سرمائيداري جا حامي لڳاتار اهو خيال ذهنن ۾ ويهاريندا رهيا آهن ته سرمائيداري هڪ اهڙو جادوئي نظام آهي، جيڪو پيداوار ۾ بي پناهه واڌ پيدا ڪري ٿو۔ ٽيڪنالاجي ۾ جدت پيداوار کي وڌيڪ تيزي سان اڳتي ڌڪي ٿي، جنهن سان غربت جو خاتمو ۽ معيار زندگي ۾ بهتري اچي ٿي۔ ذاتي ملڪيت آزادي جو ٻيو نالو آهي، پر حقيقتون هن سموري ڳالهه کي ڪوڙ ثابت ڪري رهيون آهن۔
18هين صدي يورپ ۽ سڄي دنيا لاءِ هڪ تاريخي صدي سمجهي وڃي ٿي۔ هن صدي ۾ هڪ طرف علائقائي جنگون هيون ۽ ٻئي طرف مرڪنٽائل ازم جي ذريعي واپار ترقي ڪري رهيو هو۔ اهو بادشاهن جو زمانو هو، جن واپارين سان گڏجي لوٽ مار جو نظام قائم ڪيو۔ پوءِ هن واپار جي کوک مان صنعت جنم ورتو، جنهن کي پهريون صنعتي انقلاب چيو ويندو آهي، جيڪو سرمائيدارانه نظام جو بنياد بڻيو۔ هن نئين نظام جي حامين جي مطابق هتي هر ڪنهن کي ذاتي ملڪيت جو حق حاصل هوندو، مارڪيٽ غير مرئي طريقي سان طلب ۽ رسد کي ترتيب ڏيندي، مقابلي جي فضا تازگي ۽ جدت پيدا ڪندي ۽ اها پيداوار خوشحالي آڻيندي۔ ڄڻ ڌرتي جنت بڻجي ويندي پر ائين ڪجهه نه ٿيو ۽ نه ئي نظر اچي ٿو۔
پندرھين صدي جي آخر ۾ يورپ مان اٿندڙ طوفان آهستي آهستي سڄي دنيا کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو۔ مقصد نون علائقن تي قبضي سان سندن وسيلا لوٽڻ هو۔ استحصال جي خواهش جهاز سازي ۽ هٿيارن ۾ جدت آندي ۽ مرڪنٽائل ازم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو۔ هي نظام، جيتوڻيڪ نوآباديتي دور جي پيداوار هو، پر مڪمل معاشي ڍانچو هو۔ مقصد قومي دولت ۽ طاقت ۾ واڌ آڻڻ هو۔ ان لاءِ برآمدات وڌايون ويون، نوآبادين کي پابند ڪيو ويو ته اهي رڳو پنهنجي آقائن سان واپار ڪن، درآمدات تي پابنديون وڌيون ــ جنهن جي جديد صورت اڄ ٽرمپ جي آمريڪا ۾ ڏسي سگهجي ٿي۔ انهن طاقتور ملڪن پنهنجي نوآبادين جا قدرتي وسيلا بي رحمي سان لوٽيا ۽ مقامي آبادين کي قتل، بيمارين ۽ بدحالي سان ختم ڪري ڇڏيو۔ مشهور آمريڪي صحافي چارلس سي مان لکي ٿو ته آمريڪا جي 90 کان 95 سيڪڙو مقامي آبادي نيست و نابود ڪئي وئي۔
هيگل ۽ مارڪس چيو هو ته تضاد ئي ارتقا ۽ تبديلي جو بنيادي سبب آهي۔ مرڪنٽائل ازم جا اندريون تضاد ــ بي لغام استحصال، درآمدن تي پابنديون، حد کان وڌيڪ سرڪاري مداخلت ــ نون سوالن ۽ جوابن کي جنم ڏنو۔ ايڊم اسمتھ، جنهن کي سرمائيداري جو بابا سڏيو وڃي ٿو، انهن تضادن جو حل معاشي لبرل ازم يعني فري مارڪيٽ اڪانومي ۾ ڏنو۔ هن چيو ته مارڪيٽ جا ”غير مرئي هٿ“ ترقي ۽ قومي دولت ۾ اضافو ڪن ٿا۔ پر مارڪس ”داس ڪيپيٽل“ ۾ واضح ڪيو ته اهو ڪو غير مرئي هٿ ناهي، پر اهو پيداوار جو رشتو آهي، جيڪو قدرِ زائد پيدا ڪري ٿو، جنهن جي مرڪوز ٿيڻ سان امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو۔ ٿامس پيڪٽي پنهنجي وڏي تحقيقي ڪم ۾ ثابت ڪيو ته دولت جو ارتڪاز هن نظام جو لازمي حصو آهي۔ رڪارڊو جي ظالمانه ”آئرن لا آف ويجز“ موجب مزدور کي صرف اهڙي اجرت ڏني وڃي، جيڪا کيس زنده رکڻ ۽ وڌيڪ مزدور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي هجي!
انهن نابرابرين خلاف مارڪس ۽ اينگلز سوشلزم جو سائنسي نظريو ڏنو۔ لينن ان نظريي کي عمل ۾ آڻي روس ۾ انقلاب آندو۔ پر مالي سرمائيداري لاءِ اهو قبول نه هو۔ سامراجي طاقت روس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جنگون ڪرايون، پوءِ ٻي عالمي جنگ مسلط ڪئي۔ جڏهن سوويت يونين کٽي نڪتو ته مارڪيٽون بند ڪيون ويون ۽ آخرڪار ٽوڙي ڇڏيو ويو۔ پوءِ چين تجربي مان سکيو ۽ هاڻوڪو سماجي-سرمائيداري ماڊل اختيار ڪري دنيا کي للڪاريندو بيٺو آهي۔
سرمائيداري، جيڪا ”خوشحالي سڀني لاءِ“ جو نعرو ڏيندي هئي، اڄ سڄي دنيا کي بدحالي ۾ ڌڪيو ڇڏيو آهي۔ هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ فرد جي سراسري آمدني 1415 ڊالر هئڻ گهرجي، پر تقسيم جي مرحلي ۾ ڌوڪو، زورزبر ۽ لوٽ مار سبب افريقا ۾ اها 354 ڊالر، ڏکڻ ايشيا ۾ 707 ڊالر، لاطيني آمريڪا ۾ 1297 ڊالر، وچ اوڀر ۾ 1533 ڊالر، اوڀر ايشيا ۾ 1769 ڊالر، روس ۽ وچ ايشيا ۾ 2004 ڊالر، يورپ ۾ 3417 ڊالر ۽ اتر آمريڪا ۽ اوشيانا ۾ 4478 ڊالر آهي۔ پر هي به سراسري قومي آمدني آهي، ماڻهن جي حقيقي آمدني ناهي، ڇاڪاڻته هر هنڌ طبقاتي ڍانچو موجود آهي۔ اشرافيه اندروني ۽ بين الاقوامي سرمائيدارن جي سهولتڪار بڻيل آهي، جنهن سبب دولت جي ورهاست نابرابر ٿي رهي آهي۔ نتيجي ۾ دنيا ۾ غريب ۽ امير جي وچ ۾ وٿي وڌي رهي آهي، معاشرتي بيگانگي وڌي رهي آهي، ۽ غربت سبب ماڻهو امير ملڪن ڏانهن لڏي رهيا آهن۔
جڏهن عالمي دولت جي تقسيم ڏسون ٿا ته هي تصوير وڌيڪ خطرناڪ ٿي وڃي ٿي: هيٺين 50 سيڪڙو آبادي وٽ رڳو 2–5 سيڪڙو دولت آهي، جڏهنته مٿين 10 سيڪڙو وٽ 60 کان 74 سيڪڙو تائين دولت آهي۔ پيڪٽي لکي ٿو ته سرمايو هاڻي وراثتي سرمايي ۾ تبديل ٿي رهيو آهي۔ جيسن هيڪل جي تحقيق موجب امير ملڪ هر سال ڏکڻ مان 11 ٽريلين ڊالر لوٽي وٺن ٿا۔ عدم مساوات هن نظام جي ڊي اين اي جو حصو آهي، ۽ اها ترقي کان به تيز وڌي رهي آهي۔ اوڪسفيم 2024 موجب دنيا جي 1 سيڪڙو اميرن وٽ 60 سيڪڙو ماڻهن جي برابر دولت آهي۔ 2900 ارب پتي تقريباً 16 ٽريلين جا مالڪ آهن، جڏهنته 4 ارب ماڻهو گڏجي 7۔3 ٽريلين تي گذارو ڪن ٿا۔
اهي سڀ حقيقتون ثابت ڪن ٿيون ته سرمائيداري پنهنجي فطرت ۾ نابرابري جو نظام آهي۔ نتيجي ۾ محروم علائقا متبادل نظامن ۽ اتحاد ڏانهن وڌي رهيا آهن، جنهن جو دٻاءُ اڄ امير ملڪن تي صاف نظر اچي ٿو ــ جنهن جو اظهار آمريڪا جي ٽيرف وار ۽ يورپ طرفان روسي اثاثن تان فائدو وٺڻ جي خواهش ڪري رهيا آهن۔