اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينئر اداڪارا صبا فيصل تي پنهنجي تڪراري بيان سبب هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ٿي رهي آهي.
ويجهڙائي وارن مهينن دوران اداڪارا جا ڪجهه ڪلپس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ هوءَ گهريلو مسئلن، خاص طور ڇوڪرين جي ساهرن ۾ رهڻ جي طريقن تي ڳالهائيندي نظر آئي، پنهنجي بيانن سبب کيس سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.
هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر صبا فيصل پنهنجي تازي انٽرويو ۾ مڙسن جي زالن کانسواءِ ٻين عورتن سان لاڳاپن بابت تبصرو ڪيو آهي.
اداڪارا چيو ته ”مون کي لڳي ٿو مردن جو ذهن اهڙو ٿي ويندو آهي ته جيڪڏهن پئسو آهي ۽ زال گهر ۾ آهي ته ٻاهر مون کي هڪ ٻي عورت گهرجي.“
صبا فيصل وڌيڪ چيو ته ”مان اهڙين زالن کي چوڻ چاهيان ٿي ته توهان سندن ٻارن جي ماءُ آهيو، توهان آرام سان ويهو، اهو مرد جتي به ويندو، نيٺ واپس توهان وٽ ئي موٽي ايندو.“
اداڪارا پنهنجي مڙس جو هڪ واقعو به ٻڌايو ته ”منهنجو مڙس نوڪري ڪندو هو، هڪ ڏينهن مان کيس آفيس مان وٺڻ ويس، مون رسيپشن تي ويٺل عورت کي چيو ته فيصل کي سڏائي ڏيو، جنهن مون کان پڇيو ته مان ڪير آهيان؟“
هن وڌيڪ چيو ته ”مون جواب ڏنو ته مان سندس زال آهيان، جنهن تي هن مون کي عجيب نموني ڏٺو، ٻئي ڏينهن جڏهن منهنجو مڙس گهر آيو ته هن پڇيو ته تون ان ڇوڪريءَ کي ڇا چيو هو؟ هن نوڪري ڇڏي ڏني آهي.“
اداڪارا چيو ته ”مون ته ڪجهه به نه چيو هو، ڇا توهان جو ڪو چڪر هلي رهيو هو؟ جنهن تي مڙس چيو ته هوءَ پنهنجي طور تي هلائي رهي هئي، مون چيو جنهن کي خبر پوندي ته مان فيصل جي زال آهيان، اهو پاڻ هٽي ويندو.“
صبا فيصل جي ان انٽرويو جا ڪلپس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن، جتي واهپيدار کيس اهڙي غير اخلاقي ڳالهه ٻولهه کان پاسو ڪرڻ جون صلاحون ڏئي رهيا آهن.
You might also like