ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسن جي تاريخ: 1950 کان 2025 تائين

ماريا اسماعيل

ڪراچي جا شهري لڳ ڀڳ 65 سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل ڊيڪر بسن ۾ سفر ڪرڻ جي خوشي ماڻي رهيا آهن۔ سنڌ حڪومت طرفان ڊبل ڊيڪر بس سروس جو باقاعدي  افتتاح ڪيو ويو آهي، جيڪو شهر جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي تاريخ ۾ هڪ خوشگوار قدم سمجهيو پيو وڃي۔ سنڌ جي سينيئر وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه گڏجي هن سروس جو افتتاح ڪيو۔ ماضي ڏانهن موٽي ڏسجي ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر 1950ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿيندڙ ڊبل ڊيڪر بسون ڇو ختم ٿي ويون هيون۔

ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات 1950ع کان 1960ع تائين هئي جڏهن ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلنديون هيون ۔ پهريون ڀيرو 1950ع جي ڏهاڪي ۾ متعارف ڪرايون ويون۔ ان وقت ڪراچي پاڪستان جو گاديءَ جو هنڌ هو ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي جديد بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا پئي ويا۔ گهڻيون ڊبل ڊيڪر بسون برطانيا (يو ڪي) مان درآمد ڪيون ويون، جن ۾ خاص طور تي Leyland ڪمپني جون بسون شامل هيون۔ اهو سنهري دور1960 ع کان 1980ع تائين رهيو هي دور ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو سنهري زمانو ليکيو وڃي ٿو۔ ڊبل ڊيڪر بسون شهر جي اهم رستن تي هلنديون هيون، جن ۾ صدر، ايم اي جناح روڊ، لياقت آباد، ناظم آباد، بندر روڊشامل هئا۔ بس جي مٿين منزل خاص طور تي نوجوانن ۽ ٻارن ۾ تمام گهڻي مقبول هئي۔ ان دور جون بسون مضبوط، کليل ۽ نسبتاً محفوظ سمجهيون وينديون هيون۔

زوال جي شروعات ڪڏهن کان شروع ٿي هئي 1980ع کان 1990 تائين جو دور هو ۔1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڊبل ڊيڪر بسن کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ مناسب سار سنڀال جي کوٽ، وڌندڙ ٽريفڪ ۽ تنگ ٿيندڙ رستا، پارٽس جي عدم دستيابي، مني بسز ۽ ڪوچ سروس جو وڌڻ شامل هئا۔ ان سبب ڊبل ڊيڪر بسون آهستي آهستي شهر مان غائب ٿيڻ لڳيون۔ مڪمل خاتمو1990 ع ۾ ٿيو ۔1990ع جي ڏهاڪي تائين ڪراچي مان ڊبل ڊيڪر بسون تقريباً مڪمل طور تي ختم ٿي ويون۔ حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ ادارا انهن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪو مؤثر منصوبو آڻي نه سگهيا۔

ڊگهي عرصي تائين ڊبل ڊيڪر بسون ڪراچي ۾ صرف يادگيرين جي علامت بڻيل رهيون۔ مختلف دورن ۾ سياحتي مقصدن يا ثقافتي تقريبن لاءِ انهن کي ٻيهر آڻڻ جون ڳالهيون ٿيون، پر باقاعده سروس شروع نه ٿي سگهي۔ ڊبل ڊيڪر بس ڪراچي جي سڃاڻپ، تهذيب ۽ ماضي جي منظم پبلڪ ٽرانسپورٽ جي علامت رهي آهي۔

آخرڪار سنڌ حڪومت پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو۔ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمن چيو ته حڪومت سنڌ عوام سان واعدو ڪيو هو ته ڊسمبر 2025ع ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ڪراچي جي روڊن تي نظر اينديون، ۽ 31 ڊسمبر 2025ع تي اهو واعدو پورو ٿي ويو۔ هن نئين سال جي اڳواٽ مبارڪباد ڏيندي چيو ته حڪومت سنڌ جي ڪوشش آهي ته 2026ع ۾ سڄي سنڌ جي عوام کي وڌيڪ بهتر ٽرانسپورٽ سهولتون مهيا ڪيون وڃن۔ ڪراچي مان هن منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آهي۔ شرجيل انعام ميمن ٻڌايو ته شروعاتي طور ڊبل ڊيڪر بسن جي تجرباتي سروس شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 1 جنوري 2026ع کان عوام باضابطه طور انهن بسن ۾ سفر ڪري سگهندو۔ وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن موجب حڪومت جو هدف آهي ته 2026ع دوران ڪراچي جي وڌ کان وڌ رستن تي ڊبل ڊيڪر بسون هلائيون وڃن۔ هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ هفتي ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اليڪٽرڪ (EV) بسن جا نوان روٽ به شروع ڪيا پيا وڃن۔ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي هدايتن مطابق ٽرانسپورٽ کي عوام جي بنيادي ضرورت سمجههي اهڙا منصوبا متعارف ڪرايا پيا وڃن، جن سان عام ماڻهوءَ کي سڌو فائدو ملي۔ ايئر ڪنڊيشنڊ بسون، گهٽ ڀاڙو ۽ هر مسافر لاءِ سبسڊي مهيا ڪرڻ جو مقصد عوام کي حقيقي سهولت مُهيا ڪرڻ آهي۔ شرجيل انعام ميمن موجب پيپلز بس سروس ذريعي روزانو سوا لک مسافر سفر ڪن ٿا۔اورنج لائن ۽ گرين لائن بي آر ٽي مان لڳ ڀڳ 75 هزار مسافر فائدو وٺي رهيا آهن۔مختلف سروسز کي ڳنڍي روزانو هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. حڪومت جو هدف آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۽ هر وڏي روڊ تي بس سروس متعارف ڪرائي وڃي۔ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، ميئر ڪراچي سان گڏ شهر جي وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن۔ سنڌ ڪابينا ڪراچي جي صنعتي علائقن جي سڙڪن لاءِ 9 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي آهي۔ شاهراهه ڀٽو، لنڪ روڊ، ريڊ لائن ۽ يلو لائن بي آر ٽي سميت ڪيترائي ميگا منصوبا مارچ 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ وارا آهن۔ افتتاحي تقريب ۾ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد، سنڌ حڪومت جي ترجمان مصطفىٰ عبدالله بلوچ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪنول نظام ڀٽو، پيپلز بس سروس جي سي اي او صهيب شفيق، آپريشنل مينيجر عبدالشڪور ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.