حقيقي جمهوري نظام، مقابلو سخت ۽ ڪمزور مزاحمت

تحرير: امتياز عالم

اها ڪانفرنس ڪنهن حد تائين ڪامياب هئي، پر مجموعي طور اها روايتي طريقي واري ڪارروائي (business-as-usual) لڳي. بهرحال شرڪت ڪندڙن جي روين ۾ سڌارو نظر آيو، جيڪو بي اين پي، (ايم)، پي ٽي ايم، بي واءِ سي، ايڇ ڪي پي ۽ ايم ڪي پي جي شموليت سان صاف ظاهر ٿيو. بهتر اهو ٿيندو ته جيڪڏهن رڳو  پي ٽي آءِ تائين محدود مطالبن کان اڳتي وڌي، هڪ وسيع تر جمهوري ايجنڊا ـ يعني ”چارٽر آف ڊيموڪريسي پلس“ ـ جي حوالي سان جمعيت علماءِ اسلام ۽  پ پ پ کي به ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ڪيو وڃي ها.

ڪانفرنس ۾ اڃا به  پي ٽي آءِ جي بالا دستي برقرار رهي، جڏهن ته پارٽي جي اندر ٻن مخالف راءِ وارن لاڙن ان کي ٻن طرفن ۾ ڌڪي ڇڏيو، هڪ طرف جهيڙي جو جذباتي ۽ غير منظم رويو ۽ ٻي طرف ڳالهين، صبر ۽ ٿڌي سوچ  ظاهري طور اها ڪا آزمائشي مشق لڳي. پر اها ڳالهه ٻولهه ۽ مزاحمت جي وچ ۾ موجود بنيادي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. جيڪڏهن ڪانفرنس ڊائلاگ يعني ڳالهه ٻولهه جو رستو اختيار ڪري ها ته اهو ”خان اصولن تي سمجهوتو نه ڪندو“ واري بيانيي کان انحراف ٿئي ها ۽ جيڪڏهن غير منظم ”جهيڙي“ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ها ته ٿڪجي ڪارڪن ٻيهر  وڃي ساڳئي لوهه جي ڀت سان ٽڪرائجن ها جنهن کي هو اڳ ٻن ڀيرا ڊي چوڪ ڏانهن بي خوف مارچن دوران ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري چڪا هئا.

 پي ٽي آءِ جي اڳواڻن، جن ۾ بيرسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا، جيڪي ڳالهه ٻولهه جي حق ۾ هئا، جنهن جو عڪس ڪانفرنس جي اعلاميي ۾ به نظر آيو. پر حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته هنن ڳالهه ٻولهه جي ذميواري  ٽي ٽي اي پي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي هن سختي سان رد ڪيو ۽ چيو ته هو انهن ماڻهن سان ڳالهين جي حمايت نٿو ڪري سگهي جن سندس چوڻ موجب عوامي مينڊيٽ چوري ڪيو، ان مان فائدو حاصل ڪيو ۽ جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جا طاقتور ادارا بشمول عدليه ۽ فوج شامل هئا.

ٻئي طرف عمران خان طرفان محاذ آرائي کي برقرار رکڻ جي هڪ ٻي راءِ به زور سان موجود هئي، جنهن کي وزيراعليٰ خيبرپختونخواه سهيل آفريدي اڳتي وڌايو. کيس  پي ٽي آءِ جي باني طرفان هدايت ڏني وئي هئي ته ”گذريل ڊي چوڪ واري ٽڪر کان به وڌيڪ سخت“ احتجاجي تحريڪ لاءِ تياري ڪئي وڃي.

پر عمران خان جي قيد تنقيد ۽ ملاقاتن تي پابندي کان پوءِ  پي ٽي آءِ عملي طور سندن قيادت کان محروم ٿي وئي آهي. عمران خان جيل مان پارٽي کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران هن پارٽي جي اڳوڻين قيادتن ۽ تنظيمي ڍانچي کي نظرانداز ڪيو ۽ ان ڪري اهو سماجي ذريعن تي به تڪراري بڻجي ويو. عمران خان جي رهنمائي جي عدم موجودگي سبب جيڪي ٻاهر عبوري اڳواڻ آهن، انهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به ڪو تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي اڳ ئي ڪمزور ڪيو ويو. ياد رکڻ گهرجي ته نيلسن منڊيلا ۽ مهاتما گانڌي جهڙا اڳوڻا به جيل مان پارٽي قيادت هلائي نه سگهيا هئا، پر خان صاحب اها ڪوشش ڪئي. حڪومت طرفان ملاقاتن تي پابندي قابلِ مذمت آهي جيڪا  پي ٽي آءِ کي پنهنجي اصل اڳواڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.

 پي ٽي آءِ جي تنظيمي ابتري جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته قومي اسيمبلي ۾ قائدِ حزبِ اختلاف جو عهدو پي ڪي ايم اي پي جي معتبر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي کي مليو ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ايم ڊبليو ايم جي راجا ناصر عباس جعفري کي بڻايو ويو، جيڪو  پي ٽي آءِ جي ٻئي درجي جي قيادت تي عدم اعتماد ظاهر ڪري ٿو.اهڙيءَ طرح تحريڪِ تحفظِ آئين پاڪستان به بغير اختيار جي رهي آهي، جيتوڻيڪ پي ڪي ايم اي پي ۽ ايم ڊبليو ايم جي ٻن اڳواڻن کي مڪمل مينڊيٽ ڏنو ويو هو، پر اصل فيصلو سازي جي طاقت اڃا به مقيد اڳواڻ وٽ رهي. ياد رهي ته ايم آر ڊي جي پارٽين، جن ۾ بينظير ڀٽو جي قيادت هيٺ پ پ پ به شامل هئي، پنهنجي اٿارٽي گڏيل قيادت خاص ڪري نوابزاده نصرالله خان حوالي ڪئي هئي. ٽي ٽي اي پي ۽ محمود اچڪزئي وٽ  ايم آر ڊي جهڙو مينڊيٽ ناهي. تنهن ڪري بغير طاقت وارو ٽي ٽي اي پي،  پي ٽي آءِ جو هڪ معذور اضافو ئي بڻيل رهندو.

جيئن ته دارالحڪومت تي  پي ٽي آءِ جي نوجوانن جون وڏيون يلغارون به جاڙن شهرن ۽ پنجاب جي عوامي عدم شرڪت سبب ناڪام ٿيون، ٽي ٽي اي پي ۽  پي ٽي آءِ 8 فيبروري يعني عوامي مينڊيٽ جي بي‎حرمتي جي ٻي ورسي تي  ڦيٿا روڪ هڙتال جو سڏ ڏنو آهي، پي ٽي آءِ جي تنظيمي صورتحال کي ڏسندي اهو لڳي ٿو ته هي هڙتال خيبرپختونخواه کان سواءِ ٻين صوبن ۾ ناڪام ٿي ويندي. بهتر اهو هو ته هن ڏينهن کي ”ڪارو ڏينهن“ طور ملهائجي ها.

 پي ٽي آءِ کي پنهنجي اڳواڻ جي غير موجودگي جي صورت ۾ عمران خان کي پارٽي قيادت ۽ تنظيمي ڍانچي تي اعتماد ڪرڻو پوندو. پارٽي کي هڪ حقيقي وفاقي ۽ عوامي جمهوري ايجنڊا اختيار ڪرڻو پوندو (چارٽر آف ڊيموڪريسي پلس) ۽ وچ مدي وارا مقصد مقرر ڪرڻا پوندا. ان سان گڏ انهن سڀني سياسي قوتن سان رابطو ڪرڻ گهرجي جيڪي آمراڻي طرزِ حڪمراني خلاف گڏيل جدوجهد لاءِ تيار آهن. ان لاءِ ٽي ٽي اي پي کي مڪمل اختيار ڏيڻ لازمي آهي ته جيئن اهو  پي ٽي آءِ جي پاڻ تائين محدود سوچ کان نڪري آزاد ۽ گڏيل ڪردار ادا ڪري سگهي.هي به نه وسارڻ گهرجي ته هاڻي تقريبن سڀ سول ادارا ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ جمهوري مزاحمت کي هڪ فولادي آمراڻو قلعو ٿي ڀڃڻو آهي جيڪو آسان ڪم ناهي. هي ٻن شخصيتن جو ٽڪراءُ نه، پر بااختيار کي جوابده بڻائڻ ۽ بي‎اختيار عوام کي بااختيار بڻائڻ جي تاريخي جدوجهد آهي. مقابلو سخت آهي ۽ مزاحمت ڪمزور، ڇو ته حقيقي جمهوري نظام لاءِ وڏي ۽ منظم جدوجهد جي ضرورت آهي۔

 پي ٽي آءِ کي پنهنجي اڳواڻ جي غير موجودگي جي صورت ۾ عمران خان کي پارٽي قيادت ۽ تنظيمي ڍانچي تي اعتماد ڪرڻو پوندو. پارٽي کي هڪ حقيقي وفاقي ۽ عوامي جمهوري ايجنڊا اختيار ڪرڻو پوندو (چارٽر آف ڊيموڪريسي پلس) ۽ وچ مدي وارا مقصد مقرر ڪرڻا پوندا. ان سان گڏ انهن سڀني سياسي قوتن سان رابطو ڪرڻ گهرجي جيڪي آمراڻي طرزِ حڪمراني خلاف گڏيل جدوجهد لاءِ تيار آهن. ان لاءِ ٽي ٽي اي پي کي مڪمل اختيار ڏيڻ لازمي آهي ته جيئن اهو  پي ٽي آءِ جي پاڻ تائين محدود سوچ کان نڪري آزاد ۽ گڏيل ڪردار ادا ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.