پاڪستان جي پاڻي بابت فڪري تاريخ ۾ ڪجهه خيال اهڙا آهن، جيڪي وري وري ورجاءُ سبب ڌُريل خواھشن کي حقيقت جو لباس پارائين ٿا. ”سمنڊ ڏانهن ويندڙ پاڻي ضايع آهي“ به اهڙو ئي خيال آهي. جيتوڻيڪ ماحولياتي سائنس، لاڳاپيل اقتصاديات ، ڪلائميٽ سائنس ۽ سماجيات ان جي ابتڙ ڳالھه ڪن ٿيون پر ترقي جي اھم دليل سان ان کي اڄ تائين زور بيان سان پيش ڪيو ٿو وڃي۔. پاليسيءَ جي گڏجاڻين کان وٺي طاقتور زميندارن جي گڏجاڻين تائين، اهو خيال سچ ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي۔ اهڙو سچ، جنهن کي وٽ نه سائنسي دليل آھي ۽ نه ئي ڪو اقتصادي تجزيي يا تحقيق جو بنياد۔ پوءِ به ان جا حامي ان تي ڳنڍ ٻڌيو ويٺا آھن۔ارسا جي پنجاب جي اڳوڻي ميمبر راؤ ارشاد علي کان واپڊا تائين، ان ڳالھه کي ورجايو وڃي ٿو: هر هڪ ملين ايڪڙ فوٽ (MAF) پاڻي جيڪو سمنڊ تائين پهچي ٿو، ملڪ کي هڪ ارب ڊالرن جو نقصان ٿو پهچائي. پر انگ اکر جڏهن تحقيق ۽ علمي ثابتي کان آزاد ٿي وڃن، ته اهي خواھشن ۽ طاقت جو اظهار ٿي پون ٿا. اهو سوال گهٽ ئي ڪيو وڃي ٿو ته هي انگ ڪهڙي حساب مان نڪتو؟ ڪهڙا فائدا ان ۾ شامل ٿيل آهن؟ ۽ ڪهڙين زندگين جي نقصانن کي ان ۾ ڳڻيو نه ويو آهي؟
ترقيءَ جو محدود تصور ۽ وساريل حساب ڪتاب
پاڻيءَ کي ’ضايع‘ سڏڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان ترقيءَ کي صرف اُن جاءِ تي ڳوليون ٿا، جتي پاڻي ورايو وڃي ٿو پر اُن جاءِ جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي جتي اهو پاڻي الله پاڪ جي جوڙيل مخلوق، (انسانن سميت)جي جياپي کي برقرار رکي ٿو. هي سوچ هڪ خيالي دنيا تي بيٺل آهي، جتي هر قطرو پاڻي فصل بڻجي وڃي ٿو، هر واھ ڀرپور ڪم ڪري ٿو، ۽ هر سيڙپڪاري بغير نقصان جي منافعو ڏئي ٿي.
حقيقت ۾، اضافي پاڻي موڙڻ لاءِ ڊئمن، ڪئنالن/واھن جي تعمير، پمپنگ، لائيننگ، ۽ توانائيءَ جي لڳاتار فراهمي گهربل هوندي آهي. پاڻي سمي ٿو، ٻاڦ بڻجي ٿو، زمين ۾ لوڻياٺ وڌي ٿي، ۽ پيداوار وقت سان گڏ گهٽجي ٿي. اهي سڀ خرچ “هڪ ارب ڊالر” واري دعويٰ ۾ ڪڏهن به شامل ناهن ٿيندا. پر سڀ کان وڏو خال هي آهي ته ان حساب ڪتاب ۾ هيٺ نه ويندڙ وهڪرن جي ڪري ٿيندڙ نقصان جو ڪو ڪاٿو ئي نه ٿو ڪيو وڃي.
سنڌو ڊيلٽا: جتي پاڻي زيان نه پر زندگي کي جاري رکي ٿو
سنڌو ڊيلٽا کي اڪثر اهڙي نموني پيش ڪيو وڃي ٿو ڄڻ اهو درياهه جو آخري قبرستان هجي! هڪ اهڙي جاءِ، جتي پاڻيءَ جي ڪا به گھرج ۽ ڪارج نه ھجي . پر ڊيلٽا قبرستان نه، پر جنم ڀومي آهي. اهو علائقو مڇين جا نسل پيدا ڪري ٿو، مال چارڻ کي سهارو ڏئي ٿو، ماڻهن کي زمين، سمنڊ ۽ موسمن سان ڳنڍي ٿو. جيئن جيئن مٺو پاڻي گهٽجي ٿو، تيئن تيئن ڊيلٽا ھوريان ھوريان گم ٿئي ٿو! مڇيون گهٽجن ٿيون، زمين ۾ لوڻياٺ ۽ کاراڻ وڌي ٿي، روزگار ختم ٿين ٿا. پر نقصان رڳو ڊيلٽا تائين محدود نٿو رهي. ماڻهو شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪن ٿا، جتي غربت، بيروزگاري ۽ سماجي دٻاءُ وڌي ٿو. ڊيلٽا ۾ جيڪو نقصان ٿئي ٿو، اهو آخرڪار قومي بحران بڻجي ٿو. ڊيلٽا درياھي وجود جو اڻ ٽٽ حصو آھي، جنھن کي ٻن صدين کان به گھٽ وقت ۾ نوي سيڪڙو گھٽايو ويو آھي۔ ورلڊ بئنڪ جو اندازو آهي ته سنڌو ڊيلٽا جي تباهي سبب پاڪستان کي هر سال لڳ ڀڳ ٻه ارب ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو. هي انگ جيڪو تحقيقي بنيادن تي چيل آھي، اھو سوال اڀاري ٿو ته : جيڪڏهن ڊيلٽا ڪنھن ليکي ۾ ناھي ، ته پوءِ ان جي تباهي ايتري مهانگي ڇو آهي؟
تمر/مينگروو: ڪاربان ۽ حفاظت
مينگروو/ تمر جي ٻيلن بابت ڳالهائيندي اسان اڪثر انھن کي وڻن کان وڌيڪ نه ٿا سمجھون، پر حقيقت ۾ اهي قدرتي ساوا بند يا جھلون آهن. في ايڪڙ، مينگروو دنيا جي سڀ کان اثرائتن ڪاربان سنڪن مان ھڪ آهن. ڪاربان سنڪ اُن قدرتي نظام کي چيو وڃي ٿو جيڪو فضا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري، ان کي ڊگهي عرصي لاءِ پنهنجي اندر محفوظ رکي. وڻ، مٽي، آبي ٻيلا ۽ خاص طور مينگروو اهڙا نظام آهن، جيڪي رڳو ڪاربان جذب نٿا ڪن، پر ان کي صدين تائين فضا ۾ واپس وڃڻ کان روڪين ٿا. اهڙيءَ طرح ڪاربان سنڪ موسمي تبديلي جي ڪري وڌندڙ گرمي کي سست ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. انهن جي مٽيءَ ۾ صدين جو ڪاربان محفوظ هوندو آهي۔ ان ريت موسمي تبديلي جي بحران کي وڌيڪ تيز ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو.
تمر جا ٻيلا ، مٺي پاڻيءَ جي اچڻ سان وڌن ويجھن ٿا ۽ جيئرا رهن ٿا، آھي نه رڳو ڪاربان جذب ڪن ٿا. پر سمنڊ ۽ خشڪي جي وچ ۾ هڪ حفاظتي ديوار بڻجن ٿا. جڏهن پاڻي روڪيو وڃي ٿو، ته اهي ديوارون ڀڄڻ ڀرڻ لڳن ٿيون. ڪاربان فضا ۾ واپس وڃي ٿو، ۽ سامونڊي پٽي ننگي بيواھي ٿي پوي ٿي.
پاڪستان موسمي تبديليءَ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آھي ، جيڪڏهن ان ھوندي به اسان پنهنجي سڀ کان مضبوط قدرتي بچاءُ کي پاڻ ڪمزور ڪريون ، ته ان کي حڪمت عملي نٿو چئي سگهجي. ڊيلٽا ۽ سامونڊي پٽي وارا ٽي ضلعا اسي سيڪڙو ٻھراڙي ۽ ان کان مٿي گھڻ رخي غربت ۾ ورتل آھن۔
قدرتي اڏاوتي جھلون ۽ اسان جا ابتا حساب ڪتاب
تمر جا وڻ/ مينگروو سجاوٽي ٻوڙا ناھن، پر مالڪ جون جوڙيل قدرتي اڏاوتون آهن. اهي سامونڊي طوفانن کي جھل ڏئي ڪمزور ڪن ٿا، سامونڊي ويرن جي طاقت کي گھٽائين ٿا، ۽ زمين کي ساهه کڻڻ جو وقت ڏين ٿا. دنيا جي تحقيق واضح ڪري ٿي ته اهي ٻيلا هر سال ڪيترن ئي ارب ڊالرن جي نقصان کان بچائن ٿا. پر اسان جي ترقيءَ جي حساب ڪتاب ۾ فطرت جي هن خدمت جو ڪو کاتو ئي ناهي! اسان ڪنڪريٽ کي ڏسون ٿا، زرعي زمينون ٺاھڻ چاھيون ٿا پر وڻن کي وساري ڇڏيون ٿا. نتيجي ۾، اسان پنھنجي نسلن ۽ مستقبل کي داءُ تي لڳايون ٿا.
ڊيم: وقت، قيمت ۽ گمان
ڊيم پاڪستان ۾ اميدن جي علامت بڻايا ويا آهن. پر هر ڊيم هڪ ڊگهي ۽ جدا ڪهاڻي آهي: جنھن ۾ ڏھاڪن جو وقت لڳي ٿو، اربن کربن جو خرچ ٿئي ٿو، ۽ ماحولياتي ۽ لڏپلاڻ وارا ناڪاري اثر ٿين ٿا. ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ اسان سالَ ۽ اربين رپيا لڳايا آهن، پر اڃا به ان جي مڪمل ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. ڊيم پنھنجي پويان ھٿرادو جڙيل پاڻي جي ذخيري يا ڍنڍ ۾ واري/ لٽ کي ڦاسائي ڊيلٽا کي بکيو ۽ ويران ڪن ٿا. وهڪرن ۾ تبديليون زندگيون بدلائي ڇڏين ٿيون. ڊيم شايد پاڻي گڏ ڪن، پر وقت کي تيز نٿا ڪري سگهن، ۽ نه ئي اهي پاڻيءَ جي غير مؤثر استعمال جو علاج آهن.
اصل ڏچو: پاڻيءَ سان اسان جو رويو
پاڪستان جو سڀ کان وڏو پاڻيءَ جو مسئلو کوٽ نه، پر غير مؤثر استعمال آهي. اسان تمام گهڻو پاڻي استعمال ڪري، تمام گهٽ پيداوار حاصل ڪريون ٿا. جيڪڏهن رڳو 10 سيڪڙو بهتري آڻي سگهجي، ته اسان ڊيلٽا جي پاڻي تي راتاھو ھڻڻ کانسواءِ کاڌ خوراڪ جي سلامتي/ فوڊ سيڪيورٽي وڌائي سگهون ٿا. پر اها بهتري نون ڪمانڊ ٺاھڻ جي بجاءِ موجود، آباد ڪمانڊ ايرياز ۾ آڻڻي آهي. ٻي صورت ۾، اسين پاڻيءَ جي ضايع ٿيڻ کي نئين جڳهن تي ورجائينداسين. جنھن سان سم ڪلر کان وٺي ٻيا ڪيئي سماجي مسئلا وڌندا!
ڊيلٽا جي پاڻي ۽ نين ٻنين کي آباد ڪرڻ جي وچ۾ عجيب چونڊ
ڊيلٽا ۽ کاڌ خوراڪ جي سلامتي وچ ۾ چونڊ جو سوال غير حقيقي آهي. حقيقي چونڊ اها آهي ته اسين غير مؤثر نظام کي وڌايون ٿا يا ان کي سڌارڻ جي همت ڪريون ٿا. سائنسي تحقيق چٽو ڪري ٿي ته ڪوٽڙي کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 5,000 ڪيوسڪ پاڻي لڳاتار وڃڻ گهرجي. هي فطرت سان همدردي ناهي؛ هي قومي مفاد آهي.
ترقيءَ جي اخلاقيات ۽ گڏيل خوشحالي
سمنڊ ڏانهن ويندڙ پاڻي ضايع آهيوارو خيال ترقيءَ جي هڪ اخلاقي ناڪامي آهي. اهو مٿين/ اپر رپيرين جي فائدي کي جائز ۽ هيٺين/ لوئر رپيرين جي نقصان کي غير مرئي بڻائي ٿو. اھو صوبن جي وچ۾ به آھي ته صوبن جي اندر پڻ۔ پر پاڪستان مستقبل جي خوشحالي گڏيل شموليت واري ترقيءَ ۾ آهي جتي پاڻي صرف فصلن لاءِ نه، پر ماڻهن، ماحول ۽ ايندڙ نسلن لاءِ به آهي. پاڻيءَ بابت سڀ کان اهم تبديلي ٽيڪنالاجيءَ ۾ نه، پر سوچ ۾ آهي. سوال اهو ناهي ته پاڻي سمنڊ ڏانهن ڇو وڃي ٿو. اصل سوال اهو آهي: اسان مٿين علائقن ۾ پاڻي ڇو ضايع ڪريون ٿا، هيٺ ڪاربان سنڪ تباهه ڪريون ٿا، ۽ پوءِ بقا کي نقصان سڏيون ٿا؟ جيستائين هي سوال نه بدلجندو، رستو به نه بدلجندو. سنڌو ڊيلٽا ڏانهن ويندڙ پاڻي ضايع ناهي. اهو وقت، زندگي ۽ انصاف جو وهڪرو آهي خاموش، پر انتهائي اهم. ڪنھن مٿين صوبي جو مطالبو ھجي يا سنڌ مان ايندڙ ڪنھن وڏي زميندار جي رڙ ھجي ته ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ڇو ٿو وڃي، سو پاڪستان جي پائيدار مستقبل جي خلاف آھي