حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ٻوليءَ جي ماهر امر فياض ٻرڙو مالي مشڪلاتن سبب عبدالماجد انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجينيئرنگ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ امر فياض ٻرڙو چيو ته بجيٽ جي شديد کوٽ باوجود هن اداري کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ڪري هاڻي اداري کي هلائڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ستن مهينن کان هو ذاتي وسيلن ذريعي اداري جا سمورا خرچ برداشت ڪندو رهيو آهي، پر هاڻي حالتون اهڙيون آهن جو هو وڌيڪ اداري سان گڏ نٿو هلي سگهي.
واضح رهي ته امر فياض ٻرڙو هن وقت سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
امر فياض جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، واهپيدارن جو چوڻ آهي ته امر فياض ٻرڙي جهڙي لائق ماڻهوءَ کي اڪيلو ڇڏڻ قومي ناانصافي آهي.
واهپيدارن چيو ته جنهن شخص عالمي سطح تي وڏيون آڇون ٿڏي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ زندگي وقف ڪئي، ان کي مالي توڙي جاني تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن جو سفر رڪجي نه وڃي.