ترميم ڪرائڻ لاءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي صحافين، سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي سميت وڪيل برادري سان گڏجاڻيون ڪري تجويزون طلب ڪري رهي آهي ته جيئن قانون جي غلط استعمال کي روڪڻ سان گڏ صحافت جي آزادي توڙي صحافين جي تحفظ کي قانوني طور تحفظ فراهم ڪرائي سگهجي. هن چيو ته جڏهن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پابنديون هنيون وينديون ته پوءِ ان جي جاءِ ڊجيٽل ميڊيا والاري رهي آهي ۽ ان جو ماڻهو غلط استعمال ڪندي صحافين کي بدنام ڪري رهيا آهن. ان صحافي ڪنوينشن ۾ ٻين مقررن چيو ته پيڪا ايڪٽ سميت هر عوام دشمن قانون رد ڪريون ٿا. ڪنٽرولڊ صحافت، ڪنٽرولڊ جمهوريت ۽ ڪنٽرولڊ پارليامينٽ جي لاءِ ڪارا قانون جوڙي ترميمون ڪيون پيون وڃن. پارليامينٽ ۾ ويٺل سردارن ۽ وڏيرن جا هٿ صحافين جي رت ۾ ٻڏل آهن تنهن ڪري سڀني صحافين، سياسي تنظيمن کي متحد ٿي انهن ڪارن قانونن کي رد ڪرڻ لاءِ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.
اسان هميشه ماڻهن جي گڏ ويهڻ، گڏجاڻيون ڪوٺائڻ، ڳالهين، سيمينارن، ڪانفرنسن کي اهم سمجهيو آهي. ڀٽائي صاحب به اچو سورن واريون ڪريون سور پچار جو سڏ ڏنو آهي ۽ ان ڳالهه تي يقين رهيو اٿس ته ”ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نان ٿئي.“ ايئن ئي ڏاهن متحد ٿيڻ، گڏجي جدوجهد ڪرڻ ۽ صلاح مصلحت سان ڪجهه ڪرڻ جي اهميت ۽ ضرورت کي هر دور ۾ پئي ورجايو آهي. اهڙي ئي سوچ پٽاندڙ يقينن حيدرآباد ۾ اهو صحافتي ڪنوينشن ڪوٺائڻ تي اسان ان عشق يعني ان صحافتي تنظيم کي خراج پيش ڪنداسين جنهن پنهنجي سڏ تي محبتي ميڙيا. ان صحافتي ڪنوينشن ۾ جن به صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ دانشورن اظهار جي آزادي، صحافين جي تحفظ ۽ ڪارن قانونن خلاف ڳالهايو ۽ ان لاءِ گڏيل جهدوجهد تي زور ڀريو ۽ ان ڏس ۾ صلاحون ڏنيون تن کي اسان نه رڳو تمام وڏي اڳڀرائي سمجهون ٿا پر ان جو سهرو حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس کي ڏيون ٿا جن سال 2026 ۾ داخل ٿيڻ جي موقعي تي اهو ڪنوينشن ڪوٺائي هڪ فڪر انگيز جائزو وٺڻ جو اهتمام ڪيو.
عام طور تي اسان جي سماج اندر اهو غلط تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته اهي گڏجاڻيون، سيمينار ۽ ڪانفرنسون بس ڳالهيون هونديون آهن، انهن جو ڪو فائدو ناهي هوندو جڏهن ته پنهنجو خيال هوندو آهي ته دنيا اندر جيڪا به تبديلي آئي آهي سا سوچڻ سان ۽ ڳالهين سان ئي آئي آهي. اهو گڏ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جو عمل ڪنهن ريت به اجايو ناهي هوندو پر پنهنجو خيال اهو هوندو آهي ته گڏ نه ويهڻ ۽ نه ڳالهائڻ سبب ئي سماجن اندر جمود ٿيندو آهي. اها سوچ ئي هوندي آهي جيڪا بيٺل تلاءُ ۾ تحرڪ جو پٿر اڇلائڻ جو سبب بڻبي آهي ۽ سوچ کي عمل جي شڪل ڏيڻ لاءِ گڏ ويهڻ جي ضرورت هوندي آهي.
سو اسان حيدرآباد ۾ ٿيل صحافي ڪنوينشن کي نئين سال 2026 ۾ داخل ٿيڻ جو هڪ جائزو سمجهون ٿا ۽ اهو جائزو ئي آهي جيڪو رٿابندي سان نئين سال ۾ داخل ڪرائيندو. ان صحافي ڪنوينشن کي ڏسجي ته ان، پيڪا قانونن، اظهار جي آزادي کي روڪڻ جي ڪوشش ۽ صحافين جي تحفظ بابت نئين سري سان سوچڻ ۽ گڏ ويهي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو آهي ۽ ان نتيجي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سڀ سياسي، سماجي ۽ صحافتي تنظيمون گڏ ٿي حڪومت تي دٻاءُ وجهنديون ته اهي اظهار جي آزادي کي روڪڻ لاءِ نام نهاد جيڪي ڪارا قانون ٺاهيا آهن تنهن کي ڪير به قبول نٿو ڪري ان لاءِ جمهوري روح جي تقاضا اها آهي ته انهن صحافتي، سياسي، قومپرست، مذهبي ۽ سماجي تنظيمن جي راءِ جو احترام ڪن ۽ اهي ڪارا قانون واپس وٺن.
اسان سمجهون ٿا ته حقيقي جمهوريت جو بنياد اظهار جي بنيادي آزادي هوندو آهي. جيڪو به ماڻهو، سماج يا حڪومت اظهار جي آزادي کي روڪيندي سي ٻوڙا ليکيا ويندا ۽ ٻوڙو ماڻهو يا ٻوڙو سماج هجڻ هڪ بيماري آهي جنهن کي صحتمند علامت نٿو سمجهي سگهجي. سو جيڪا حڪومت ٻيو اظهار يا ٻيو موقف ٻڌڻ نه ٿي چاهي ته تنهن کي بيمار رويو سمجهيون ويندو. ٻيو ته اهو غير سائنسي رويو آهي جڏهن ته ڪن بند ڪرڻ سان آواز بند ناهي ٿيندو اهو پنهنجي جاءِ تي موجود هوندو آهي. سو اها ڪنهن به حڪومت جي غلط فهمي آهي ته اها پنهنجا ڪن بند ڪندي يا ميڊيا تي پيڪا وغيره جي قانونن جي اوٽ ۾ پابندي لڳائيندي ته عوام چپ ڪري ويهي رهندو.سو بهترين ۽ صحتمند حڪومت اها سمجهي ويندي آهي جيڪا نه رڳو اظهار جي آزادي جي قائل هوندي آهي پر ان عوامي آواز ۽ عوامي امنگن کي حڪومتي پاليسيون ٺاهي عوامي حڪومت هئڻ جو حق ادا ڪندي آهي.
سو اسان موجوده حڪومت کي صلاح ڏينداسين ته اها حيدرآباد ۾ ٿيل صحافي ڪنوينشن کي نه صرف پنهنجا ڪن کولي ٻڌي پر ان کي عوام جو آواز سمجهي ڪري ان تحت پنهنجيون پاليسيون به جوڙي ۽ صحافي ڪنوينشن جو شڪريو ادا ڪري ته ان حڪومت کي پاليسي ٺاهڻ جو اهو بندوبست ڪري ڏنو آهي جيڪو خود حڪومت کي ڪرڻ گهربو هو يعني حڪومت کي پاڻ صحافين جو هڪ ڪنوينشن ڪرڻ گهربو هو ته اچو ته نئين سال 2026 ۾ داخل ٿيڻ لاءِ گذريل سال جو جائزو وٺي نئين سال لاءِ رٿابندي ڪريون. ان لاءِ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اها ان صحافي ڪنوينشن ۾ شريڪ سڀني ڌرين سان گڏ ويهي اهڙي نئين صحافتي پاليسي جوڙي جيڪا سڀني لاءِ قبوليت جوڳي هجي.