سڊني حملي ۾ ملوث جوابدارجو ڀارت سان تعلق، آسٽريليا جو ڀارت سان رابطو

سڊني (م ڊ) آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ فائرنگ ذريعي 16 ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن کي زخمي ڪندڙ شخص ڀارتي شهري نڪتو. ميڊيا ذريعن موجب دهشتگرد جي ساٿي دعويٰ ڪئي آهي ته دهشتگرد ڀارتي ڄائو آهي. سڊني: حملا آور جي والد 1998 ۾ آسٽريليا آيو، پٽ مقامي آهي.آسٽريليائي پوليس مطابق، 50 سالن جو والد ۽ ان جو 24 ساله پٽ آچر ڏينهن هڪ يهودي تقريب دوران فائرنگ ۾ ملوث هئا، جنهن ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا. اهو واقعو تقريباً 30 سالن ۾ آسٽريليا جي سڀ کان بدترين فائرنگ جو واقعو شمار ٿي رهيو آهي.آسٽريلوي چينل سان ڳالهيون ڪندي شوٽر جي ساٿي ٻڌايو ته نويد اڪرم جي پيءُ جو تعلق ڀارت ۽ ماءُ جو اٽلي سان آهي. تازي انڪشاف کان پوءِ ڀارت جي پريشاني ۽ پاڪستان جي خلاف ڪوڙ سمجهه ۾ اچي ويو. ڀارتي ميڊيا سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون تصويرون پکيڙي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام سازش ڪئي. سڊني ۾ پيش آيل سانحي کي سياسي ۽ پروپيگنڊا جنگ ۾ تبديل ڪرڻ هر صورت ۾ مذمت جوڳو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۽ ڪوڙا الزام انسانيت جا دشمن آهن ۽ پاڪستان کي نشانو بنائڻ جي منظم سازش حقيقي انساني ڪهاڻي کي نظر انداز ڪيو. ڀارتي ميڊيا طرفان ڪوڙي وڊيوز ۽ هٿ ٺوڪي ڊيٽا جي ذريعي پاڪستان تي الزام بازي بي نقاب ٿي وئي آهي ڪنهن به عالمي ذريعن پاڪستان جي خلاف الزامن جي حمايت  نه ڪئي آهي.دهشتگردي انسانيت جي دشمن آهي، ڪنهن قوم يا نسل سان جوڙڻ انتهائي غيرذميوارانه قدم آهي. واقعو هڪ فرد جو ڏوهه هو پر پوري قوم کي بدنام ڪرڻ نفرت انگيزي آهي. پاڪستان کي نشانو بنائڻ جو مقصد انتهاپسند متاثرين جي مدد ۽ مسلمانن جي پرامن سڃاڻپ تان ڌيان هٽائڻ آهي. آسٽريليا جي وزيرِ اعظم انٿوني البانيز سڊني ۾ دهشت گردي جي واقعي ۾ ڪنهن وڏي انتهاپسند گروپ جي ملوث هجڻ جو امڪان رد ڪيو آهي. مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي، آسٽريليا جي وزيرِ اعظم چيو ته ٻنهي هٿياربندن اڪيلي سر ڪارروائي ڪئي ۽ اهي ٻئي واضع طور تي شدت پسند خيالن کان متاثر هئا، پر ڪنهن وڏي انتهاپسند گروپ جو حصو نه هئا. وزيرِ اعظم انٿوني البانيز وڌيڪ چيو ته پوليس هن واقعي ۾ ڪنهن ٽئين شخص کان ڳولا نه ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.