سياست سان لاڳاپيل علمي ۽ فڪري بحثن ۾ هميشه هڪ بنيادي نُڪتو پيش ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ معاشي ترقي سياسي اڪيلائي ۾ ممڪن ناهي هوندي ۽ هن ترقي واري عمل کي وڏي سياسي فريم ورڪ اندر ڏسڻ ضروري هوندو آهي۔ هن ئي نُڪتي کي بنياد بڻائي اها منطق به ڏني ويندي آهي ته معاشي ترقي ۽ استحڪام جي چاٻي ملڪ جي مجموعي سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي۔ جيڪڏهن ملڪ جو نظام سياسي انتهاپسندي، سياسي محاذ آرائي، تڪرار يا سياسي دشمني جي شڪل اختيار ڪري وٺي ته پوءِ ڀلي ڪهڙيون به بهتر معاشي پاليسيون اختيار ڪيون وڃن، اهي ملڪ کي گهربل نتيجا نٿيون ڏئي سگهن۔ جڏهن به اسان جي قيادت معاشي ترقي ۽ استحڪام جي ڳالهه ڪري ٿي يا ”ميثاق معيشت“ تي زور ڏنو وڃي ٿو، تڏهن اسان سياست سان جڙيل مسئلن، سياسي عدم استحڪام ۽ سياسي اڪيلائي کي نظرانداز ڪري صرف معيشيت کي سنوارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهيون۔
هن وقت ملڪ طور پاڪستان سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جتي معيشت بگاڙ طرف وڃي رهي آهي، اتي ئي سياسي ورهاست به وڌندي پئي وڃي۔ ساڳئي پس منظر ۾ سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جا مسئلا به وڌي رهيا آهن۔ پر جيڪڏهن حڪومت جي سطح تي ڏسون ته لڳي ٿو يا ته انهن کي هر طرف خوشحالي ئي خوشحالي نظر اچي ٿي، يا انهن کي واقعي حالتن جو شعور ناهي، يا وري هو حالتن جي سنگيني کي ماڻهن کان لڪائي اڳتي وڌڻ چاهين ٿا۔
هاڻي به قومي سطح تي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان سياسي ۽ معاشي هدف حاصل ڪري وٺنداسين ۽ ملڪ ترقي جي سفر ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويندو۔ پر مسئلو اهو آهي ته اهو بحران رڳو حڪمران طبقي تائين محدود ناهي، پر مجموعي طور اسان سڀئي جذباتيت جي بنياد تي معاملن کي ڏسڻ جا عادي ٿي وياسين آهيون۔ حڪمراني جو بحران جتي بيٺو آهي، ان جي هڪ وڏي سبب اسان جي ترجيحن ۾ شفافيت جي کوٽ آهي، گڏوگڏ جديد ۽ حقيقي بنيادن تي مسئلن جي درجا بندي نه ڪرڻ ۽ غير ضروري معاملن ۾ الجهي ملڪ جي نظام کي ڪمزور ڪرڻ آهي۔
اسان کي اندازو ئي ناهي ته ملڪ سان لاڳاپيل عام، ڪمزور ۽ محروم طبقا حڪمراني جي مجموعي نظام کي ڪهڙي نظر سان ڏسن ٿا ۽ انهن جا خدشا ڪهڙا آهن۔ اهو سڀ تڏهن ٿيندو آهي جڏهن حڪمراني جو مجموعي نظام طبقاتي بنيادن تي هلندو آهي ۽ سندن ترجيح عام ماڻهن بدران سماج جي طاقتور طبقا بڻجي ويندا آهن۔ اهو ئي اهو رويو آهي جيڪو معاشري ۾اهو طرزِ عمل حڪمراني جي نظام ۾ عام ماڻهو جي اعتماد يا ڀروسي کي ڪمزور ڪري، انهن ۾ اڳ کان موجود فاصلي کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏي ٿو۔ معيشيت جي ترقي جا سڀئي دعوٰي ان وقت بي معنيٰ لڳن ٿا، جڏهن اندرين سطح تي مالي سيڙپڪاري جا امڪان محدود ٿيندا وڃن ۽ ماڻهو بگڙيل معاشي حالتن سبب پنهنجو سرمايو ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل ڪن يا پنهنجي ٻارن سميت ملڪ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿي وڃن۔ آءِ ايم ايف جي زيراثر يا ان جي مدد سان هلندڙ معيشت ۽ ان جي عيوض ملندڙ معاشي ۽ سياسي حڪمن نامن به سياسي ۽ معاشي خودمختياري تي سنجيده سوال اٿاريا آهن۔
آءِ ايم ايف لڳاتار پاڪستان جي حڪمران طبقي تي مختلف معاشي پاليسين ۽ ادارتي سڌارن لاءِ زور ڏئي رهيو آهي ۽ ان جي مطابق انهن سڌارن کانسواءِ پاڪستان جي معيشت درستگي طرف وڃي ئي نٿي سگهي۔ پر طاقتور حڪمران طبقي جي سامهون سياسي، معاشي يا ادارتي سطح تي ترقي جو ڪو ايجنڊا ناهي، هو اقتدار جي راند ۾ صرف ذاتي سياست ۽ ذاتي مفادن تائين محدود آهن، جيڪو اسان کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران يا ته پوئتي ڌڪي رهيو آهي يا محدود طاقتور طبقن جي حڪمراني کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيو آهي۔ قرضن ۽ وياج تي هلندڙ معيشت جي تناظر ۾ اندروني معاشي ترقي جو خواب ڪمزور ٿي رهيو آهي۔ ٻئي پاسي لڳي ٿو ته حڪمران طبقا ڪنهن به انصاف واري نظام آڏو جوابده ناهن۔ اهي وساري ويٺا آهن ته عوام جون تڪليفون ڪهڙيون آهن، ماڻهو ڪهڙين مشڪلاتن مان گذري رهيا آهن ۽ انهن جو حل ڇا ٿي سگهي ٿو، عام ۽ ڪمزور ماڻهو کي مستقل بنيادن تي معاشي سهارو ڏيڻ بدران انهن کي خيراتي منصوبن تي لڳائي، انهن جي عزت نفس سان به کيڏيو ويو آهي۔ تازو هڪ محفل ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ بجلي چوري ۾ جيڪي ماڻهو پڪڙيا ويا، اهي معاشي طور ڪمزور هئا ۽ جاچ دوران هنن اعتراف ڪيو ته اسان وٽ مهانگا بل ڀرڻ جي سگهه ئي نه هئي، تنهن ڪري اسان بجلي چوري ڪئي۔
ٻئي طرف پاڪستان ۾ حڪمران طبقي جي پنهنجي سياسي مخالفن خلاف کليل جنگ به جاري آهي۔ سياسي مخالفن کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو پيو وڃي ۽ سندن جماعتن کي پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ مخالفن ڏانهن واضح پيغام ڏنو پيو وڃي ته باني پي ٽي آءِ کان الڳ ٿيڻ ئي انهن جي مفاد ۾ آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ سياسي تڪرار ۽ ٽڪراءُ وڌڻ جا امڪان وڌيڪ وڌي رهيا آهن۔ اهڙي وقت ۾ جڏهن معيشت اڳ ئي بدحالي ۽ جمود جو شڪار آهي، ان جي ترقي جا امڪان وڌيڪ محدود نظر اچن ٿا، ڇوته سيڙپڪار اهڙين حالتن ۾ سيڙپڪاري کي محفوظ نٿا سمجهن ۽ ڪاروباري ۽ ادارتي سطح تي جيڪي حالتون پيدا ڪيون ويون آهن، انهن سبب به سيڙپڪار ڀڄي رهيا آهن۔
اسان اهو وساري ويهون ٿا ته سياست ۽ معاشيت جي سطح تي پکڙجندڙ بي چيني حڪمراني جي نظام کي ڪهڙي طرح ڪمزور ڪري ٿي۔ اسان پنهنجي بيانئي جي بنياد تي اندروني سطح تي ماڻهن کي گمراهه ته ڪري سگهون ٿا يا انهن کان حقيقتون لڪائي سگهون ٿا، پر اڄ جي عالمي دنيا ۽ جديد ميڊيا جي دور ۾ جيڪي ڪجهه عالمي ادارا ۽ انهن جي رپورٽن ۾ پاڪستان جي سياست، معيشت، سيڪيورٽي ۽ گورننس بابت انگن اکرن جي بنياد تي چيو ۽ لکيو پيو وڃي، ان کان پنهنجي اکيون ڪيئن بند ڪري سگهنداسين؟
جڏهن معيشت جمود جو شڪار ٿيندي آهي ته ان جي نتيجي ۾ سيڙپڪار به مايوس ٿي ويندو آهي ۽ مجموعي معاشي ترقي جو ڦيٿو بيهي وڃي ٿو۔ آمدني ۽ خرچ ۾ پيدا ٿيندڙ عدم توازن ماڻهن لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو ۽ انهن کي پوئتي ڌڪيندو آهي۔ اهڙي ۾ قومي سطح تي سياسي ويڙهه ۽ ادارن وچ ۾ ڇڪتاڻ حالتن کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي۔
پر سياسي ٽڪراءُ گهٽائڻ ۽ مفاهمت جا امڪان پيدا ڪرڻ بدران، اسين پنهنجي پاليسين، روين ۽ قدمن سان حالتن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيا آهيون۔ خاص طور تي ادارن تي وڌندڙ سياسي تنقيد صورتحال کي وڌيڪ الجهائي ڇڏيو آهي۔ اهڙي وقت ۾ جڏهن حڪمران طبقو پاڻ هڪ وڏو سياسي بار بڻجي چڪو هجي، مسئلن جو حل به نه هجي ۽ سڄي ذميواري اسٽيبلشمينٽ تي ڇڏي ڏني وڃي، تڏهن بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ٿي وڃي ٿو۔ لڳي ٿو ته اسان جو حڪمران طبقو مسئلا حل ڪرڻ بدران انهن کي وڌ کان وڌ بگاڙڻ جي راند جو حصو بڻجي ويو آهي۔ اهڙي صورت ۾ مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ اهو پاڻ هڪ وڏو سوال آهي