انسان کي فرش کان عرش تائين پهچائيندڙ عظيم شخصيت استاد ئي آهي، استاد هڪ اهڙو ڏيئو آهي جيڪو سماج ۾ جهالت کي مٽائي جڳ جهان ۾ سرخرو ڪري ٿو. تنهن ڪري چيو ويو آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي. علم کان بغير ماڻهو اڌورو ۽ نامڪمل آهي. هن دنيا ۾ جيڪي به ڪمال درجي جون هستيون ڏسون ٿا آهي لازمن انهن جي پويان به هڪ استاد جو ئي پورهيو شامل آهي. پنهنجي سنڌ کي سدائين تعليم جي سلسلي ۾ مھڻا طعنا ڏنا ويندا آهن. ان ۾ ڪافي وڌاءُ به ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي استادن جون تعليم جي حوالي سان ڌرتي جي سونهن سوڀيا جي حوالي سان پنهنجون ڪاوشون ۽ ڪوششون ڪڏهن به وساري يا رد نٿيون ڪري سگهجن.
دنيا جو هڪ کليل اصول ضابطا اخلاق آهي ته جيڪو ٻين جي ڀلائي ڪندو الله پاڪ ان جي لاءِ رستا کولي ڇڏيندو آهي. اسان توهان سڀني کي اهو فڪر ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي اولاد کي پنهنجي ٻارڙن کي بهترين تعليم تربيت جو فڪر ڪندي جتي اسان جا وڏڙا بهترين تعليم تربيت حاصل ڪندي وڏن وڏن عهدن مرتبن تي پهتا، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن. اهي درسگاهون ۽ تعليم گاهون سرڪاري اسڪولن ۾ اسان جي وڏڙن کي جهڙي طرح تعليم سان گڏوگڏ ئي بهتر تربيت ملندي رهي اهڙي طرح اڄ سرڪاري اسڪولن ۾ سينئير تجربيڪار استادن کانسواءِ باقي ٻي هنڌ ڀينگ لڳي پئي آهي. والدين انهيءَ خوش فهمي ۾ رهندا آهن ۽ اتي سرڪاري اسڪول کان سواءِ ٻئي هنڌ وڏيون وڏيون فيس فيون برداشت ڪندي ۽ مهينن جا مهينا، بلڪ سالن جا سال اي بي سي کان اڳتي وڌڻ بجاءِ رڳو راندين، ناٽڪ ۽ ٻين هروڀرو جي پروگرامن ۾ مشغول رهڻ جنهن سرگرمين ۾ ريجهائي معصوم ٻارڙن کي واپس ڪيو وڃي ٿو، والدين اهو ڪڏهن ناهي ڏٺو ته جيڪي اسان جا گلڙن جهڙا معصوم ٻارڙا صبح کان منجهند تائين پڙهڻ لاءِ ٻارڙا وڃن ٿا انهن کي ڪير پڙهائي رهيا آهن؟
سرڪاري اسڪولن ۾ سڀ کان اهم اهميت جوڳي اها ڳالهه سامهون آهي ته پهريان ته سرڪاري اسڪولن ۾ ذميوار سينئير تجربيڪار ٽيچرس استاد صاحبان آهن جيڪي پنهنجي قومي فريضي تعليم تربيت ڏيارڻ لاءِ سرگرم عمل رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي. اسان جو ۽ حڪومت سنڌ جو سلوگن آهي ته پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ يعني ترقي جو منزلون راهون طئي ڪندي سنڌ ڌرتي. سنڌ جي اندر پهرين ڪلاس کان پنجين ڪلاس تائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جون مفت داخلائون شروع ڪيون ويون آهن. سرڪاري اسڪولن ۾ مفت داخلائون، مفت نصابي ڪتاب، مفت تعليم سان گڏوگڏ ئي پڙهندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي حڪومت طرفان تعليمي وظيفا اسڪالرشپ پڻ ڏنا وڃن ٿا، ان لاءِ والدين کي گهرجي پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين، جتان ملڪ جا وڏا ۽ ناليواري اديب، عالم، دانشور، شاعر ۽ سياستدان پڙهي نڪتا.