علي پور (م ڊ) پنجاب جي ضلعي علي پور ۾ ٻن جوابدارن هٿيارن جي زور تي هڪ گهٽ عمر ٻار جون فحش وڊيوز ٺاهي بليڪ ميلنگ ڪندي 2 لک رپيا وصول ڪري ورتا بعد ۾ آئي فون نه ڏيڻ تي جوابدارن وڊيوز وائرل ڪري ڇڏيون، جنهن کان پوءِ متاثر ٻار خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، پوليس موجب سٽي ٿاڻي جي حدن اندر ڪاشف ڀٽا ۽ علي بوسن نالي ٻن جوابدارن اسد عباس نالي گهٽ عمر ٻار کي ورغلائي جهنگ ۾ هٿيارن جي زور تي اڻ وڻندڙ وڊيوز ٺاهيون ۽ پئسن جي گهر ڪئي، پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن وڊيوز ذريعي بليڪ ميل ڪندي متاثر ٻار کان 2 لک رپيا وصول ڪيا، متاثر ٻار گهر مان رقم کڻي جوابدارن کي ڏني، جنهن بعد جوابدارن آئي فون جو مطالبو ڪيو، پوليس موجب آئي فون نه ملڻ تي جوابدارن وڊيوز وائرل ڪري ڇڏيون، جنهن کان پوءِ ٻار ذهني دٻاءَ سبب خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. پوليس ٻار جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.