آسٽريليا جي شهر سڊني جي بونڊائي ساحل تي يهودين خلاف ٿيل دهشتگردي جي سانحي ۾ ملوث ڀارتي شهري ساجد اڪرم ۽ سندس پٽ نويد اڪرم جي عالمي دهشتگرد نيٽ ورڪ سان لاڳاپن بابت جاچ جاري آهي۔ ڀارتي پوليس موجب ساجد اڪرم جو تعلق ڀارت جي رياست تلنگانا جي شهر حيدرآباد دکن سان هو، جيڪو ستاويهه سال اڳ اسٽڊي ويزا تي آسٽريليا منتقل ٿيو هو ته جيئن کيس بهتر زندگي ملي سگهي۔ ايتري ڊگهي عرصي دوران هو رڳو ڇهه ڀيرا پنهنجي خاندان سان ملڻ آيو، ايتري قدر جو پنهنجي والد جي وفات تي به نه آيو۔ ان ڪري خاندان کي سندس انتهاپسند خيالن بابت ڪا ڄاڻ نه هئي۔
آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿوني البانيز جو چوڻ آهي ته اهڙا ٺوس ثبوت مليا آهن، جن موجب پيءُ ۽ پٽ ٻئي داعش (آءِ ايس آءِ ايس) جي نظريي کان متاثر ٿي مذهبي انتهاپسند بڻيا۔ هن وڌيڪ چيو ته سڊني ۾ يهودين تي ٿيل هي دهشتگرد حملو، آسٽريليا ۽ ان جي قومي يڪجهتي تي حملو سمجهيو وڃي ٿو۔ ان ڪري سڊني سانحي کان پوءِ آسٽريليا ۾ يهود دشمني، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي۔ اسرائيل جي خاص سپورٽ ٽيم پڻ اڱاري ڏينهن سڊني پهتي آهي، جيڪا جاچ واري عمل تي نظر رکندي آسٽريليا جي اختيارين ۽ يهودي ڪميونٽي جي مدد ڪندي۔
آسٽريليا جي جاچ ذريعن موجب، ٻئي انتهاپسند نومبر جو مهينو فلپائن ۾ گذاري آيا هئا، جتي هنن داعش سان لاڳاپيل شدت پسندن کان اهڙن دهشتگرد حملن جي تربيت ورتي هئي۔ ان حوالي سان اهي ڪهڙن هنڌن تي رهيا، ان بابت تفصيل معلوم ڪيا پيا وڃن۔ البت فلپائني ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ساجد اڪرم ڀارتي پاسپورٽ ۽ نويد اڪرم آسٽريلوي پاسپورٽ تي اهو سفر ڪيو هو۔ فلپائن جي ڪجهه مخصوص علائقن ۾ مسلم شدت پسندن جو اثر رسوخ سڀني کي معلوم آهي۔ واضح رهي ته 14 ڊسمبر جي شام سڊني جي بونڊائي بيچ تي انهن ٻنهي مسلم شدت پسندن، تقريبن هزار يهودين تي سڌي فائرنگ شروع ڪئي، جڏهن اهي پنهنجي مذهبي عيد حنوڪا جي تقريب ۾ مصروف هئا۔ هن حملي ۾ پندرهن يهودي مارجي ويا، جڏهن ته ٻيتاليهه جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن۔ حملي دوران ئي هڪ شامي نسل جي آسٽريلوي شهري احمد الاحمد پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ساجد اڪرم نالي حملي آور کي جهلي ورتو ۽ کانئس بندوق کسيو۔ بعد ۾ ساجد اڪرم آسٽريلوي سيڪيورٽي فورسز جي گولي سان مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ نويد اڪرم جي فائرنگ سبب احمد زخمي ٿيو۔ بهرحال نويد اڪرم به آسٽريلوي سيڪيورٽي فورسز جي گولين سان زخمي ٿي گرفتار ٿي ويو۔ جاچ جي حوالي سان هڪ خوشگوار پهلو اهو آهي ته هڪ ملزم زندهه گرفتار ٿيو آهي ۽ هاڻي هو هوش ۾ اچي چڪو آهي، جنهن مان سندس داعش سان لاڳاپن ۽ منصوبا بندي بابت تفصيل سامهون ايندا۔ سڊني جو بهادر عرب هيرو احمد الاحمد به تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي، جنهن جي بهادري تي آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو سميت دنيا ڀر جا امن، سلامتي ۽ انسانيت تي يقين رکندڙ ماڻهو واکاڻ ڪري رهيا آهن، بلڪه ڪيترن ماڻهن طرفان انعامن جو اعلان به ڪيو ويو آهي۔ هن نڊر انسان عین موقعي تي فيصلو ڪندي پنهنجي دوست کي چيو هو ته جيڪڏهن مان هن دهشتگرد کي قابو ڪندي مارجي وڃان ته منهنجي معصوم ڌيئرن جو خيال رکجو۔ سندس عزيزن جو چوڻ آهي ته احمد فطرتاً ئي اهڙو نيڪ دل انسان آهي، جو ڪٿي به زيادتي ڏسي مظلوم جو ساٿ ڏئي ٿو۔
سوچي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن هي جرئتمند انسان وقت تي همت نه ڏيکاري ها ته پيءُ ۽ پٽ جنهن بربريت سان بيگناهه ماڻهن تي انداڌند فائرنگ ڪري رهيا هئا، ان سان موتن جو انگ ڪيترو وڌي وڃي ها۔ اڄ آسٽريليا سميت يورپ، وچ اوڀر ۽ اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ به احمد الاحمد جي بهادري جا گيت ڳايا پيا وڃن۔ ان پسمنظر ۾، درويش جي راءِ آهي ته پاڪستان جي حڪومت کي گهرجي ته هن سچو ۽ بهادر انسان کي مثال بڻائيندي، کيس نشانِ پاڪستان ڏيڻ جو اعلان ڪري۔ ان سان پاڪستانين جو سافٽ اميج سڄي دنيا ۾ اجاگر ٿيندو۔ جيئن آسٽريلوي وزيراعظم قومي هيرو سان ملاقات ڪري سندس حوصلا افزائي ڪئي آهي، تيئن ٻين مسلم ملڪن جي حڪومتن کي به هن کي آئيڊيل بڻائڻ گهرجي، ته جيئن اسان بابت اهو تاثر ٽٽي سگهي ته اسين دهشتگردن جي سرپرستي يا پرورش ڪريون ٿا۔
حقيقت اها آهي ته اسان جي ماضي جي رڪارڊ کي ڏسندي اهو عالمي تاثر مڪمل طور غلط به ناهي۔ ان ڪري شروعات ۾ دنيا اهو سمجهيو ته انهن دهشتگردن جو تعلق پاڪستان سان آهي۔ ان سلسلي ۾ پاڪستاني ۽ ڀارتي ميڊيا وچ ۾ هڪ قسم جي ٿڌي جنگ شروع ٿي وئي، جنهن جي ڪنهن به طرح ساراهه نٿي ڪري سگهجي۔ هڪ طرف اسين چوندا نٿا ٿڪيون ته دهشتگردي جو نه ڪو ملڪ هوندو آهي ۽ نه ڪو مذهب، پر ٻئي طرف خوش ٿيون ٿا ته اهو دهشتگرد پاڪستاني نه، پر ڀارتي مسلمان هو۔ ٺيڪ آهي، اهو گمراهه پاڪستاني نه هو، پر مسلمان ته هو اسان خوش آهيون ته اهو دهشتگرد پاڪستاني نه هو، پر ڇا اسان ان ڳالهه کان انڪار ڪري سگهون ٿا ته اهڙي قسم جا “شاهڪار” اسان جي صفن ۾ موجود ناهن؟ اجمل قصاب کان وٺي، ڪشمير کان وٺي وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا تائين ڪيتريون ئي اهڙيون وارداتون ڳڻائي سگهجن ٿيون، جن جا ذميوار اسان جي ئي قوم جا ماڻهو ثابت ٿي چڪا آهن۔ اسان جا بدنام دهشتگرد گروهه ۽ تنظيمون هن حوالي سان عالمي سڃاڻپ رکن ٿيون۔ وڌيڪ پري وڃڻ جي ضرورت ناهي، اڄ اسان کي پنهنجي اولهندي سرحدن تي جيڪو طالبان فتنہ درپيش آهي، انهن طالبانن کي پالڻ ۽ پوکڻ وارا ڇا اسان جا ئي جهادي ذهنيت رکندڙ مهربان نه هئا؟ ڇا اڄ به اسان جي هن بدنصيب ملڪ ۾ اهڙا لکين، ڪروڙين ماڻهو موجود ناهن، جيڪي يهودين ۽ هنودين خلاف ٿيندڙ ڪنهن به دهشتگردي تي نه رڳو خوشي ظاهر ڪن ٿا، پر اهڙن خوني حملن کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ به زور لڳائين ٿا؟ ڇا اسان جو سوشل ميڊيا اهڙي غير ذميواراڻي روش ۽ پوسٽن سان ڀريل نظر نٿو اچي؟ ڇا اسان جي قومي ميڊيا ۾ ايتري همت آهي جو “چون ٿا، چنان ٿا” جي پرواهه کانسواءِ اهڙي جنوني ذهنيت کي ٽوڙڻ لاءِ مضبوط موقف اختيار ڪري؟
اسان خوش آهيون ته اهو دهشتگرد پاڪستاني نه هو، پر ڇا اسان ان ڳالهه کان انڪار ڪري سگهون ٿا ته اهڙي قسم جا “شاهڪار” اسان جي صفن ۾ موجود ناهن؟ اجمل قصاب کان وٺي، ڪشمير کان وٺي وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا تائين ڪيتريون ئي اهڙيون وارداتون ڳڻائي سگهجن ٿيون، جن جا ذميوار اسان جي ئي قوم جا ماڻهو ثابت ٿي چڪا آهن۔ اسان جا بدنام دهشتگرد گروهه ۽ تنظيمون هن حوالي سان عالمي سڃاڻپ رکن ٿيون۔ وڌيڪ پري وڃڻ جي ضرورت ناهي، اڄ اسان کي پنهنجي اولهندي سرحدن تي جيڪو طالبان فتنہ درپيش آهي، انهن طالبانن کي پالڻ ۽ پوکڻ وارا ڇا اسان جا ئي جهادي ذهنيت رکندڙ مهربان نه هئا؟