مريم اورنگزيب ٽي وي چينلن جا 40 ارب رپيا ڪيئن معاف ڪيا؟

اسلام آباد (حماد حسن) پيمرا جي نئين چيئرمين عنبرين جان کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪا انفارميشن جي رٽائرڊ سيڪريٽري رهي آهي. عنبرين جان لاءِ اهم چئلينج اهي هوندا ته پيمرا جي آمدني ڪيبل آپريٽرن مان ٿي رهي هئي جيڪا گهٽجي وئي آهي ڇو ته سوشل ميڊيا واهپو وڌي ويو آهي. ان کان اڳ اهو طئي ڪيو ويو هو ته ٽي وي مالڪ ڪمائي جو 5 سيڪڙو پيمرا کي ڏيندا پر مريم اورنگزيب جڏهن اطلاعات واري وزير هئي ته هن ٽي وي مالڪن سان گڏجي ان کي ختم ڪري ڇڏيو. ان وقت پيمرا جا 40 ارب رپيا رهتون معاف ٿي ويون. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اهي 40 ارب رپيا ڪيئن ختم ڪيا ويا؟ ڪٿي پردي پٺيان ڪا سوديبازي ته نه ٿي هئي؟ 5 سيڪڙو جو قانون هو جنهن کي ختم ڪري رهتون به معاف ڪيون ويون. پيمرا ۾ انتظامي حوالي سان پڻ مسئلا آهن. عنبرين جان کي ايماندار سمجهيو وڃي ٿو پر انتظامي صلاحيت جي حوالي سان ڪجهه خدشا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.