تحريڪ انصاف وفد جي برطرف اهلڪار جي خاندان سان ملاقات

ڪراچي (رپورٽر ) روزاني عوامي آواز ۾ گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ برطرف پوليس اهلڪار امان الله بوزدار جو خاندان گذريل ٽن مهينن کان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڌرڻي جي خبر تي ڪالهه خميس ڏينهن  پاڪستان تحريڪِ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي هدايت تي پي ٽي آءِ سنڌ جو وفد ڪراچي پريس ڪلب پهتو، جتي وفد متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي، مڪمل همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي امان الله بوزدار جي نوڪري جي بحالي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. پي ٽي آءِ سنڌ جي وفد ۾ نائب صدر ۽ هيومن رائٽس ڪميٽي جي ڪنوينئر ڊاڪٽر جيپال ڇابڙيا، ايڊوائزر ۽ ترجمان محمد علي بلوچ، ايڊيشل انفارميشن سيڪريٽري سنڌ ۽ ترجمان صيم خان، سيڪريٽري ويلفيئر عائشه رشيد، پي ٽي آءِ ڪراچي جي سيڪريٽري ليگل افيئرز ايڊووڪيٽ خان زمان، صدر ٽائون ڪائونسلر زرِين رئيس، ريحان خان سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا.پي ٽي آءِ وفد چيو ته سنڌ پوليس جي اڳوڻي اهلڪار امان الله بوزدار سان پيش آيل واقعو سنڌ حڪومت، پوليس نظام ۽ ٻارن جي تحفظ سان لاڳاپيل ادارن جي بدترين ناڪامي جو کليل ثبوت آهي. ڊاڪٽر جيپال ڇابڙيا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بي روزگاري، فاقه ڪشي ۽ علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب هڪ مجبور پيءُ کي شديد اذيت مان گذرڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس معصوم ٻار ڪچرو چونڊڻ تي مجبور ٿيا محمد علي بلوچ چيو ته اها انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي جو ٽن مهينن کان سڄو خاندان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ويٺل آهي، پر ڪنهن به سرڪاري نمائندي سندن سار نه لڌي آهي. هن چيو ته لاپتا ٻار آفتاب جي فوري بازيابي رياست جي بنيادي ذميواري آهي، صيم خان چيو ته هن سنگين معاملي تي آءِ جي سنڌ پوليس سان سڌو رابطو ڪيو ويندو ۽ متاثر خاندان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هر آئيني ۽ قانوني فورم تي آواز بلند ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.