اسلام آباد(اسد طور) هن وقت پاڪستان جو دفاعي بجيٽ وڌي رهيو آهي ،ترقياتي بجيٽ ۾ لاٿ اچي رهي آهي، عوام لاءِ خرچ گهٽ ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته حڪمرانن جون پگهارون ۽ مراعتون تيزي سان وڌي رهيون آهن.معيشت مڪمل طور ويهي رهي آهي، هلي نٿي سگهي. ۽ انهيءَ سبب هاڻي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته “وڏا ماڻهو ويهي ڊائلاگ ڪن”، ڇو ته هي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.عمران خان کي به فوجي اسٽيبلشمينٽ جي گهڻي حمايت حاصل هئي، پر موجوده شهباز شريف حڪومت کي ته فوجي اسٽيبلشمينٽ حد کان وڌيڪ سپورٽ ڏني. ان جي باوجود به هي حڪومت مڪمل ناڪام ٿي وئي. هاڻي شايد اسٽيبلشمينٽ کي به صاف نظر اچي رهيو آهي ته هي حڪومت سندن لاءِ به وڏو بار بڻجي چڪي آهي، تنهنڪري هاڻي هو وري ڪنهن “ونڊر بواءِ” جي ڳولا ۾ آهن.ڪڏهن عمران خان جي پويان لڪي رهيا آهن، ڪڏهن چون ٿا ته ڳالهين طرف وڃو. آخر ڳالهين جو خيال ڇو پيدا ٿيو؟هي سڀ انگ اکر آءِ ايم ايف کي ڏنل سرڪاري ڊيٽا مان آهن، آءِ ايم ايف مطابق، 2021 ۾ پاڪستان جي دفاعي بجيٽ تقريباً 1300 ارب رپيا هئي، جيڪا 2025 ۾ وڌي 2200 ارب رپين تائين پهچي وئي. يعني جنگ کان اڳ ئي دفاعي بجيٽ ۾ 67 سيڪڙو واڌ ٿي.هن سال دفاعي بجيٽ 2570 ارب رپيا آهي، ايندڙ سال 2870 ارب، ٿي سگهي ٿي،هن وقت دفاعي بجيٽ جي ڊي پي جو لڳ ڀڳ 2 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ جي ڊي پي جو رڳو 0.9 سيڪڙو آهي. هن سال هزار ارب کان وڌيڪ ترقياتي بجيٽ رکيو ويو، پر پهرين پنجن مهينن ۾ رڳو 100 ارب خرچ ڪيا ويا، ڇو ته ٽيڪس آمدني گهٽ آهي. معيشت جي حالت اها آهي ته رڳو پنجن مهينن واپاري خسارو 19 ارب ڊالر ٿي ويو، جيڪو گذريل سال کان 35 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سبب اهو آهي ته برآمد 8.7 سيڪڙو گهٽجي وئي، جڏهن ته درآمد 11.3 سيڪڙو وڌي وئي آهي،ايس آءِ ايف سي به ناڪام ٿي چڪي آهي.مهانگائي گذريل 22 هفتن کان وڌندي پئي وڃي. هڪ عام پاڪستاني پنهنجي آمدني جو 63 سيڪڙو کاڌي، گهر جي ڪرائي ۽ بجليءَ جي بلن تي خرچ ڪري ٿو. باقي 37 سيڪڙو ٻين ضروري شين تي. رڳو کير تي 22 سيڪڙو، ڪڻڪ تي 12 سيڪڙو، تيل وغيره تي وڏو حصو وڃي ٿو. تعليم ۽ صحت لاءِ رڳو 7 سيڪڙو بچي ٿو.ٻئي پاسي، حڪمران اشرافيه سياستدان، بيوروڪريٽ، جج، جرنيل پنهنجون پگهارون چند سالن ۾ 1700 ارب مان وڌائي 2900 ارب رپين تائين وٺي ويا آهن. پنجاب بابت چيو وڃي ٿو ته وڏا ڪم ٿي رهيا آهن، پر حقيقت اها آهي ته پنجاب ۾ اڃا تائين 21 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. جڏهن ته سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ اها شرح گهٽجي آهي.کاڌي جي کوٽ (فوڊ ان سيڪيورٽي) پنجاب ۾ 14.4 سيڪڙو مان وڌي 22.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ 10 سيڪڙو مان 29 سيڪڙو، ۽ بلوچستان ۾ ته صورتحال انتهائي خراب آهي.نتيجو اهو آهي ته ملڪ ۾ معيشت نٿي هلي، ڪو به مستقبل جو واضح پاليسي ناهي. حڪمران طبقو وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته عام ماڻهو لاءِ ڪجهه به ناهي.انهيءَ سبب اسٽيبلشمينٽ کي لڳي رهيو آهي ته موجوده حڪومت قرباني ڏئي، شايد عوام جي ڪاوڙ عارضي طور گهٽجي. پر آئيني ۽ قانوني ٺپي کانسواءِ نه معيشت هلندي، نه نظام هلندو،. دنيا جا سيڙپڪار چون ٿا ته اهڙي ملڪ ۾ سيڙپڪاري نٿا ڪري سگهون، جتي نظام غير يقيني هجي.
معاشي نظام اشرافيه لاءِ ئي ٺهيل، اها سڌارا ڇو چاهيندي؟
اسلام آباد(امتياز گل) زورين نظاماڻي جو مضمون حڪومت جي انهن دعوائن سان لاڳاپيل آهي، جن ۾ چيو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ هن وقت جيڪي معاشي سڌاراٿي رهيا آهن، اهي مڪمل طور تي پاڪستان اندر تيار ڪيل آهن۔هن مضمون کان پوءِ هڪ ٻي ڳالهه ياد اچي ٿي، جيڪا اسان جي وزيراعظم شهباز شريف سان لاڳاپيل آهي۔ هن تازو ڪيترائي ڪميٽيون ٺاهيون، ۽ “اُڏام” نالي هڪ پروگرام به شروع ڪيو ويو،ساڳي وقت ملڪ جي اصل ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار بار بار چوندا رهيوآهي ته پاڪستان هاڻي “اُڏام” ڀري رهيو آهي، ڇوته اسان هڪ هوم- گرون معاشي سڌارن واري پروگرام تي عمل ڪري رهيا آهيون، جيڪو پاڪستان اندر ئي تيار ڪيو ويو آهي۔پر سوال اهو آهي ته ڇا واقعي ڪو ماڻهو ان دعويٰ تي يقين ڪندو؟پاڪستان جا معاشي مسئلا صرف گورننس يا پاليسي جو مسئلو ناهن، پر اهي اسٽرڪچرل ۽ اداراجاتي مسئلا آهن۔ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي تڏهن ٿي وڃي ٿي، جڏهن حڪومت چوي ٿي ته اسين مڪمل طور مقامي ۽ آزاد معاشي پروگرام تي عمل ڪري رهيا آهيون، جڏهنته حقيقت ۾ نه اهي سڌارا مڪمل طور مقامي آهن نه ئي حڪومت آزادي سان اسٽريٽجڪ فيصلا ڪري رهي آهي بنيادي سوال اهو آهي ڇا اهي سڌارا واقعي مقامي آهن، يا صرف آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيٽ ڪيل پروگرام کي “هوم-گرون” جو ليبل لڳايو ويو آهي؟آءِ ايم ايف پنهنجي گورننس ۽ ڪرپشن ڊائگناسٽڪ رپورٽ(چند مهينا اڳ جاري ٿيل) ۾ واضح طور چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت تي چند خاندانن ۽ فوجي ڪاروباري ادارن جو قبضو آهي جيڪڏهن انهن خاندانن ۽ ادارن کي ملندڙ ٽيڪس ڇوٽ، مراعات، ۽ جانبدار پاليسيون ختم ڪيون وڃن ته پاڪستان جي سالياني پيداوار ۾ 5 کان 6.5 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿويعني هر سال لڳ ڀڳ 25 کان 32 ارب ڊالر جو نقصان صرف انهن مراعتن سبب ٿي رهيو آهي۔بنيادي سوال اهو آهي ته جڏهن نظام ئي انهن اشرافيه جي فائدي لاءِ ٺهيل هجي، ته ڇا اهي ڪڏهن اهڙا سڌارا چاهيندا، جيڪي سندن طاقت ۽ دولت کي نقصان پهچائين؟تاريخ ٻڌائي ٿي ته”سڌارن“ جو لفظ اشرافيه هميشه پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪيو آهي نجڪاري (Privatization) جي نالي ۾ سرڪاري اثاثا به آخرڪار انهن وٽ وڃن ٿا (جهڙوڪ پي آءِ اي ) ان ڪري زورين نظاماڻي صحيح چيو ته اسان توهان جي ڳالهين تي يقين نٿا ڪريون۔سچ ۽ حب الوطني ٺاهيل نٿا ٿي سگهن۔”ساڳي ڳالهه معاشي معاملن تي به لاڳو ٿئي ٿي۔حقيقت تڏهن ثابت ٿيندي، جڏهن عام ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ بهتري ڏسندا ترقي جا اثر انهن تائين پهچندا ۽ اهي پروگرام آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ يا غير ملڪي فنڊنگ کانسواءِ هلنداان وقت ئي ماڻهو يقين ڪندا ته پاڪستان ۾ واقعي هوم-گرون معاشي سڌارن جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي۔