پيٽروليم اگهن جي لاٿ جو ثمر سڌو سنئون عوام کي ملڻ گهرجي

حڪومت هڪ پاسي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ترتيب وار 10 روپيا ۽ ڊيزل ساڍا 8 روپيا سستي ڪري يقينن عوام کي نئين سال جو تحفو ڏنو  آهي پر اهي به رپورٽون آهن ته ساڳي وقت ايل پي جي به 10 روپيا 68  پيسا مهانگي ڪري ڇڏي آهي ۽ گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 126 روپيا 9 پيسا اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

هتي اسان ان ڳالهه تي بحث نه ڪنداسين ته هڪ پاسي پيٽروليم ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽايا ويا آهن ته پوءِ ايل پي جي جو اگهه وري ڇو وڌايو ويو آهي پر  هتي جو موضوع اهو آهي ته جڏهن به پيٽروليم ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽايا ويندا آهن ته ان سان مهانگائي ۾ ڪمي يا پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾  ڇو نه گهٽتائي ايندي آهي. پر جڏهن پيٽروليم ۽ ڊيزل جا اگهه وڌايا ويندا آهن ته پوءِ فوري طور تي مهنگائي جو طوفان برپا ٿي ويندو آهي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ وارا به فوري ۽ هنگامي طور تي ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏيندا آهن پر جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽجي ويندا آهن ته ان جو مهنگائي جي گهٽتائي ۽ ڀاڙن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي جو اثر ناهي ٿيندو.

ان سوال جو جواب حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ جي وزارت کي ڏيڻ گهرجي ته ايئن ڇو ٿيندو آهي ته  پيٽروليم ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو ته فوري طور تي مهانگائي ۽ ڀاڙن ڀتن جي واڌ ۾ اضافو ٿي ويندو آهي پر جيڪڏهن تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي ته ان جو اثر ڇو نه ٿيندو آهي. اهو به سوال اهم آهي ته ڇا حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ جي وزارت پاڻ اها ڳالهه نوٽ به ڪئي آهي يا اها ان معاملي کي سنڀالڻ ۾ ناڪام وئي آهي يا اها مهانگائي وڌائيندڙ مافيائن جي آڏو مجبور ۽ ڪمزور آهي. اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته عوامي ۽ ميڊيا خاص ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سطح تي ان معاملي کي طاقتور انداز سان ناهي اٿاريو ويو جو حڪومت دٻاءُ  محسوس ڪري البت ان معاملي ۾ اسان ماضي ۾ ڏٺو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جڏهن به پيٽروليم ۽ ڊيزل جي اگهن  سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽائڻ جو حڪومتي فيصلو ڪيو ويندو هو ته اهي روڊن تان گاڏيون هٽائي يعني هڙتال ڪري ڇڏيندا هيا جنهن نتيجي ۾ حڪومت کي سندن آڏو گوڏا کوڙڻا پوندا هيا ۽ اُها سندس مطالبا مڃي وٺندي هئي پر عوام ايڏو زوردار ردعمل نه ڏيکاري سگهندو هو نه ئي  ميڊيا ان معاملي ۾  حڪومت تي دٻاءُ وجهي سگهندي هئي. پنهنجو خيال اهو آهي ته حڪومتي پاليسي به ان جي ذميوار آهي. مثال طور ماضي ۾ جڏهن پيٽروليم جي اگهن ۾ ماهوار ردوبدل ٿيندو هو ته تڏهن حڪومت کي ڪا فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ جو موقعو هوندو هو پر جڏهن کان پيٽروليم ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ردوبدل پندرنهن وار ٿيڻ لڳي آهي ته حڪومت جو ڪنٽرول ختم ٿي چڪو آهي ان کي پندرنهن ڏينهن اندر ڪا ڪارروائي ڪرڻ جو موقعو ئي نٿو ملي مثال طور جيڪڏهن  پهرين پندرنهن ڏينهن ۾ پيٽروليم ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽايا وڃن ٿا ته ٻئي پندرهين ڏينهن ۾ وري تيل جا اگهه وڌايا وڃن ٿا. پوءِ حڪومت ڪيئن مهانگائي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن کي ڏسي سگهندي. البت مهانگائي ڪندڙ مافيائون ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا مالڪ پنهنجي مفاد ۾ پندرهين ڏينهن اندر مهانگائي ۾ به واڌ ڪري ڇڏين ٿا ته ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به اضافو ڪري وڃن ٿا پر جڏهن مهانگائي ۽ ڀاڙا گهٽائڻ جو وقت اچي ٿو ته پوءِ اهي ڪنهن جي به نٿا ٻڌن.

ان جائزي وٺڻ مان مراد اها آهي ته جيڪڏهن حڪومت سال 2026 جي پهرين پندرهين ڏينهن لاءِ پيٽروليم ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي آهي ته  ان جو فائدو  صرف ۽ صرف پيٽرول ۽ ڊيزل تي گاڏيون هلائيندڙن جو انفرادي طور فائدو ٿئي ٿو پر ان جو مجموعي طور تي عوام کي فائدو نٿو رسي ته پوءِ ان کي عوام لاءِ ڪهڙو تحفو سمجهجي؟

ٿيندو ايئن آهي ته جڏهن ته پيٽروليم ۽ ڊيزل جا اگهه وڌايا ويندا آهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏين تي جيڪي به مارڪيٽ جون شيون هڪ جڳهه تان کڻي ٻي جڳهه تائين پهچايون وينديون آهن تن جي قيمت وڌائي مهانگائي ڪئي ويندي آهي ته جيئن اها اضافي قيمت پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌيل اگهن ۾ ڪتب آڻجي. مثال طور ڪا گاڏي يا موٽر سائيڪل کير ڪٿان کڻي پهچائي ٿي ته اها پيٽرول ۽ ڊيزل جي واڌ واري قيمت  کير جو ملهه وڌائي گراهڪن کان وصول ڪري ٿي. پوءِ ان جي مرضي آهي ته کير جو ملهه ڪيترو وڌايو وڃي ٿو پر جڏهن پندرنهن ڏينهن کان پوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگهه گهٽجي ٿو ته کير آڻيندڙ گاڏي ۽ موٽر سائيڪل کي ته انفرادي طور فائدو ٿئي ٿو پر کير جو وڌايل اگهه پوءِ نٿو گهٽائجي، ان جي قيمت صرف وڌندي آهي، گهٽجندي ناهي. اها صورتحال مارڪيٽ ۽ واپار  جي هر شئي سان لاڳو آهي مثال اسان صرف هتي کير جو ڏنو آهي.

ڇا اها عوام سان زيادتي ناهي ۽ جيڪڏهن زيادتي آهي ته پوءِ ان جو ازالو ڪير ڪندو.  پاڻ ته جڏهن به پيٽروليم ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽبا آهن ته هن ايڊيٽوريل ۾ اهو ئي لکندا رهيا آهيون ته ان جو فائدو سڌو سنئون عوام کي ملڻ گهرجي. هاڻي به جڏهن سال 2026 جي پهرين پندرهين ڏينهن پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽيا آهن ته هميشه وانگر اسان حڪومت جو ڌيان ايڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته ان جو فائدو مجموعي طور تي عوام کي ٿيڻ گهرجي، مهانگائي ۾ ڪمي اچڻ گهرجي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ پڻ فوري طور تي لاٿ اچڻ گهرجي پر موجوده پندرهين ڏينهن واري حڪومتي مئڪنزم ۾ اهو ممڪن ناهي. ان لاءِ هميشه وانگر اسان هتي به اها تجويز ڏينداسين ته  پيٽروليم ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ردوبدل جي پاليسي تبديل ڪري گهٽ ۾ گهٽ ماهوار ڪئي وڃي، ان ۾ ئي ممڪن آهي ته عوام کي ڪجهه لاڀ ملي، ٻي صورت ۾ پندرهين وار پاليسي ۾ ڪو فائدو ناهي. اسان جو حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ جي وزارت کي وينتي آهي ته اها ان ڏس ۾  پنهنجي پاليسيءَ تي نظرثاني ڪري ته جيئن پيٽروليم ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ جو مجموعي طور تي عوام کي فائدو ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.