بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن دوران هڪ هندو شخص جي هلاکت ٻنهي پاڙيسري ملڪن، بنگلاديش ۽ هندستان، جي اڳ ۾ ئي تڪراري لاڳاپن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي۔ هاڻي ٻئي ملڪ لڳاتار هڪ ٻئي کي لاڳاپا خراب ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن، پنهنجن سفارتي عملدارن کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن ۽ عوامي سطح تي بيان جاري ڪري رهيا آهن۔ اهڙي صورتحال ۾ سوال اڀري ٿو ته ڇا ماضي جا اتحادي ۽ ويجهڙا دوست ٻيهر گڏ ٿي سگهندا؟ بنگلاديش سان تعلق رکڻ وارو 27 سالن جو هندو شهري ڊيپو چندرا هڪ مشتعل هجوم هٿان توهين مذهب جو الزام لڳائڻ کان پوءِ مارجي ويو، جنهن تي ڀارت ۾ هندو انتها پسند گروپن وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو. هي قتل ان وقت پيش آيو جڏهن ڍاڪا ۾ شاگرد اڳواڻ عثمان هادي جي قتل کان پوءِ تشدد واري صورتحال پيدا ٿي وئي۔ عثمان هادي جي حامين جو الزام آهي ته کيس قتل ڪندڙ بنيادي جوابدار عوامي ليگ سان تعلق رکي ٿو ۽ اهو شخص قتل کان پوءِ ڀارت ڀڄي ويو، جنهن سبب بنگلاديش ۾ هندستان مخالف جذبات وڌيڪ ڀڙڪي اٿيا۔ البت بنگلاديشي پوليس جو چوڻ آهي ته اهڙو ڪو ثبوت ناهي ته مبينا جوابدار ملڪ ڇڏي ويو آهي۔
ان وڌندڙ تلخي جي پسمنظر ۾ ٻنهي ملڪن ڪيترن ئي شهرن ۾ ويزا خدمتون به معطل ڪري ڇڏيون آهن ۽ ٻنهي جو الزام آهي ته انهن جي سفارتي مشنز کي مناسب سيڪيورٽي فراهم نٿي ڪئي وڃي۔ انهن سيڪيورٽي خدشن سبب تازن ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن پنهنجي پنهنجي هاءِ ڪمشنرن کي به طلب ڪيو آهي۔ ڍاڪا ۾ ڀارت جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر ريوا گنگولي بي بي سي کي ٻڌايو ته هوءَ اميد ڪري ٿي ته حالتون وڌيڪ خراب نه ٿين، پر بنگلاديش ۾ سياسي ۽ سماجي افراتفري جي ڪري اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي۔ بنگلاديش ۾ هندستان مخالف جذبات ڪا نئين ڳالهه نه آهي۔ عوامي حلقن ۾ اها شڪايت موجود هئي ته شيخ حسينه جي 15 سالن جي دورِ حڪومت ۾ هندستان جي اثر رسوخ ۾ بي انت وڌاءُ ٿيو۔ اهو غصو ان وقت وڌيڪ وڌي ويو جڏهن شيخ حسينه معزوليءَ کان پوءِ ڀارت وڃي پناهه ورتي ۽ هاڻي ڍاڪا جي بار بار مطالبن باوجود ڀارت کيس حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔
عثمان هادي جي قتل کان پوءِ اطلاع آهن ته ڪجهه نوجوان اڳواڻن کلي هندستان مخالف بيان ڏنا। تازن هفتن ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪيترائي ڀيرا مظاهرين کي ڍاڪا ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ڏانهن مارچ ڪرڻ کان روڪيو۔ چٽاگانگ ۾ به مشتعل هجوم ڀارتي اسسٽنٽ هاءِ ڪميشن جي عمارت تي حملو ڪيو، جنهن کان پوءِ پوليس 12 ماڻهن کي گرفتار ڪيو، پر بعد ۾ ڇڏائي به ڇڏيو۔ ان جواب ۾ ڀارت ۾ به ريليون ڪڍيون ويون۔ بنگلاديش دهلي ۾ پنهنجي سفارتي مشن ٻاهران هندو گروپن جي احتجاج تي سخت اعتراض ڪيو ۽ ان کي ”غير منصافاڻو“ قرار ڏنو۔ بنگلاديش جي اڳوڻي سفارتڪار همايون كبير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهڙي بي اعتمادي اڳ ڪڏهن به نه رهي۔ هن چيو ته بين الاقوامي قاعدن تحت ٻنهي کي هڪ ٻئي جي سفارتي مشنز کي تحفظ ڏيڻ ضروري آهي۔ هيٺ ڏنل ڳالهه پڙهندڙن لاءِ ڏک جو سبب ٿي سگهي ٿي: هن سڄي صورتحال دوران ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ”داس“ نالي هندو ملازم کي هڪ هجوم هٿان تشدد ڪري ماري ڇڏيو۔ توهين مذهب جو الزام لڳائي کيس وڻ سان ٻڌي ساڙيو ويو۔ سندس قتل جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جنهن ٻنهي ملڪن ۾ وڌيڪ غصو ڀڙڪايو۔
بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس چيو ته ”نئين بنگلاديش ۾ اهڙي تشدد جي ڪا جاءِ ناهي“ ۽ قاتلن خلاف سخت ڪارروائي جو واعدو ڪيو। پوليس موجب هن واقعي ۾ 12 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن هندو شخص جي قتل بنگلاديش ۾ اقليتن ۽ سول سوسائٽي جي تحفظ بابت ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي، ڇو ته شيخ حسينه جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ مذهبي شدت پسند وڌيڪ جرئت سان سامهون اچي رهيا آهن۔ تازن ڏينهن ۾ مذهبي انتها پسند ماڻهن مزارن جي بي حرمتي ڪئي، هندو آبادي تي حملا ڪيا، عورتن جا راندين جا پروگرام روڪيا ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ رڪاوٽ وڌي۔ انساني حقن جي تنظيمن به وڌندڙ تشدد تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔ سياسي تجزياڪار آصف بن علي جو چوڻ آهي ته سخت گير گروهه پاڻ کي هاڻي حڪومتي قوت جو حصو سمجهن ٿا ۽ ملڪ جي وسيع مفادن بابت سوچڻ نٿا چاهين۔ هن چيو ته اهي ماڻهو اهڙو بيانيه ٺاهي رهيا آهن ته جيڪو انهن جي مخالفت ڪري ٿو، اهو ڀارت جو حامي آهي، جنهن سبب ٻين تي حملن جو جواز پيدا ڪيو پيو وڃي۔بنگلاديش ۾ ڪيترن ماڻهن جو شڪ آهي ته اسلامي شدت پسند انهن گروپن جو حصو هئا، جن اخبارن ۽ ثقافتي ادارن جي عمارتن تي حملا ڪيا ۽ ساڙيا، صرف ان بنياد تي ته اهي ”ڀارت نواز“ آهن۔ سول سوسائٽي عبوري حڪومت تي به تنقيد ڪري رهي آهي ته اها تشدد روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ چونڊيل حڪومت ضروري آهي۔ ملڪ ۾ 12 فيبروري تي چونڊون ٿيڻيون آهن، ۽ ان وقت تائين محمد يونس لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ امن بحال ڪري۔
هاڻي جڏهن عوامي ليگ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ناهي، بي اين پي جي ڪاميابي جا امڪان وڌي ويا آهن، پر جماعت اسلامي به چيلينج بڻجي سگهي ٿي۔ مستقبل بابت خدشا موجود آهن، ڇو ته مذهبي گروهه ڀارت مخالف جذبات وڌيڪ ڀڙڪائي رهيا آهن۔ آصف بن علي چيو ته ”ڀارت مخالف سياست جو اصل نشانو ڀارت نه، پر پاڻ بنگلاديشي شهري، خاص ڪري اقليتون ۽ سيڪيولر سوچ وارا ماڻهو آهن۔“ڀارت به صورتحال کان واقف آهي ۽ هڪ پارلياماني ڪميٽي هن کي 1971 کان پوءِ وڏي اسٽرٽيجڪ چيلينج قرار ڏنو آهي۔ بنگلاديشي اڳوڻن سفارتڪارن جو خيال آهي ته ڀارت کي حقيقت مڃي بنگلاديش سان رابطو وڌائڻ گهرجي۔ ڀارت اڳ چيو آهي ته اها بنگلاديش ۾ چونڊيل حڪومت سان ڳالهه ڪندو، جنهن سان لاڳاپن جي بحالي جا رستا کلي سگهن ٿا۔ مبصرن موجب نئين حڪومت جي اچڻ تائين ٻنهي ملڪن کي تحريڪ ۽ جذباتي فضا کي وڌيڪ تڪرار ۾ نه بدلڻ ڏيڻ گهرجي۔