سنڌوءَ جي سازَ ’بوڙينڊي‘ جي عالمي سطح تي مڃتا

تحرير: ياسر قاضي

اهو سنڌ سميت پوري ملڪ لاءِ فخر سان ڀرپور لمحو هو، جڏهن ڪجهه ڏينھن اڳ، 9 ڊسمبر 2025ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي هلندڙ اجلاس دؤران سنڌ جي ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ قديم آثارن جي وزيرَ، سيّد ذوالفقار علي شاهه، ’فلور آف دي هائوس‘ تي قوم سان اها خبر ونڊِي ته اسانجي ثقافت واري وزارت جي لکپڙهه جي نتيجي ۾ ”گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري“ (UNESCO) پاران مھين جي دڙي مان مليل مٽيءَ مان ٺھيل سازَ ”بوڙينڊي“ (Clay Ball) کي ”يونيسڪو“ جي ”غير مادي ثقافتي ورثي جي تڪڙي تحفظ جي ضرورت“ واري عالمي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنھن سان نه رڳو هن ساز کي بين الاقوامي مڃتا ملي آهي، بلڪه ان جي بچاءَ لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان سان گڏ اقوامِ متحده جو هي ثقافت جي واڌاري وارو ادارو به هاڻ سرڪاري طور همراهي ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران وفاق معرفت لکپڙهه ته ٿلھي ليکي 2022ع کان جاري هئي، پر سڀ ڪاڳرَ پَٽَ پُورا ڪري اهو ڪيس، دستاويز (Dossier) جي صورت ۾ گذريل سال، مارچ 2024ع ۾ ”يونيسڪو“ ۾ پاڪستان پاران بحيثيت رياست جمع ڪرايو ويو هو، جنھنجي دهلي (ڀارت) ۾ ”يونيسڪو“ جي ”غير مادي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ بين الحڪومتي ڪميٽيءَ“ جي 9 ڊسمبر تي منعقد ڪيل گڏجاڻيءَ ۾ 24 رڪن ملڪن جي منظوريءَ کانپوءِ اهڙو اعلان ڪري، ”بوڙينڊي“ کي تڪڙي بچاءَ واري ان عالمي ورثي جي فھرست ۾ باضابطه طور تي شامل ڪيو ويو. انھن رڪن ملڪن ۾ خود ڀارت، بنگلاديش، اُزبڪستان، چين، ملائيشيا، گڏيل عرب رياستون، فرانس، جرمني، اسپين، الجيريا، انگولا، بارباڊوس، ايٿوپيا، هيٽي، موريطانيه، نائيجيريا، پيراگوئي، سلوويڪيا، يوگانڊا، يوڪرين، ويتنام ۽ زيمبيا شامل آهن، جن منجهان ڪنھن به ملڪَ، بوڙينڊي جي ان فھرست ۾ شموليت لاءِ نامزدگيءَ تي ڪوبه اعتراض ڪونه واريو ۽ ان طرح بوڙينڊي جي عالمي سطح تي ان مڃتا ۾ ڪابه رڪاوٽ ڪانه ٿي. ان حتمي مِيٽنگ کان اڳ بوڙينڊي جو اهو ڪيس ’يونيسڪو‘ جي مختلف ڪميٽين جي منظوريءَ جي مرحلن مان پڻ گذريو، جن ۾ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ۽ تجزياتي / تشخيصي (Evaluation) ڪميٽي به شامل هيون. جنھن بعد اهو ڪيس مٿي ذڪر ڪيل بين الحڪومتي ڪميٽيءَ وٽ آيو، جنھن جي آخري ۽ حتمي منظوريءَ کانپوءِ بوڙينڊي کي ان لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو.

بوڙينڊو، قديم سنڌو ماٿر جو هزارين سال پراڻو ساز ۽ آواز آهي، جيڪو مھين جي دڙي واري دؤر کان وٺي اڄ تائين زنده آهي. جنھن کي عالمي طور مڃتا ملڻ سميت خطري هيٺ آيل سازن ۾ ڳڻي ان جي معدوم ٿيڻ جي خطري تي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو ويو آهي ۽ ان جي بچاءَ لاءِ عالمي سطح تي اپاءَ وٺڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جو عزم ڪيو ويو آهي. اهو هڪ وڏو اعزاز آهي، ڇو ته بوڙيندو رڳو هڪ ساز ناهي، پر اهو ”مھين جي دڙي“ مان ملندڙ  5000 سال پراڻي گونجَ آهي. هي مٽيءَ مان تيار ڪيل ساز سنڌ جي ماهر فنڪارن جي ساهن مان زندگي ماڻي ٿو ۽ ان مان هتان جي ماڻھن جو پنھنجي مٽيءَ ۽ ڌرتيءَ سان گھرو ڳانڍاپو پڻ ظاهر ٿئي ٿو. اڄ رڳو هن ساز جا ڪجهه ئي ماهر ٺاهيندڙ توڙي وڄائيندڙ باقي وڃي بچيا آهن، جنھنڪري اهو فن تقريباً ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي، پر هاڻي ان جي بچاءَ لاءِ پوري دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺي آهي ته جيئن بوڙيندي جا سُرَ سدا سلامت رهن. هن منظوريءَ سان عالمي سطح تي هن ساز جي بچاءَ جو اهم منصوبو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو هن فن کي ايندڙ نسل تائين منتقل ڪرڻ، اسان جي ورثي کي ٻيھر زنده ڪرڻ ۽ هي ساز ٺاهيندڙ مقامي ڪاريگرن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ انتھائي ڪارگر ثابت ٿيندو.

هيءَ فھرست ’يونيسڪو‘ جي جنرل ڪانفرنس جي 29 سيپٽمبر کان 17 آڪٽوبر 2003ع تائين پئرس (فرانس) ۾ ڪوٺايل 32هين اجلاس ۾ غير مادي ثقافتي ورثي جي بچاءَ لاءِ پنھنجايل ڪنوينشن تحت جاري ڪئي وئي آهي. پاڪستان ان ڪنوينشن جو 2005ع کان حصو بڻيو آهي. ان تسلسل ۾ نومبر 2023ع ۾ ’يونيسڪو‘ جي 42هين ڪنوينشن ۾ ڪيل فيصلي تحت گذريل سال 2024ع کان وٺي 17هين آڪٽوبر تي هر سال ”غير مادي عالمي ورثي جو عالمي ڏينھن“ ملھائجڻ پڻ شروع ٿيو آهي، جيڪو هن سال ٻيون ڀيرو ملھايو ويو. بوڙينڊو بظاھر ته مادي ثقافت جو مظھر آهي، پر جيئن ته ان جِي وڄت توڙي ان کي گهڙڻ جو هنر هڪ غير مادي فن آهي، انڪري بوڙينڊي کي عالمي غيرمادي ورثي جو حصو بڻايو ويو آهي.

سنڌو ماٿريءَ جي قديم ترين سازن مان هڪ ساز ”بوڙينڊو“ ڏسڻ ۾ ننڍڙو ۽ سادو آهي، پر ان جي وڄت روح جي گھرائيءَ ۾ لھي ويندڙ آهي. اڄڪلهه، سنڌ ۾ لاڙ جو ڪلاڪار ــ ذوالفقار لنڊ مايهء ناز بوڙيندي وڄائيندڙ طور سنڌ ۾ پنھنجي خاص سڃاڻپ رکي ٿو، جنھن لاءِ هي ساز هٿ سان استاد الله جڙيو ٺاهيندو آهي، جيڪو هن ناياب هنر کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. مھين جي دڙي مان مليل بوڙينڊي ۾ سُرن لاءِ چار سوراخ ٿيل آهن، يعني اهو قديم بوڙينڊو چئن سُرن تي آڌاريل ڌُنون وڄائيندو هو، جڏهن ته ذوالفقار لُنڊَ اڄ جي بوڙينڊي ۾ جدت آڻيندي ان کي ستن سُرن تي آڌاريل بڻايو آهي ۽ اڄڪلھه جي بوڙينڊي مان ست سُرَ نڪرن ٿا. ذوالفقار لُنڊ ته ان ساز جو ماھر وڄتو آهي، پر ڪجهه اڀرندڙ وڄتڪار پڻ ان ساز کي وڄائڻ سکي چُڪا آهن، جن ۾ بدين جو ملھار جوڻيجو، مٺيءَ جو محبوب علي، لاڙ جو جان محمّد جتُ، امر ڪوٽ (عمرڪوٽ) جو باغ علي رانجها ۽ ڪجهه ٻيا ڪلاڪار شامل آهن. ذوالفقار لُنڊ ان فن کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پڻ مگن آهي ۽ اميد آهي ته هو ويجهي مستقبل ۾ هن ساز جي وڄت جا ٻيا سازندا پڻ پنھنجن شاگردن طور پيدا ڪندو. گڏوگڏ عالمي سطح تي بوڙينڊي جي هن تازي مالڪيءَ کانپوءِ هاڻي سنڌ سرڪار لاءِ به لازمي ٿي پيو آهي ته اها ان ساز جي بچاءَ ۽ ان جي وڄت جي فن جي واڌاري لاءِ ان جي تربيت جو وسيع پئماني تي اهتمام ڪري.

اوهانکي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته اسان واري بوڙينڊي سان ملندڙ جُلندڙ هڪ ٻيو ساز به دنيا ۾ رائج رهيو آهي، جنھن کي ”اوڪرينا“ (Ocarina) يا ”ٻٽالُو بانسري“ (Potato Flute) چون ٿا. جنھنجو مھانڊو ’پستول‘ يا اڃا به ”هيئر ڊرائر“ (وارن سُڪائڻ واري مشين) جھڙو ٿئي ٿو. ’اوڪيرينا‘ جو واسطو پڻ دنيا جي تمام پراڻن سازن جي ڪٽنب سان آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 12 هزار ورهن کان وڌيڪ قديم ڏَسيو وڃي ٿو. ’اوڪيرينا‘ جھڙا سازَ خاص طور تي چيني ۽ ميزو امريڪي تھذيبن ۾ ملن ٿا. عين ممڪن آهي ته ’اوڪيرينا‘ جھڙن انھن سازن جو بُڻ بنياد به ”بوڙينڊو“ ئي هجي. ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿر ۽ مھين جي دڙي جي اؤج وارو زمانو ته 5000 سال قديم آهي، پر ان اؤج تائين پھچڻ ۾ به ته سنڌو سڀيتا کي هزارين سالَ لڳا هوندا ۽ بوڙينڊو پڪ سان اڃا به پراڻو آهي.

هن قديم ثقافتي ساز کي اها مڃتا ڏيارڻ ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جو به نھايت هاڪارو ۽ مستعد ڪردار رهيو آهي، جنھن بوڙيندي کي ’يونيسڪو‘ جي ان اهم فھرست ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. کاتي، ’يونيسڪو‘ جي هدايتن تحت، مقامي برادريءَ جي رضامندي حاصل ڪرڻ کانپوءِ تڪنيڪي گُهرجن پٽاندر سرڪاري دستاويزن جو مجموعو (ڊوزيئر) تيار ڪري جمع ڪرايو. هي عمل هڪ سال جي سخت تحقيق، دستاويزي ڪمَ، صلاح مصلحت ۽ تياريءَ تي ٻڌل هو. کاتي کي وفاقي حڪومت ۽ ’يونيسڪو‘ جي پاڪستان آفيس جي حمايت حاصل رهي، جنھن سان نامزدگيءَ جي جمع ڪرائڻ ۽ تصديق جو عمل آسانيءَ سان مڪمل ٿي سگهيو. ثقافتي ماهر ميزا عبيد، ’يونيسڪو‘ جي معيارن تي پوري لھندڙ هن ’ڊوزيئر‘ جي تياريءَ ۾ فني رهنمائي مھيا ڪئي. سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي پاران جتي سنڌ ثقافت جي نؤجوان وزيرَ، سيّد ذوالفقار علي شاھه جي خاص هدايت، رهنمائي توڙي مدد حاصل رهي، اتي کاتي جي اهم ۽ باصلاحيت آفيسر، هدايت الله راڄڙ جو به انتھائي اهم ڪردار رھيو. ’يونيسڪو‘ جي طريقهء ڪار موجب هن تڪنيڪي لکپڙهه ۾ هدايت الله جي ڊرافٽنگ جي هنر جو انتھائي اهم ۽ مددگار ڪردار رھيو آهي. ان سان گڏوگڏ هن لکپڙهه جي مختلف مرحلن دؤران کاتي جي موجوده سيڪريٽري خير محمّد ڪلوڙ سميت اڳوڻن سيڪريٽرين عبدالعليم لاشاريءَ ۽ خالد چاچڙ سان گڏوگڏ اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل، منور علي مھيسر ۽ هاڻوڪي ڊائريڪٽر جنرل حبيب الله ميمڻ جو مثبت ڪردار به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

اڳتي، ثقافت کاتي پاران مارچ 2026ع ۾ ”اجرڪ“ کي سنڌو ماٿر سڀيتا ۽ سنڌ جي قديم تھذيبي ورثي طور ”يونيسڪو“ جي ان غير مادي ثقافت واريءَ فھرست ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ضابطي واري لکپڙهه ۽ دستاويز (ڊوزيئر) جمع ڪرائڻ جي توقع آهي. گڏوگڏ مون هر فورم تي سنڌ جي ثقافت کاتي کان اها گهر پئي ڪئي آهي ته هر ڊسمبر جي پھرين آچر تي ملھائجندڙ ”ايڪتا ڏينھن / ثقافتي ڏينھن“ کي پڻ عوام پاران ملھائجندڙ ثقافتي ڏينھن طور ”عالمي غير مادي ورثي واريءَ فھرست“ ۾ شامل ڪرايو وڃي، جيئن ان لسٽ ۾ هولي، ڏياري توڙي ’نؤروز‘ جھڙا تھوار اڳواٽ شامل آهن. جلد ئي سنڌ جي ثقافت کاتي پاران اهڙي رٿَ پڻ جمع ڪرائڻ جي توقع آهي.

ياد رهي ته ’يونيسڪو‘ جي مادي ثقافتي ورثي جي بچاءَ لاءِ جاري ٿيندڙ فھرست ۾ سنڌ جا اڳواٽ ٻه قديم ماڳ (مھين جو دڙو ۽ مڪلي قبرستان) عالمي ورثي جي حيثيت ۾ موجود آهن. ان فھرست ۾ مھين جو دڙو 1980ع ۾ جڏهن ته مڪلي 1981ع ۾ شامل ٿي هئي، جڏهن ته عالمي ورثي جي ان املھه فھرست ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ”ڀنڀور“ جي ماڳ جو گهربل سرڪاري ’ڊوزيئر‘ جمع ڪرايل آهي، جنھنجي چڪاس لاءِ ’يونيسڪو‘ جُون مختلف ڪميٽيون پنھنجا جائزا وٺي رهيو ن آهن، پر جيئن ته مادي ثقافتي ورثي (بالخصوص: ماڳن مڪانن) جي منظوريءَ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو آهي، ڇاڪاڻ ته انھن جي طبعي جاچ جا مرحلا ڊگها ٿين ٿا، تنهنڪري اميد ڪجي ٿي ته ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ ”ڀنڀور“ کي عالمي ورثي واري ’يونيسڪو‘ جي فھرست ۾ شامل ڪرائي سگهبو، جيڪو پڻ سنڌ سميت پاڪستان لاءِ هڪ وڏو اعزاز هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.