سنڌ جي مختلف هنڌن خاص ڪري ڪراچي سکر حيدرآباد جا اردو پنجابي پشتو ڳالهائيندڙ ماڻهو سنڌ جي ماڳ مڪانن کي جي ۾ جايون ڏيندي گورک ڪارونجهر پهچي پنهجائپ جو ثبوت ڏنو جتي ميلن وارا منظر نظر آيا۔مرد عورتن ننڍڙن ٻارڙن هنن ماڳن سان پنهجي محبت جو اظهار ڪيو فائرنگ ڪيائون موسيقي جا رنگ ڇڙيا جهمريون لڳيون ڪنهن به قسم جو ڪو لساني رنگ نظر نه آيو هڪ قوم هڪ زبان هڪ ماڳ جيان مظاهرو پئي نظر آيو۔گورک ۽ ڪارونجهر محبت جي رنگ ۾ رنگجي ويا۔
هڪ ڪاٿي موجب ٻن ڏينهن جي مختصر وقت ۾ سوين مقامي ماڻهن خاندانن کي روزگار وسيلي ايترو ڪجهه مليو جو اهي سڄو سال گهر ويٺي به کائي سگهن ٿا۔ڪاڇي ۽ ٿر جا گج تڏا پکا اڳٺ سڳيون ۽ ٻيو ڪافي گهريلو سامان اتي وڪرو ٿيندي نظر آيو۔جن وٽ هوٽلن ۽ گهرن ۾ رهڻ جيترو خرچ نه هو اهي ٽينٽس خريد ڪري رهڻ لڳا جو هڪ ته برساتي موسم هئي ٿڌ به ڪافي هئي۔مسواڙ تي هنڌ بسترا به عام جام پئي مليا۔چانهن جا هوٽل هيا پر في ڪوپ سئو کان ڏيڍ سئو رپيا پئي مليو گهڻن سياحن پنهنجي ماني پنهنجي چانهن پئي تيار ڪئي۔ڪارونجهر جي گهڻي خبر پئجي نه سگهي البته گورک تي ٻن ڏينهن اندر ڪروڙن جو ڪاروبار ٿيو آهي ان مان حڪومت کي ڪيترو ٽئڪس مليو اها انهيءَ ڪري خبر نٿي پئجي سگهي ته اهڙن ماڳن تي سياحن کي مهانگائي وسيلي ڦريو ته ويندو آهي پر ٽئڪس وچان وصولي ڪندڙ کايو ڇڏين۔ گورک ۽ ڪارونجهر ٻه مختلف ماڳ آهن جن مان ڪارونجهر کي ته الڳ مڪمل روڊ آهي البته گورک بنا روڊ پل صراط جيان خطرناڪ رستو آهي جيڪو گذريل اڌ صدي ۾ به ٺهي ناهي سگهيو جڏهن ته اربين رپيا گورک جي ترقي لاءِ خرچ ٿي چڪا آهن۔
سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪارونجهر کي گهمي ڦري ڏسي چڪو آهي جنهن جي رستي تي ماڻهن احتجاج به ڪيو هاڻ ڏسجي ته چيف جسٽس ٿر ۽ ڪارونجهر لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي پر کيس هڪ دورو موجوده رستي وسيلي گورک به اچڻ گهرجيس ته گورک اڌ صدي ۾ به ڪهڙي سبب ترقي ڪري ناهي سگهيو۔حڪومت هر سال گورک جي ترقي لاءِ فنڊ ته رکندي آهي پر اهي ڪيئن ۽ ڪٿي ٿا خرچ ٿين تن جر به جاچ ٿيڻ گهرجي۔ خدا خير ڪيو آهي ته ته هن سال گورک تي ڪنهن به قسم جو ڪو وڏو حادثو ناهي ٿيو جڏهن ته ماضي ۾ باهين لڳڻ جي واقعن ۾ ڪافي موت به ٿي چڪا آهن۔خاص ڪري نئين سال جي موقعي تي گورک تي پير رکڻ جي جاءِ ناهي هوندي برسات برف پوڻ ۽ ٿڌ ۾ اضافي ٿيڻ ڪري سياح بيمار به ٿيو پون جن جي علاج لاءِ ڪو به معقول بندوبست ناهي هوندو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو هن هنڌ بهترين اسپتال قائم ٿيڻ گهرجي جو هن ماڳ تي ٻارهو ئي سياح اچن ٿا۔هوٽلن جو ڄار هجڻ گهرجي جنهن سان ريسٽ هائوس جي ڳاٽي ٽوڙ خرچ کان سياح بچي سگهن۔سنڌ جا اهي ماڻهو جيڪي ڪراچي ۾ ويهي سنڌ سنڌ ڪن ٿا تن کي ڪوهه مري وڃڻ بدران گورک ۽ ڪارونجهر وسائڻ گهرجي۔