تهران (ويب ڊيسڪ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملن ۾ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد ٿي ويو.
ايراني سرڪاري ميڊيا سپريم ليڊر جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو ته حملي وقت آيت الله خامنه اي پنهنجي آفيس ۾ موجود هو.
ايراني سپريم ليڊر جي شهادت کانپوءِ ايران ۾ 7 ڏينهن موڪل ۽ 40 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته جلد وڏي ڪارروائي شروع ٿيندي، ايران جي تاريخ جو سڀ کان جارحاڻو آپريشن شروع ٿيندو.
ان کان اڳ ايراني سرڪاري ميڊيا تصديق ڪئي هئي ته حملن ۾ سپريم ليڊر جي ڌيءُ، نياڻو، نُنهن ۽ ڏوهٽي شهيد ٿي ويا آهن.
اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل حملي ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد ٿي ويو
You might also like