تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جمعي جي شام کان اسلام آباد، مسقط ۽ ماسڪو جي دوري تي روانو ٿيندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، عباس عراقچي ان دوري جو مقصد لاڳاپيل ملڪن سان ٻطرفي مشاورت، ملاقاتون ۽ ڳالهيون ڪرڻ آهي، جن ۾ خطي جي موجوده صورتحال، تازين اڳڀرائين ۽ ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان مڙهيل جنگ جي حالتن تي غور ڪيو ويندو.
رپورٽ موجب، هي دورو پرڏيهي وزير جي معمول جي سفارتي رابطن جو حصو آهي، پر ان جي اهميت ان ڪري به وڌي وئي آهي جو علائقي ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڏي حد تائين وڌي وئي آهي.
دوري دوران ايراني پرڏيهي وزير جون پاڪستاني، عماني ۽ روسي قيادت سان ملاقاتون ٿينديون، جن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي، سفارتي ڪوششن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي ويچار ونڊيا ويندا.
Prev Post
ڊجيٽل سنڌ جو خواب ڏسندڙ امر فياض ٻرڙو آلين اکين سان ماجد ڀرڳڙي انسيٽيوٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
Next Post
You might also like