ملڪي جمهوريت لاءِ جيڪي ڪجهه ڏينهن ”ڪارا ڏينهن“ طور ياد رکيا ويندا انهن مان 27 هين ڊسمبر جي تاريخ جو به هڪ ڏينهن آهي جنهن ڏينهن ملڪ جي ٻه ڀيرا چونڊيل خاتون وزيراعظم بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. جمهوريت جي تباهي آڻيندڙ انهن ڪارن ڏينهن ۾ اسان هر مارشلائي ڏينهن، ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جو ڏينهن، 1971ع جي چونڊن جي نتيجي کي نه قبولڻ جو ڏينهن جنهن نتيجي ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو هو، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڏينهن کي سمجهون ٿا. اهي مٿي ڄاڻايل سڀ ڏينهن ملڪ جي جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي تي حملا آهن. ته ڇا اهو ثابت نٿو ٿئي ته هڪڙيون سامراجي ۽ ملڪ جون غير جمهوري طاقتون ملڪ اندر جمهوري نظام جون ويري آهن ۽ اهي ملڪ کي غير جمهوري طريقي سان هلائيندي آمريتي نظام جون حامي رهيون آهن ۽ ٻئي پاسي وري اهي ڌريون آهن جن هميشه ملڪ اندر نظرياتي طور جمهوري نظام چاهيو آهي ۽ سڄي ڄمار ان لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، اهڙي نظرياتي شخصيتن مان محترمه بينظير ڀٽو به هڪ هئي جنهن کي جمهوريت جي بحالي، بقا ۽ مضبوطي لاءِ ڪيل جدجهد تي شهيد ڪيو ويو.
محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ ڪردار جا ڪيترائي تاريخ ساز پاسا آهن. پهريون تاريخ ساز پاسو اهو آهي ته هن پنهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سندس سياسي ورثي ۽ سندس پارٽيءَ کي سنڀاليو. باوجود ان جي ته ان وقت بينظير ڀٽو تمام ننڍي عمر جي هئي جيڪا چاهي ها ته عياشين واري زندگي گذاري سگهي پئي پر هن پنهنجي زندگي شهيد ڀٽي جي مشن جي تڪميل لاءِ وقف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مها ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق جي ڊگهي يارهن سالن واري ڇتي مارشل لا سان مقابلو ڪندي ملڪ جي عوام سان گڏ بيٺي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ يادگار ۽ لاڳيتو جدوجهد ڪئي ۽ آخرڪار آمريتي طاقتن کي بينظير ڀٽو هٿان شڪست کائڻي پئي ۽ انهن آخرڪار بينظير ڀٽو کي چونڊن ذريعي اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو ڏنو. جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد کي اسان سندس زندگي جو پهريون تاريخ ساز عمل سمجهون ٿا.
بينظير ڀٽو جو ٻيو تاريخ ساز واقعو سندس وزيراعظم بڻجڻ هو. هُوءَ رڳو وزيراعظم ئي نه بڻي هئي پر هن ملڪ ۽ سڄي اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجڻ جو پڻ اعزاز حاصل ڪيو هو. وزارت عظميٰ جو عهدو ماڻڻ کان پوءِ به بينظير ڀٽو جو آمريتي طاقتن سان مقابلو جاري هو پر هن اهو شعوري ۽ نظرياتي طور تي سوچي ورتو هو ته ”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي“ سو هن ناپسنديده اقتداري ماحول ۾ به جمهوريت کي بهترين انتقام سمجهندي اقتداري سيٽ اپ رهڻ جو فيصلو ڪيو. هن جا حڪومت ۾ هوندي به اسٽيبلشمينٽ سان اصولي تڪرار رهيا جنهن سبب ٻه ڀيرا سندس چونڊيل حڪومت کي برطرف ڪيو ويو ۽ ڪوشش ڪئي وئي ته عوام جي آڏو کيس ناڪام حڪمران ثابت ڪجي. سندس ٻي حڪومت ۾ سندس ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽو کي پوليس هٿان شهيد ڪيو ويو ۽ سمجهيو ويو ته بينظير ڀٽو ان واقعي واري عظيم سانحي تي حڪومت تان استعيفيٰ ڏئي ويندي پر بينظير ايئن نه ڪيو ۽ انتظار ڪيو ته جن طاقتن منهنجي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ منهنجي ڀاءُ کي شهيد ڪرايو آهي تن کي وائکو ڪجي ۽ پوءِ واقعي به بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ويو ايئن بينظير جي حڪومت سياسي طور شهيد ٿيڻ پسند ڪيو.
سو بينظير ڀٽو جيئن ته جمهوريت کي ئي بهترين انتقام جو فلسفو سمجهيو تنهن ڪري هن حڪومت ۾ اچي آمريتي طاقتن کان انتقام پڻ ورتا. اها به حقيقت آهي ته وقت سان گڏ هوءَ نه رڳو سياسي طور ميچوئر ٿيڻ لڳي هئي پر جمهوريت جي علامت به بڻجي وئي هئي ۽ جڏهن ضياءَ الحق جي سخت ترين ۽ ڊگهي مارشل لا جو مقابلو ڪرڻ کان پوءِ کيس جنرل مشرف جي آمريتي دور جو مقابلو ڪرڻو پيو ته تيستائين اها تجربيڪار سياستدان بڻجي چڪي هئي. مشرف جي دور ۾ هن پنهنجي سڀ کان وڏي مخالف جماعت مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف سان لنڊن ۾ جيڪو ”ميثاق جمهوريت“ ڪيو تنهن کي اسان سندس سياسي تجربي ڪاري جو اوج سمجهون ٿا. ان ميثاق جمهوريت ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ملڪ جون اهي ٻه اقتداري جماعتون يعني پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) آئينده عوام جي ووٽ جو احترام ڪندي هڪٻئي جون حڪومتون وقت کان اڳ برطرف ڪرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ نه ڏينديون بلڪه هڪٻئي کي حڪومتي مدو پورو ڪرڻ ڏينديون ان سان ئي ملڪ اندر جمهوري ۽ پارلياماني نظام مضبوط ٿيندو ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو.
هن ملڪ ۽ عوام جي بدقسمتي اها آهي ته بينظير ڀٽو جي جمهوري جدوجهد جي وسيع تجربي مان فائدو نه ورتو ويو پر ان کي رستي تان ئي هٽائڻ لاءِ اڄوڪي ڏينهن 27 ڊسمبر تي راولپنڊي جي لياقت باغ واري چونڊ جسلي کان پوءِ شهيد ڪيو ويو. ايئن بينظير ڀٽو کي ميثاق جمهوريت جو روح جمهوري ملڪي نظام ۾ اوتڻ جو موقعو نه ملي سگهيو پر ان کان پوءِ ميثاق جمهوريت تي هلڻ جي سڌي سنئين ذميواري نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جي ڪلهن تي اچي وئي هئي. ان ميثاق جمهوريت کان پوءِ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي لاڳاپن ۾ نمايان تبديلي نظر آئي آهي جنهن جو سڀ کان وڏو ۽ حيرت جوڳو مثال اهو آهي ته اڄ اهي ٻئي جماعتون وفاقي حڪومت ۾ هڪٻئي جون سهڪاري بڻيل آهن، پر جيڪڏهن ان ميثاق جمهوري نظام جي خالق پاڻ بينظير ڀٽو هجي ها ته يقينن جمهوري نظام ۾ وڌيڪ بهتري نظر اچي ها. ممڪن آهي آهي ته بينظر ڀٽو اڳتي هلي تحريڪ انصاف جي عمران خان کي به ميثاق جمهوريت جو حصو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها. جنهن جي اڄ سخت ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي.
بهرحال حقيقت ته اها به آهي ته بينظير ڀٽو جي ڪمي جيئن جيئن وقت ۽ سال گذري رهيا آهن ته وڌ کان وڌ ئي محسوس ڪئي پئي وڃي. بينظير ڀٽو جي وسيع جمهوري تجربي مان نه رڳو ملڪ، عوام ۽ جمهوري ادارن کي فائدو رسي ها پر ڪيترين ئي اقتداري سياسي جماعتن کي ان مان سکڻ جو موقعو ملي ها. سو اڄوڪي 27 هين ڊسمبر واري ڏينهن کي نه رڳو اسان بينظير ڀٽو جي شهادت ڪري جمهوريت لاءِ ڪارو ڏينهن تصور ڪيون ٿا پر ساڳي وقت ان ڏينهن کي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي جمهوري جدوجهد کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن پڻ سمجهون ٿا.