ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي عوام لاءِ هڪ وڏي خوشخبري جو اعلان ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون بندرگاهه تي پهچي ويون آهن ۽ انشاءَ اللهجلد ئي شهر جي روڊن تي نظر اينديون. هن چيو ته اهي بسون ڪراچي ۾ عوامي سفري سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهن.هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ٽرانسپورٽ کاتو سڀني معاملن کي آخري شڪل ڏئي رهيو آهي ته جيئن ڊبل ڊيڪر بسن کي جلد کان جلد سروس ۾ شامل ڪري سگهجي.شرجيل انعام ميمڻ جي مطابق، سنڌ حڪومت شهرين کي جديد، محفوظ، آرامده سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جا پنهنجا واعدا پورا ڪري رهي آهي، ۽ ڊبل ڊيڪر بسن جي شموليت هن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.