لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه گوڏن جي انجري جو شڪار ٿي ويو آهي.
پي ايس ايل 11 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف ميچ دوران راولپنڊيز جو فاسٽ بالر نسيم شاهه فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿيو.
نسيم شاهه ميچ ۾ رڳو 2 اوورز ئي هلائي سگهيو، جنهن کانپوءِ هو ميدان کان ٻاهر هليو ويو.
راولپنڊيز جي ميڊيا مينيجر موجب، فيلڊنگ دوران نسيم شاهه جي گوڏي ۾ ڌڪ لڳو، ميڊيڪل ٽيم سندس معائنو ڪري رهي آهي ۽ وڌيڪ اپڊيٽ مناسب وقت تي جاري ڪئي ويندي.
You might also like