ڪوئيٽا (م ڊ) صوبائي وزيرِ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سردار عبدالرحمان کيتران چيو آهي ته صوبو شديد قدرتي آفتن جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، حڪومت محدود وسيلن جي باوجود عوام جون مشڪلاتون گهٽائڻ لاءِ لڳاتار قدم کڻي رهي آهي،۽ عوام کي گهٽ ۾ گهٽ صاف پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ سڀ کان اهم ترجيح آهي، هن چيو ته زمين هيٺان پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته صوبائي سطح تي اڪثر ڊيمز تقريبن خالي ٿي چڪا آهن، ان صورتحال سبب نه صرف عوام پاڻي لاءِ ترسيو پيو وڃي، پر جانورن جي موت ۽ زرعي شعبن تي به سنگين اثر پيو آهي، هن چيو ته تازو ڪجهه مهينن ۾ معمول کان گهٽ مينهن ۽ موسمي تبديليون صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيون آهن، مختلف ضلعن ۾ پاڻي جي سپلائي اسڪيمون بحال ڪرڻ، نوان ٽيوب ويل لڳائڻ ۽ ٽينڪرن ذريعي پاڻي پهچائڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، خاص طور تي دور دراز ۽ متاثر ٿيل علائقن ۾ عوام تائين صاف پيئڻ جي پاڻي جي رسائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص منصوبابندي ڪئي وئي آهي.