داد لغاري (رپورٽ: رانجهن لغاري) داد لغاري ويجهو غازي دڙي واري علائقي ۾ ماڙي انرجي جي ويل نمبر 17 تي ڪمپريسر پلانٽ لڳائيندڙ ڊسڪون ڪمپني خلاف زمين مالڪن ۽ مقامي ماڻهن سخت احتجاج ڪيو هو. ڪمپني معاهدي مطابق زمين مالڪن کي حق نه ڏيڻ، مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا بند ڪرڻ ۽ ڌارين کي ڀرتي ڪرڻ خلاف گيٽ اڳيان پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو هو. ٻئي پاسي ڊسڪون انتظاميا ڳالهيون ڪرڻ بدران داد لغاري ٿاڻي تي زمين مالڪن وڏيري عبدالرحمان لغاري، عبدالرحيم لغاري، عبدالجبار لغاري، عابد رشيد لغاري سميت لڳ ڀڳ 26 ماڻهن خلاف دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. سياسي ۽ سماجي تنظيمن ايس ايس پي ۽ ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪوڙي ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائي فوري طور ختم ڪيو وڃي ۽ ڪمپني مقامي ماڻهن سان ڳالهيون ڪري سندن خدشا ختم ڪري، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.