اها ڪيڏي نه افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ پاسي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا کي جنگين کان پاڪ ڪرڻ جو مشن هٿ ۾ کنيو آهي ۽ دعوائون ڪندو رهيو آهي ته هن گذريل سال ست جنگيون روڪرايون آهن جنهن ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي چئن ڏينهن واري جنگ به شامل آهي ۽ ان مقصد جي روشني ۾ هو پاڻ کي ”امن جي نوبل انعام“ جو به حقدار قرار ڏيندو رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري هن سال 2026 جي شرعات ئي وينزويلا تي جنگي حملي سان ڪري ڏني آهي ۽ ساڳي وقت ايران جي اندروني معاملن ۾ به مداخلت جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا هر دور ۾ پنهنجي عسڪري طاقت کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته دنيا جي هڪ سپر پاور ملڪ جي حيثيت ۾ اخلاقي طور ان کي سڀني ملڪن جي ڇپر ڇانوَ ۽ ڀرجهلي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن دنيا جا سڀ ملڪ آمريڪا کي پنهنجو وڏو سمجهي عزت ڪن. پر ان جي ابتڙ آمريڪا هر دور ۾ سامراجي مفادن وارو ڪردار ادا ڪندي پاڻ کي تڪراري ملڪ ثابت ڪيو آهي جنهن جو سڄي دنيا جي ملڪن سان تڪرار رهيو آهي.
جڏهن آمريڪا جي موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ چونڊن جي موقعي تي دنيا مان جنگيون ختم ڪرڻ جو پروگرام کڻي آيو هو ته ان هڪ نُڪتي تي کيس سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي هئي ۽ پوءِ ان مان امن جون اميدون پڻ قائم ڪيون ويون هيون ۽ سندس همت افزائي طور دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي اخبارن ۾ ايڊيٽوريل، مضمون ۽ ڪالم هلايا هيا پر جيئن ئي هو چونڊ کٽي صدر بڻيو ته هو ان جنگين مخالف پروگرام جي ابتڙ ئي نظر آيو ۽ هن نيئن سال جي شروعات به جنگين، تڪرارن ۽ مداخلت سان ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي تضاد اهو رهيو آهي ته هو جمهوريت، انساني حقن ۽ خودمختياريءَ جا نعرا ته بلند ڪري ٿو، پر عملي طور ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي معاشي، فوجي ۽ سياسي مفادن لاءِ ساڳين اصولن کي لتاڙي ٿو. ٽرمپ جي قيادت ۾ اها روش وڌيڪ کليل ۽ جارحاڻي شڪل اختيار ڪندي نظر اچي ٿي. سندس بيانن ۽ پاليسين مان اهو تاثر ملي ٿو ته طاقت جو استعمال، ڌمڪيون ۽ اقتصادي دٻاءُ آمريڪي سفارتڪاريءَ جا مرڪزي اوزار بڻيل آهن.
وينزويلا جي معاملي کي ڏسجي ته آمريڪا سمجهي ٿو ته وينزويلا دنيا جي سڀ کان وڏي تيل جي ذخيرن مان هڪ ملڪ آهي. ڪيترن ڏهاڪن کان آمريڪي توانائي ڪمپنين ۽ حڪومتي ادارن جي نظر هن ملڪ جي قدرتي وسيلن تي رهي آهي. جڏهن وينزويلا جي حڪومت آمريڪي اثر کان آزاد پاليسيون اختيار ڪيون، قومي وسيلن تي رياستي ڪنٽرول وڌايو ۽ لاطيني آمريڪا ۾ آزاد بلاڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن واشنگٽن ان کي پنهنجي مفادن لاءِ خطرو سمجهيو.
جنگي حملي يا فوجي دٻاءَ جي ڳالهه اصل ۾ اُن معاشي ۽ سياسي حڪمتِ عمليءَ جو تسلسل آهي، جنهن ۾ پابنديون، سفارتي اڪيلائي ۽ اندروني سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ شامل آهن. آمريڪا ڄاڻي ٿو ته وينزويلا ۾ تيل جي صنعت تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ سان نه رڳو پنهنجي توانائي سلامتيءَ کي فائدو ٿيندو، پر عالمي مارڪيٽ ۾ به اثر وڌندو. ان کان علاوه، لاطيني آمريڪا ۾ چين ۽ روس جي وڌندڙ موجودگيءَ کي روڪڻ به آمريڪا جي اهم ترجيح آهي، ۽ وينزويلا ان مقابلي جو مرڪزي ميدان بڻيل آهي.
ايران بابت آمريڪي رويي ۾ به ساڳيو تضاد نظر اچي ٿو. ايران اندر مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي مشڪلاتن خلاف عوامي احتجاج هڪ حقيقت آهي، جنهن جا گهڻا سبب سخت پابنديون، عالمي دٻاءُ ۽ اندروني انتظامي مسئلا آهن. آمريڪا جڏهن اهڙن احتجاجن جي ”حمايت“ جي ڳالهه ڪري ٿو، تڏهن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اها حقيقي همدردي آهي يا سياسي مداخلت جو ذريعو؟
ٽرمپ جي سياست ۾ ايران هميشه ”دشمن“ جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي. نيوڪليئر معاهدي مان نڪرڻ، سخت ترين اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ ۽ فوجي آپشن جي ڌمڪين جو مقصد ايران کي ڪمزور ڪرڻ رهيو آهي. مهانگائي خلاف احتجاجن جي آڙ ۾ مداخلت جون ڌمڪيون اصل ۾ اُن پراڻي حڪمتِ عمليءَ جو حصو آهن، جنهن ۾ اندروني بيچينيءَ کي ٻاهرين دٻاءَ سان ڳنڍي حڪومت کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
اهو به ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا پاڻ ڪيترن ملڪن ۾ اهڙين حڪومتن جو حمايتي رهيو آهي، جتي انساني حقن جي صورتحال انتهائي خراب رهي آهي، پر جتي آمريڪي مفاد محفوظ رهيا آهن. ان ڪري جڏهن ايران يا وينزويلا جهڙن ملڪن بابت انساني حقن جا نعرا هنيا وڃن ٿا ته اهي اخلاقي اپيل بدران سياسي هٿيار محسوس ٿين ٿا. ٽرمپ جي ”آمريڪا فرسٽ“ پاليسي اصل ۾ آمريڪي بالادستيءَ کي نئين انداز ۾ قائم رکڻ جي ڪوشش آهي. هن پاليسيءَ ۾ عالمي قانون، گڏيل قومن جا اصول ۽ ملڪن جي خودمختياري ثانوي حيثيت رکن ٿا. جنگي ڌمڪيون ۽ مداخلتون آمريڪي عوام جي اندروني مسئلن کان ڌيان هٽائڻ جو ذريعو به بڻجن ٿيون. معاشي اڻبرابري، صحت ۽ تعليم جا بحران، ۽ سماجي ورهاست جهڙن مسئلن بدران ٻاهرين “دشمنن” کي سامهون آڻڻ هڪ آزمودو سياسي طريقو آهي.
سال 2026 جي شروعات ۾ ئي دنيا کي اهو پيغام ملي ٿو ته آمريڪا طاقت جي ٻولي ڳالهائڻ کان اڃا به هٿ نٿو کڻي. پر تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته جنگين ۽ مداخلتن سان نه امن اچي ٿو، نه استحڪام. عراق، افغانستان ۽ ليبيا جهڙا مثال سامهون آهن، جتي مداخلت کانپوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون.