اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي افغانستان ۾ اثرائي جوابي ڪارروائي ۾ هيل تائين 415 افغان طالبان مارجي ويا آهن ۽ 580 زخمي ٿيا آهن.
آپريشن غضب للحق جي حوالي سان ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عطاءُ الله تارڙ ٻڌايو ته افغان طالبان جون 182 چيڪ پوسٽون مڪمل طور تباهه ٿي ويون، جڏهن ته 31 چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته افغان طالبان جون 115 ٽينڪون، آرمڊ وهيڪلز، آٽلري گنز مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، افغانستان ۾ 46 جاين کي فضائي ڪارروائي ۾ اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو آهي.
You might also like