ڇا ڪراچي وري ڀتا خورن جي حوالي ٿي رهي آهي؟

                 ڪراچي ايسوسئيشن آف بلڊر ڊولپرز (آباد) جي واپاري اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي شهر ۾ وڌندڙ ڀتا خوري، فائرنگ ۽ قبضا مافيا بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گذريل پنجن مهينن دوران آباد جي 10 ميمبرن کي ڀتا خورن کان ڌمڪيون ملي رهيون آهن، بلڊرز کان مجموعي طور ساڍا 5 ڪروڙ  روپيا ڀتو گهريو ويو آهي اهڙي صورتحال خلاف 15 جنوري تي ڪراچي ۾ احتجاج طور ڪاروبار بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هنن انڪشاف ڪيو ته 5 کان 6 ڏوهارين ڪراچي جي امن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هنن ڀتو طلب ڪندڙن جا پريس ڪانفرنس ۾ نالا به کنيا آهن. واپاري اڳواڻن ٻڌايو ته اسان  15 کان 20 ميمبر مجبورن ماهوار ڀتو ڏئي رهيا آهيون.  ڪراچي جي چيمبر جي ميمبرن کي به ڀتا خوري جون پرچيون ملي رهيو آهن. ڀتا خوري ڪندڙ بينڪ اڪائونٽ نمبر ڏئي جمع ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. هنن سوال  اٿاريو ته ڪيمرائن ذريعي ٽريفڪ چالانن هر مهيني  اربين روپيا گڏ ڪيا ويا پيا وڃن پر انهن ڪيمرائن ذريعي ڀتا خوري ڪندڙ يا ڏوهاري ڇو نٿا پڪڙيا وڃن. هنن ٻڌايو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪاروبار هلائڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي آباد جي  هڪ اڳواڻ ٻڌايو ته ڀتا خوري ڪندڙ ايران مان فون ڪري ڌمڪيون ڏين ٿا. اهي چون ٿا ته اوهان جي حفاظت ڪير ڪندو؟ اسان ان حوالي سان ايراني قونصل خاني کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪن ٻڌايو ته اسان سائيٽن تي وڃون ٿا ته فائرنگ ڪئي وڃي ٿي، پاڻ ته ڀتا خورن سان وڙهي نٿا سگهون. هنن فيلڊ مارشل عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪور ڪمانڊر، وزيراعليٰ، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.  هنن انڪشاف ڪيو ته سمورا ادارا ڄاڻن ٿا ته ڀتا خوري ڪير ڪري رهيو آهي انهيءَ باوجود انهن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ افسوس ناڪ ڳالهه آهي. واپاري اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن شهر ۾ ڪاروبار بند ٿيا ته  سرڪار جي ٽيڪس وصولي به بند ٿي ويندي تنهن ڪري ڪراچي کي ڀتا خورن کان جند ڇڏائڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

واپارين جي پريس ڪانفرنس جا تفصيل ڏيڻ جو مقصد ڪراچي ۾ ڀتا خوري جو اڇو ڇٺو بيان ڪرڻ هو، واپارين ان حقيقي معنيٰ ۾ رڳو پنهنجا مسئلا ناهن ٻڌايا، پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ناهي ڪيو پر مجموعي طور تي ڪراچي ۾ هلندڙ ڀتا خوري جو ڪيس رکيو آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه اچي ويو آهي. ان پريس ڪانفرنس ۾ واضح طور ٻڌايو ويو آهي ته ڀتا خوري ۾ انفرادي طور تي ڪير ملوث آهي انهن کي ڪير سرپرستي ڪري رهيو آهي ۽ ڪير انهن خلاف ڪارروائي نٿو ڪري. ان ڪانفرنس ۾ انهن اعليٰ عملدارن کي به مخاطب ڪيو ويو آهي جن کي انهن ذميوار ڄاڻايو آهي ته اهي ڀتا خوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ٿا.

 اسان سمجهون ٿا ته واپارين ڪراچي  ۾ وڌندڙ ڀتا خوري خلاف نه رڳو پنهنجي مفاد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي پر مجموعي طور تي سڄي ڪراچي ۽ حڪومت کي به آگاهه ڪري مٿن احسانڪيو آهي. اهو به ممڪن آهي ته انهن واپارين انفرادي طور تي پنهنجا اهي مسئلا مقامي واسطيدار اختيارين کي ٻڌايا هوندا پر جڏهن  انهن ڏٺو هوندو ته دانهن جو ڪو تدارڪ نٿو ٿئي ۽ سندن صبر جواب ڏئي ڇڏي هوندو تڏهن انهن پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي همت ساري آهي. همت ان ڪري چئون ٿا ته واپارين ڀتا خورن جا نالا کڻي نه رڳو انهن کي بي نقاب ڪيو آهي پر پاڻ کي به سندن نشاني تي آڻي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سو سندن اهو عمل ڪنهن جهاد کان گهٽ ناهي.

 هاڻي اهو وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۽  انهن وزيرن جن کي مخاطب ٿي واپارين پريس ڪانفرنس ڪئي آهي تن جو ڪم  ۽ فرض آهي ته اهي نه رڳو واپارين جي جان جو تحفظ ڪن پر ڪراچي ۾ وري وڌندڙ ڀتاخوري کي روڪڻ جو بندوبست ڪن پر واپارين  پريس ڪانفرنس ۾ جيڪا ٻي ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪئي سا اها هئي ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار سندن خلاف ڪارراوئي نٿا ڪن. اهو انڪشاف حقيقي معنيٰ ۾ ڳڻتي جوڳو آهي ته جن طاقتن تي عوام جي جان مال ۽ عزت جي تحفظ جي ذميواري آهي سي پنهنجن فرضن جي ادائيگي ۾ ئي شعوري يا لاشعوري طور تي مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن جيڪا صورتحال ناقابل برداشت آهي ڇاڪاڻ ته هڪ وڏي عرصي کان پوءِ خاص ڪري 2013 ۾ راحيل شريف واري فوجي آپريشن کان پوءِ ڪراچي مان نه رڳو دهشت گردي، ٻوري بند لاشن، ٽارگيٽ ڪلنگ، نسلي ۽ لساني فسادن جو واضح طور تي خاتمو ٿيو هو پر ڀتا خوري کي به ٻنجو  اچي ويو هو. جنهن هاڻي وري ڪر کڻڻ شروع ڪيو آهي. اهو به ممڪن آهي ته اندروني طور ۽ لڪ ڇپ ۾ اها ڀتا خوري ڪافي وقت کان هلندي هجي ۽ واپاري چپ چپات ڀتو ڏيڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهندا هجن ۽ اڃان به ڪيترا واپاري هجن جيڪي  هاڻي به ڀتو ڏيندا هجن پر لڳي ٿو ته حالتون هاڻي ناقابل برداشت جي حد تائين پهچي ويون آهن تنهن ڪري واپارين پريس ڪانفرنس ڪئي آهي ۽ 15 جنوري تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

اسان جو خيال آهي ته مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت جيڪا بظاهر معيشت جي مضبوطي لاءِ پتوڙي رهي آهي تنهن کي گهرجي ته اها واپارين جي پريس ڪانفرنس جو نوٽيس وٺي ۽ ڪراچي ۾ واپاري سرگرمين ۽ معاشي اڳڀراين کي ڇيهو رسائڻ وارين ڪوششن کي ڪنڌ کڻڻ کان اڳ ئي چٿي ڇڏي ڇاڪاڻ ته اهو طئي آهي ته معاشي اڳڀرائين کي روڪڻ معنيٰ ملڪ کي ترقي جي راهه تان هٽائڻ جي ڪوشش ۽ سازش آهي سو ان صورتحال ۾ اصولي طور تي ملڪ اندر 2013 واري آپريشن جي ضرورت آهي ۽ مسلم ليگ (ن)  جي حڪومت نوازشريف جي وزارت عظميٰ ۾ جئين ته اهو آپريشن ڪري چڪي آهي تنهن ڪري ان وٽ ان حوالي سان پنهنجو ئي شاندار مثال موجود آهي ضرورت صرف واپارين جي پريس ڪانفرنس جي نوٽيس وٺڻ جي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.