ڪراچي جا شيشا بازار، نوجوان نسل جي تباهي جا ٺڪاڻا بڻيل

حفيظ شيخ

ڪراچي، جيڪو ملڪ جو معاشي ۽ علمي مرڪز سڏيو وڃي ٿو اڄ مافيائن ۽ منشيات جو مرڪز بڻجي ويو آهي خاص طور تي گلستانِ جوهر جهڙو علائقو جتي يونيورسٽيون، ڪاليجز ۽ ڪوچنگ سينٽر موجود آهن اتي ئي شيشا بارز جي آڙ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا معاشري لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن سوال اٿڻ لازمي آهي ته اهي شيشا بارز آخر ڪنهن جي سرپرستي ۾ بي خوف ۽ بي ڌڙڪ هلي رهيا آهن؟ ڇا پوليس کي انهن جي ڄاڻ ناهي يا ڄاڻي واڻي اکون بند ڪيون ويون آهن؟گلستان جوهر ۽ شاھراھ فيصل ٿاڻي جي حد ۾ قائم ڪيترائي شيشا بارز صرف تفريحي جڳھون نه پر نوجوانن لاءِ منشيات استعمال ڪرڻ جا محفوظ ٺڪاڻا بڻيل آهن ڪيترائي شاگرد جيڪي ملڪ جي مختلف حصن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ايندا آهن اهي انهن ئي ڪيفيز ۾ ويهي تفريح جي نالي ۾ آھستي آھستي چرس، آئس ۽ ڪرسٽل جهڙن خطرناڪ نشن جا عادي بڻجي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ والدين جيڪي پنهنجن ٻارن کي بهتر مستقبل جي اميد سان شهر موڪلين ٿا انهن جا خواب ريت وانگر هٿن مان سلھي وڃن ٿا

ذريعن موجب اھي شيشا بارز پوليس لاءِ مستقل آمدني جو ذريعو بڻيل آهن هر هڪ ڪيفي تان مبينا طور تي لکين رپيا هفتيوار وصول ڪيا وڃن ٿا سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن پوليس جي نطرن اڳيان اهو ڪاروبار هلي ٿو ته پوءِ قانون جو خوف ڪٿي آهي؟ ۽ اهي مالڪ آخر ڪٿان ايترو پيسو ڪمائن ٿا جو پوليس جا هفتا، فٽينگون ۽ ٻيون سياسي رشوتون ڏئي سگھن ٿا؟ ڪٿي ڪٿي شيشا بارز مافيا کي سياسي سرپرستي پڻ حاصل آهي جنهن سبب حد جي پوليس انھن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر ھوندي آهي اهڙي سرپرستي جي ڪري نه صرف قانون جي حڪمراني کي زڪ لڳي رهي آهي پر نوجوان نسل جو مستقبل به داءُ تي لڳي ويو آهي

ڪراچي ۾ شيشا بارز مافيا جو نيٽ ورڪ ايترو مضبوط ٿي چڪو آهي جو  ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا پوليس جا اعليٰ آفيسر به انهن جي معاملي ۾ براہِ راست مداخلت ڪندا ڏٺا ويا آهن اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري طور تي صورتحال جو سخت نوٽيس وٺن ۽ ان غيرقانوني نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ ساڳي وقت، سماجي ادارا، والدين ۽ استادن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان هن تباهي واري لت کان بچي سگهن جيڪڏهن اڄ اسان خاموش رهياسين ته سڀاڻي تعليمي مرڪز جي سڃاڻپ رکندڙ ڪراچي شھر جي سڃاڻپ ختم ٿي منشيات جو مرڪز بڻجي ويندي

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.