وينزويلا، آمريڪا جو نئون شڪار

ايوب ملڪ

اڄ ڪلهه دنيا جي مختلف حصن ۾ ايشيائي رهنمائن جي هڪ نئين حڪمت عملي جو وڏو چرچو آهي، جنهن ۾ اهي پهريان ٽرمپ جي خوشامد ڪن ٿا ۽ پوءِ ان کان فائدو حاصل ڪن ٿا. ان حڪمت عملي کي اختيار ڪرڻ واري ملڪ جاپان، ڪوريا ۽ مليشيا آهن، جن آمريڪا سان نوان واپاري معاهدا ڪري ٽيرف گهٽايو آهي. اها ڳالهه ياد رکڻ لائق آهي ته آمراڻي ذهنيت وارا رهنما هميشه پنهنجن چاپلوسين جي سبب جنگن کي شروع ڪرڻ ۽ تڪرارن کي وڌائڻ ۾ دلچسپي رکندا آهن. اهڙي طرح، ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ پنهنجي امن قائم ڪرڻ جي صلاحيتن کي پڌرو ڪري رهيو آهي، پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هو کليل طور وينزويلا ۾ فوجي طاقت استعمال ڪري هڪ جمهوري حڪومت کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

1823ع ۾ آمريڪي صدر جيمز مونو (James Monroe) هڪ ڊاڪٽرائن ذريعي لاطيني آمريڪا جي ملڪن کي پنهنجي ” پٺي” قرار ڏيندي اهو صاف اعلان ڪيو هو ته لاطيني ملڪن کي يا ته امريڪا سان واپار ڪرڻو پوندو يا پوءِ انٽارڪٽيڪا سان. ان سان گڏ ئي، آمريڪا يورپي ملڪن کي خبردار ڪيو ته اهي لاطيني آمريڪا کي نوآبادي بڻائڻ کان بچن. انهن ئي پاليسين جي ڪري لاطيني آمريڪا جي بيشمار حڪومتن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو ۽ ان صدي ۾ لڳاتار مداخلت جا واقعا پيش آيا. معروف فڪرنگار جيفري سيچ مطابق، ٻي جنگ عظيم کانپوءِ آمريڪا 70 کان وڌيڪ موقعن تي حڪومتن کي ڪيرائڻ ۽ جنگن ۾ ملوث رهيو آهي. ٽرمپ جي پهرين حڪومت ۾ آمريڪا کي ڪيوبا، وينزويلا ۽ نڪاراگوا تي حملو ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي هئي، پر هن ڀيري مارڪو روبيو، جيڪو هڪ متعصب اينٽي ڪاسٽرو طبقو جو نمائندو آهي ۽ هينري ڪسنجر کانپوءِ پهريون شخص آهي جيڪو قومي سلامتي جو مشير ۽ پرڏيهي وزير طور ڪم ڪري رهيو آهي، منشيات جي خاتمي جو بهانو بڻائي ٽرمپ کي وينزويلا تي حملو ڪرڻ لاءِ قائل ڪري ڇڏيو آهي.

پانامه هڪ 30 لک آباديءَ وارو ننڍڙو ملڪ آهي ۽ پانامه درياهه جي ڪري ٻن حصن ۾ ورهايل هو، جڏهن ته آمريڪي  حملي جي وقت پانامه درياهه پڻ آمريڪا جي ڪنٽرول ۾  هيو ۽ سدرن ڪمانڊ جو صدر دفتر ۽ مستقل فوجي اڏو موجود هو. ان جي برعڪس وينزويلا هڪ وڏو، جغرافيائي طور ملڪ آهي جنهن جي آبادي تقريبن 30 ملين آهي ۽ جتي نه آمريڪا جا فوجي اڏا آهن، ۽ نه ئي وينزويلا جا پاڙيسري ملڪ، جن ۾ ڪولمبيا ۽ برازيل شامل آهن، ٽرمپ جي ڪنهن به پاليسي سان متفق آهن.

آمريڪي عملدار زور شور سان وينزويلا جي صدر نِڪولس مادورو کي منشيات ڪارٽل جو سردار قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ان حقيقت کي لڪائي رهيا آهن ته وينزويلا ڪڏهن به منشيات جي واپار جو وڏو مرڪز ناهي رهيو، ۽ نه ئي آمريڪا ۾ فينٽيل (خاص قسم جي منشيات) جو وڌندڙ استعمال ان سان ڪنهن قسم جو تعلق رکندو آهي. ياد رهي ته مادورو، پويان ٻارهن سالن کان هيوگو چاويز جو جانشين آهي، جنهن پنهنجي سوشلسٽ نظرياتي خيالن کي وينزويلا کان ٻاهر لاطيني آمريڪا ۾ پکڙائي ڇڏيو. چاويز پنهنجي ملڪ جي غريب طبقن کي غربت کان نجات ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، جن ۾ کيس ڪيوبا جي مدد حاصل هئي ۽ فيڊل ڪاسترو 2002ع ۾ چاويز خلاف آمريڪي بغاوت کي ناڪام بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

منرو ڊاڪٽرائن تحت ئي 1898ع ۾ آمريڪا ڪيوبا تي حملو ڪري کيس اسپين کان آزاد ڪرائي ڇڏيو، پر ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين آمريڪا  ڪيوبا کي عملي طور آمريڪي ڪمپنين جي قبضي ۾ رکيو. آخرڪار 1959ع ۾ فيڊل ڪاسترو ڪيوبا ۾ انقلاب آڻيندي ان کي آزاد ڪرائي ڇڏيو، پر 1961ع ۾ آمريڪا  ڪيوبا تي حملو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڪاسترو جي فوج  آمريڪي ميرينز کي شڪست ڏئي ڇڏي، ۽ "بي آف پگس” جو واقعو آمريڪا جي تاريخ ۾ هڪ ذلت آميز هار جي طور تي ياد ڪيو وڃي ٿو. ان کانپوءِ آمريڪا  ڪيوبا کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪاسترو تي حملن جا منصوبا ٺاهيا. منرو ڊاڪٽرائن تحت ئي 1954ع ۾ آمريڪا  گوئٽيمالا ۾ جمهوري طور چونڊيل صدر کي هٽايو،  ڇاڪاڻ ته هن زرعي اصلاحات جو قانون لاڳو ڪيو هو، جنهن ۾ 4000 ايڪڙ زمين قومي قبضي ۾ آئي هئي، جنهن ۾ سڀ کان وڏي حصي تي "يونائيٽيڊ فروٽ ڪمپني” جو قبضي هو، جيڪا واشنگٽن ۾ تمام گهڻي پذيرائي رکندي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتوو ته آمريڪا گوئٽيمالا ۾ زرعي اصلاحات کي واپس ورتو ۽ 500,000 هارين کي ان زمين کان  بي دخل ڪيو.

ٽرمپ جي لاطيني ملڪن سان دشمن جو رويي هاڻي ڪولمبيا تائين پهچي چڪو آهي، جتي جو صدر فلسطيني عوام جي حقن جو وڏو حامي سمجهيو ويندو آهي ۽ جنهن اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطيني عوام جي حقن جي حمايت ڪئي هئي. ان تقريب کانپوءِ ان جو آمريڪي ويزا رد ڪيو ويو ۽ ٽرمپ ان کي ڪولمبيا جو بدترين صدر ۽ چريو شخص قرار ڏنو. آمريڪا جو لاطيني آمريڪا ۾ تسلط واري پاليسين جو هڪ طويل تاريخ آهي ۽ ان پاليسين جي ڪري لاطيني آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ انهن جي عوام کي وڏي اذيت ۽ تباهي جو منهن ڏسڻو پيو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته ايران تي حملو ڪرڻ کانپوءِ اهو واضح ٿي چڪو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جو حامي ناهي، بلڪه هو پنهنجي تسلط واري پاليسين کي لاڳو ڪرڻ لاءِ جنگ ۽ امن ٻنهي جي صلاحيتن کي استعمال ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.