لاهور (امداد سومرو) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لاءِ هاڻ هڪ نئون ۽ سنجيده چئلينج پيدا ٿيندو پيو وڃي، جيڪو تيزي سان وڌي رهيو آهي . هاڻي سوال اهو آهي ته مريم نواز ان کي ڪيئن منهن ڏيندي، ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪندي ۽ ڪهڙي طريقي سان ان صورتحال کي سنڀاليندي، اهو وقت ئي ٻڌائيندو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج عاليا نيلم ”پروٽيڪشن آف پراپرٽي اونرز ايڪٽ 2025“ بابت اهم رمارڪس ڏنا آهن . هي قانون مريم نواز حڪومت منظور ڪيو هو، جنهن تحت ڊپٽي ڪمشنرن کي اختيار ڏنا ويا ته هو زمينن بابت تڪرار حل ڪن عدالت اڳ ئي اهڙن قدمن تي اسٽي ڏئي چڪي هئي، پر ان باوجود ڪٿي ڪٿي فيصلا ڪيا ويا، جنهن تي عدالت سخت ناراضگي ظاهر ڪئي آهي . هڪ ڪيس ۾ 40 ايڪڙ زمين جو معاملو هو، جتي عدالت چيو ته جيڪڏهن اسٽَي موجود هجي ته پوءِ ڊپٽي ڪمشنر کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي . سرڪاري وڪيلن به تسليم ڪيو ته ڊي سي پنهنجن اختيارن کان وڌي ويا آهن . عدالت چيو ته مسئلو اهو ناهي ته فيصلا ڇو ڪيا ويا، پر مسئلو اهو آهي ته جڏهن عدالت روڪ لڳائي چڪي هجي ته پوءِ اهي فيصلا ٿي ڪيئن سگهيا . ان حوالي سان اڳ به عدالت ۽ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي چڪي آهي هڪ موقعي تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا هئا ته جيڪڏهن اهڙو قانون رهيو ته اڌ ڪلاڪ ۾ جاتي امرا خالي ٿي سگهي ٿو، جنهن تي حڪومت طرفان سخت ردعمل آيو هو . پوءِ وچ ۾ ماڻهن ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته معاملو ٽڪراءَ تائين نه وڃي . حقيقت اها آهي ته قانون پاڻ ۾ خراب ناهي، پر ان تي عملدرآمد لاءِ جيڪي ٽربيونل ۽ طريقا هجڻ گهرجن، اهي مڪمل نه ڪيا ويا، جنهن سبب مسئلو پيدا ٿيو جيڪڏهن حڪومت ٿورو وقت وٺي صحيح طريقي سان عملدرآمد شروع ڪري ها ته شايد عدالت مداخلت نه ڪري ها هاڻي صورتحال اها آهي ته وڪيل برادري به هن قانون خلاف بيٺل آهي، ۽ جيڪڏهن وڪيل ۽ عدالت گڏ ٿي ويا ته مريم نواز حڪومت لاءِ معاملو ڏکيو ٿي سگهي ٿو . ان ڪري ضروري آهي ته هن معاملي کي سمجهه، صلاح مشوري ۽ سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي، ڇو ته قانون سٺو آهي، پر ان کي سمجهه سان لاڳو ڪرڻو پوندو.