ڍاڪا سانحي مان سبق نه پرائڻ وارو الميو

16  ڊسمبر 1971ع پاڪستان جي تاريخ جو اهو المناڪ ڏينهن آهي، جيڪو پر هڪ رياستي سوچ، سياسي روين ۽ قومي نظام جي مڪمل ناڪاميءَ جي علامت بڻجي ويو آهي. ڍاڪا جي ريس ڪورس ميدان ۾ هٿيار ڦٽا ٿيڻ سان رڳو جغرافيائي حدون تبديل نه ٿيون، پر هڪ قوم جو اعتماد، گڏيل سڃاڻپ ۽ مستقبل جا خواب به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا. اڄ سوال اڃا به ساڳيو آهي: ڇا اسان سقوطِ ڍاڪا مان ڪجهه سکيو؟ يا اسان اڃا به ساڳين غلطين جي ورجاءُ تي بضد آهيون؟

سقوطِ ڍاڪا ڪنهن اوچتي حادثي جو نتيجو نه هو. اهو سالن کان جاري سياسي ناانصافي، معاشي استحصال، ثقافتي انڪار ۽ جمهوري عمل جي لتاڙ جو منطقي انجام هو. 1947ع کان پوءِ اوڀر پاڪستان آباديءَ ۾ اڪثريت هوندي به اقتدار جي مرڪز کان پري رکيو ويو. قومي وسيلن، فوجي قيادت، بيوروڪريسي ۽ فيصلا ساز ادارن تي مغربي پاڪستان جي اشرافيه جو مڪمل قبضو رهيو. اوڀر پاڪستان ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻي جو وڏو ذريعو هو، پر ترقياتي بجيٽ ۾ ان کي سدائين پوئتي رکيو ويو. اها معاشي ناانصافي آهستي آهستي سياسي بيزاري ۽ قومي بيگانگيءَ ۾ تبديل ٿي. لساني سطح تي بنگالي ٻوليءَ سان ٿيل سلوڪ ان زخم تي لوڻ ڇٽڻ برابر هو. ٻولي رڳو اظهار جو ذريعو نه هوندي آهي، پر اها قومن جي سڃاڻپ، تاريخ ۽ عزت سان جڙيل هوندي آهي. بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم نه ڪرڻ دراصل اوڀر پاڪستان جي وجود کي رد ڪرڻ جهڙو عمل هو، جنهن رياست ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جي آخري ديوار به ڊاهي وڌي.

1970ع  جي عام چونڊن ۾ عوامي ليگ جي واضح ڪاميابي جمهوريت لاءِ هڪ سنهري موقعو هئي. جمهوريت جو بنيادي اصول اهو آهي ته عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي، پر پاڪستان جي طاقتور حلقن اهو اصول قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اقتدار جي منتقلي روڪڻ لاءِ سازشون ٿيون، قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو، جنهن اوڀر پاڪستان جي بيچيني کي بغاوت ۾ بدلائي ڇڏيو. اهو ئي اهو موڙ هو، جتي ڳالهين، سياست ۽ مفاهمت جي جاءِ تي بندوق آندي وئي. سياسي مسئلي جو فوجي حل ڳولڻ جي اها روش رياست لاءِ زهر قاتل ثابت ٿي. مارچ 1971ع ۾ شروع ٿيل فوجي آپريشن اوڀر پاڪستان جي عوام ۽ رياست جي وچ ۾ آخري پل به ساڙي ڇڏيو. هزارين بيگناهه ماڻهو ماريا ويا، لکين پناهگير بڻجي ڀارت لڏي ويا. جڏهن رياست پنهنجي ئي شهرين کي دشمن سمجهڻ لڳي، تڏهن رياست جي بنيادن ۾ ئي ڏار پئجي ويندا آهن. ڀارت ان صورتحال مان فائدو وٺي مداخلت ضرور ڪئي، پر بنيادي ذميواري اسان جي پنهنجي پاليسين، فيصلا سازن ۽ طاقت جي غلط استعمال تي عائد ٿئي ٿي. دشمن هميشه تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي، جڏهن قوم اندر کان ورهايل هجي.

سقوطِ ڍاڪا اسان کي ڪيترائي تلخ پر اهم سبق ڏئي ٿو: جمهوريت کان سواءِ رياست نٿي هلي سگهي، عوامي مينڊيٽ کي لتاڙڻ رياست کي ٽوڙي ٿو، صوبائي خودمختياري قومي سلامتي لاءِ خطرو نه پر ضمانت آهي، مرڪزي بالادستي هميشه ردعمل پيدا ڪري ٿي، طاقت مسئلن جو حل ناهي، سياسي مسئلا رڳو سياسي ڳالهين سان حل ٿيندا آهن، ۽ ثقافتي ۽ لساني سڃاڻپ جو احترام نه ڪرڻ بغاوت کي جنم ڏئي ٿو. اڄ جڏهن موجوده پاڪستان ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته اهي ئي سوال وري ذهن ۾ اڀرن ٿا. ڇا جمهوريت اڄ به ڪمزور نه آهي؟ ڇا فيصلا اڄ به عوام بدران بند ڪمرن ۾ نٿا ٿين؟ ڇا ننڍن صوبن جون شڪايتون ختم ٿي ويون آهن؟ بلوچستان جون محروميون، سنڌ ۾ وسيلن بابت خدشا، خيبر پختونخواهه ۾ بدامني اهي سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته رياست ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جو بحران اڃا به موجود آهي. ميڊيا تي پابنديون، سياسي اختلاف کي غداري سان جوڙڻ، ۽ طاقت جو وڌندڙ استعمال اسان کي ٻيهر هڪ خطرناڪ رستي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. افسوس جو مقام اهو آهي ته سقوطِ ڍاڪا کي اسان هڪ “حادثو” سمجهي وساري ڇڏيو، پر ان کي قومي سبق طور قبول نه ڪيو. نه نصاب ۾ ايماندار بحث ٿيو، نه پاليسين ۾ بنيادي سڌارا آيا. نتيجي ۾ ساڳيون غلطيون نون نالن، نون جوازن ۽ نون دعوائن سان ورجايون پيون وڃن.

اڄ  ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته 16 ڊسمبر کي رڳو ماتم جو ڏينهن نه، پر احتساب ۽ واعدي جو ڏينهن بڻايو وڃي. واعدو ته عوامي راءِ جو احترام ڪيو ويندو، وفاق کي طاقت سان نه پر انصاف سان مضبوط ڪيو ويندو، اختلاف کي دشمن نه پر راءِ سمجهيو ويندو، ۽ تاريخ کي لڪائڻ بدران ان کي سچائيءَ سان قبول ڪيو ويندو. سقوطِ ڍاڪا رڳو ماضي جو باب نه، پر حال ۽ مستقبل لاءِ هڪ خبردار ڪندڙ گهنٽي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به پنهنجي سوچ، نظام ۽ روين ۾ تبديلي نه آندي ته تاريخ پاڻ کي ٻيهر ورجائي سگهي ٿي ۽ شايد وڌيڪ خطرناڪ نموني سان. قومون تڏهن زندهه رهنديون آهن، جڏهن هو پنهنجي غلطين کي سڃاڻن، مڃن ۽ درست ڪن.  16 ڊسمبر اڄ به اسان کان اهو ئي سوال ڪري ٿو: ڇا اسان سکڻ لاءِ تيار آهيون، يا رڳو ياد ڪرڻ تي ئي راضي آهيون؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.