نوشهرو فيروز (رپورٽ: ايم ظفر تڳڙ) اڳوڻي وفاقي وزير، جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي ۽ اين اين پي پي صوبائي صدر مسرور جتوئي جي ٽن ڪيسن بلاول زرداري قتل ڪيس، ۔لنجار ھائوس ساڙڻ ۽ دادو اميناڻي ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ رکيل ھئي جيڪا جج جي موڪل سبب ٻڌڻي سيشن ڪورٽ ٿي. جج ٻڌڻي 20جنوري تائين ملتوي ڪئي. ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي غلام مرتضي جتوئي چيو ته مون کي اقتدار جي ڪابه بک نه آھي رڳو ڪرپٽ حڪمرانن مان عوام جي جان ڇڏائڻ لاءِ نڪتو آھيان سنڌ جو عوام باشعور آھي ھنن کي سمجھي ويو آھي ڊسمبر ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻو ھو پر وري ڪجهه معاملن جي ملتوي ٿي ويو. فيروري مھيني ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرورو ٿيندو. ۔ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا آهن. بي آءِ ايس پي پئسن جھر جھنگ ۾ ماڻھن کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.