نئون سال 2026ع اچي ويو پر پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر نه ملي سگهيو

اياز حسين تنيو

سڄي دنيا جي اندر سڀ کان وڌيڪ اهميت افاديت ۽ حيثيت تعليم جي شعبي ۾ ابتدائي تعليم يعني پرائمري کي ڏني ويندي آهي پر پنهنجي سنڌ جي اندر ان جي ابتڙ وري سڀ کان پوئتي پرائمري ابتدائي تعليم کي ڏني وئي آهي، گذريل ٽن سالن کان سنڌ جا هزارين استاد بار بار پنهنجي سروس اسٽرڪچر لاءِ ڪراچي جي روڊن رستن تي سراپا احتجاج بڻجي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهيا آهن ۽ بار بار وري استادن جي عظيم سرواڻ حاجي شفيع محمد سٺيو جي قيادت کي حڪومت سنڌ طرفان ڪوڙا آسرا ڏٺا دلاسا ڏيندا رهيا آهن ته بس هاڻي توهان پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر ڏيون ٿا بس دير ناهي انهيءَ دير ناهي کي به سالن جا سال گذري ويا آهن ۽ هاڻي سال 2025ع به موڪلاڻي ويو ۽ خيرن سان سال 2026ع نئون سال مبارڪ آيو آهي پر افسوس ته پنهنجي سنڌ جي حڪمرانن جي سستائپ ۽  سياسي هيرا ڦيري ۽ ڪاموراشاهي جي کليل لاپرواهي سبب سنڌ جا هزارين پرائمري استاد ذهني مريض بڻجي ويا آهن ته آخر ڪار سنڌ جي پرائمري استادن جو ڏوهه ڪهڙو آهي جو اسان کي سروس اسٽرڪچر نٿو ڏنو وڃي ۽ جڏهن سنڌ جا هزارين استاد پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ميدان عمل ۾ نڪرن ٿا ته پوءِ ساڳئي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سموري پلٽون مشنري هاءِ الرٽ بڻجي پوليس جي پهري ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڳالھيون ڪرڻ کان اڳ ئي بار بار تسليم ڪندا رهيا آهن ته سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر ڏيڻ اسان جي اولين ذميواري آهي پر فنانس ڊپارٽمينٽ رڪاوٽ وجهي رهي آهي، جڏهن ته خود وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم زاهد علي عباسي صاحب به هڪ نه پر ڪيترا دفعا تسليم ڪندي واعدا ڪري چڪا آهن ته سنڌ جي پرائمري استادن کي نه صرف 17 گريڊ پر 20 هون گريڊ ڏيڻ جي حق ۾ آهيون.

سنڌ جا ڪيترائي پرائمري استاد سروس اسٽرڪچر جي آسري رٽائرڊ ٿي ويا ۽ ڪيترائي ويچارا الله پاڪ کي پيارا ٿي ويا پر اڃان تائين سال مٿان سال اچي ويا ۽ پر اڃان تائين سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر نه ڏنو ويو آهي. اها ناجائزي واعده خلافي اسان آخر وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه يا تعليم واري صوبائي سيڪريٽري زاهد علي عباسي صاحب جي سمجهون ته بار بار سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر جي معاملي ۾ پوئتي رکي آسرن دلاسن ۽ واعدن مٿان واعدا ڪيا پيا وڃن پر رزلٽ زيرو ٻڙي لڳي پئي آهي.

جيڪڏهن هن خط ذريعي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب تائين هي درخواست پهچي ته من ڪجهه سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر ملي پوي باقي نه ته سنڌ حڪومت ڳالهه ڳوري ڪري ڇڏي آهي ۽ جائز تسليم ڪيل مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊيگهه ڪري ٿڪايو ويو آهي. جنهن تي سنڌ جا هزارين استاد ۽ انهن جا مائٽ مٽ، رشتيدار، دوست وغيره جيڪي لکن جي تعداد ۾ آهن اهي انهيءَ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سينا زوري ڏاڍ مڙسي کي بخوبي ڏسي ۽ پرکي رهيا آهن ته سنڌ حڪومت پنهنجي سنڌ جي پرائمري استادن سان آخرڪار اهڙي جٺ ڇو ڪري رهي آهي ۽ انهن کي سروس اسٽرڪچر نه ڏيئي ويتر پريشانين مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري رهي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.