عمران خان مٿان سخت ترين ۽ مشڪل ترين ڏينهن گذري رهيا آهن. عمران خان جا نوجوان پٽ محمد قاسم ۽ سليمان جن جو نانو دنيا ۾ سون خريد ڪرڻ توڙي وڪرو ڪرڻ جو وڏو واپاري آهي. جيڪڏهن عمران خان بزدلن جيان آزادي چاهي ته سندس پٽ پاڪستان کي سون ۾ توري ڇڏيندا. پر هو خوف کان نجات واري جنگ وڙهي رهيو آهي. هو چاهي ٿو ته جيڪڏهن موت اچي ويو ته هو تاريخ ۾ زنده رهندو آهي. عمران خان جي پٽن اعلان ڪيو آهي ته هو جنوري ۾ پنهنجي والد سان ملڻ پاڪستان ويندا ان لاءِ انهن ويزا لاءِ به درخواستون ڏنيون آهن. ان کان علاوه انهن اهيو به اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن خدانخواسته سندن بابا کي قتل ڪيو وڃي ٿو ته هو پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي کي هلائيندا. هو چون ٿا ته سندس پٽ پنهنجي امڙ جمائما خان سميت ڀوائتي خواب جي حل جي تلاش ۾ گذريل اڍائي سالن کان نڪتل آهن. سندس پٽ چون ٿا ته سندن والد عمران خان پاڪستان جي گدلي نظام کي دنيا ۾ مڪمل طور اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي. مزي جي ڳالهه ته عمران خان کي خود ڪرپشن جي الزام ۾ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ويئي آهي.
ڇرڪائيندڙ انڪشاف اهيو به ٿيو آهي ته عمران خان جا پٽ پنهنجي والد جي آزادي لاءِ 280 ارب روپيا ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي ويا آهن. مزي جي ڳالهه اهيا آهي ته وزيراعظم اهڙي آفر تي سنجيدگي سان سوچ ويچار ڪري رهيو آهي. موجوده معاشي خراب حالتن ۾ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر وڏو آهي. هن وقت پاڪستاني روپيه 280 روپيه في هڪ ڊالر تي وڪامجي رهيو آهي. هاڻي سودو ٿيندو. اهو سودو ڪيئن ٿيندو. ان بابت ڪابه راءِ نه ٿي ڏيئي سگهجي. مطلب ته جيڪڏهن سودو ٿيو به ته ڇا عمران خان پاڪستان کان ٻاهر نڪري ويندو يا خاموشي اختيار ڪندي پاڪستان ۾ ئي رهندو ۽ ڪابه چرپر نه ڪندو؟ اهيو باقي طئه ٿيئڻو هوندو ۽ اهيو به ممڪن آهي ته جنهن پاڪستاني طاقتور سول سياستدان معرفت اهيو سودو ٿيندو.
بهرحال جنوري ۾ عمران خان جا پٽ پاڪستان اچي رهيا آهن. عمران خان کي صدر زرداري جيڪو مفاهمت جو ابو سڏيو وڃي ٿو ته ٽياڪڙي وسيلي عمران خان کي آزاد به ڪرائي وٺي پر معاملو اسٽيبلشمينٽ جو آهي ان ڪري اسٽيبلشمينٽ جي راضپي کان سواءِ نانگن جي ٻرن ۾ هٿ ڪونه وجهندو. ڇاڪاڻ ته آصف زرداري جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کي ناراض ڪري ٿو ته پوءِ بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب چڪنا چور ٿي ويندو. ايندڙ اليڪشن 2027 ۾ آصف زرداري هر صورت ۾ چاهي ٿو ته پنهنجي حال حياتيءَ ۾ اڪيلي پٽ کي وزيراعظم ڏسي جيڪا سندس جي وڏي خواهش آهي جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ملڪ جا سياستدان سندس مٿان ٽوڪ ڪندا ته هڪ زرداري سڀني سان ياري پر پنهنجي پٽ کي وزارت عظميٰ واري ڪرسيءَ تي به ويهاري نه سگهيو. بحرالحال ڪافي مسئلا ملڪ کي درپيش آهن ۽ پاڪستاني سياست لاءِ جنوري ۽ فيبروري مهينو تمام اهم آهي. عمران خان کي ملڪ جي عوام سان محبت آهي هن جڏهن پنهنجي زال جمائما کي طلاق ڏني هئي ته سندس حصي ۾ ان وقت 5 ارب برطانوي پائونڊ آيا ۽ ڪورٽ جي جج عمران خان کي 5 ارب برطانوي پائونڊ وٺڻ جو حڪم ڪيو. پر عمران خان اهيو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته آءٌ نه وٺندس جيڪو آءُ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڪمايو آهي شڪر الحمد الله زندگي گذارڻ لاءِ ڪافي آهي. عمران خان جا پٽ پراميد آهن ته سندن والد گرامي جنوري ۾ آزاد ٿي ويندو. عمران خان مٿان 200 ڪيس داخل آهن.
پاڪستان جي سياست جي حوالي سان هيءُ حيران ڪندڙ حقيقتون آهن ته گذريل 50 سالن ۾ پاڪستان جي هر وزيراعظم کي ٿوري يا گهڻي وقت لاءِ جيل ۾گذارڻو پوي ٿو ۽ پوءِ هڪ ڏي وٺ يعني سودي بازيءَ وسيلي وزيراعظم جيل مان آزاد ٿين ٿا. هن وقت ملڪ ۾ خاموشي آهي. هاڻي عمران خان لاءِ صرف ٻه دڪان کليل آهن هڪ لنڊن ۾ اچي جلاوطني ڪاٽي يا وري پاڪستان ۾ جيل جي سلاخن ۾ بند ٿيندي.
عمران خان جي پٽن آمريڪا جو به دورو ڪيو آهي ۽ ڊيموڪريٽ ۽ ڪانگريس جي ميمبرن بريڊ شرمين ۽ صدارتي ايلچي رچرڊ گرينل سان پڻ ملاقاتون ڪري چڪا آهن. سليمان جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ پاڪستان جي فيلڊ مارشل جا تعلقات بهتر آهي ۽ شهباز شريف ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل انعام ڏيڻ جي اعلان کان پوءِ آمريڪي صدر شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جي سائيڊ ڏانهن هلي ٿو. سندس پٽ پاڪستان اچي ملڪ جي سياستدانن جن ۾ محمود خان اچڪزئي، مولانا فضل الرحمٰن، بلاول ڀٽو زرداري، نواز شريف، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پارٽي جي سربراهن سان ملاقاتتون ڪرڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيئن سندن جي والد جي آزادي جو ڪو رستو نڪري اچي. پر عام خيال اهيو آهي ته آصف زرداري ڪو رستو ڪڍي سگهي ٿو. پر ان لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو راضپو ضروري هوندو. ورنه بلاول ڀٽو زرداري 2027 ۾ به رهجي ويندو. لڳي ٿو ته آصف زرداري سواءِ ن ليگ جي فيلڊ مارشل کي آمادا ڪري وٺندو ۽ پوءِ ايندڙ اليڪشن پي پي ۽ تحريڪ انصاف گڏجي وڙهي به سگهن ٿيون. ن ليگ کي زيرو ڪرڻ لاءِ. ڇاڪاڻ ته زرداري مفاهمت جو بادشاهه ۽ ٽياڪڙي ڪندڙ طور به مشهور آهي. ان ڪري چون ٿا ته هڪ زرداري سڀني سان ياري. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ڪرڪيٽ جي دنيا عمران خان لاءِ الائجي ڇو خاموش آهي.