رولڙن جو شڪار بڻيل مختلف منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت

سنڌ حڪومت جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي (پي اينڊ ڊي) جي مختلف اسڪيمن تي 2001ع کان وٺي اڄ تائين جاري رڪاوٽن ۽ ناقص انتظام سان سنڌ جي خزاني کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس ۾ تازو ڪيل انڪشافن مان واضح آهي ته سنڌ ۾ ڪيترائي اهم منصوبا بنديءَ جا ڪم، جيڪي اربين روپين جي لاڳت سان منظور ڪيا ويا هئا، اڄ تائين نامڪمل ۽ رولڙي جو شڪار آهن. ان مان نه رڳو عوامي فلاح ۽ ترقيءَ جي منصوبن تي اثر پيو آهي، پر ان سان سنڌ جي خزاني کي به سنگين مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.

پي اي سي اجلاس ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف 28 سرڪاري کاتن جون 114 ارب رپين جي منظور ٿيل 133 اي ڊي پي اسڪيمون، جيڪي 2001ع کان 2025ع تائين لڳ ڀڳ 24 سالن جو عرصو طئي ڪري چڪيون آهن، اڃا تائين مڪمل ناهن ٿي سگهيون. رپورٽ موجب، ان عرصي دوران ان منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ کاتن مان ڪنهن به سنجيدگي سان انهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا آهن. جنهن عمل مان  اها ڳالهه واضح  ٿي رهي آهي ته انتظامي غفلت ۽ حڪومتي نظام جي ڪمزورين سبب عوامي مفادن جا منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ان سڄي عرصي ۾ اربين روپيا خرچ پڻ ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اي ڊي پي اسڪيمون  آهن  جيڪي اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيون آهن. ان دوران، ان منصوبن تي اربين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود ان ۾ ڪا خاص اڳڀرائي ناهي ٿي.

پي اي سي اجلاس ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي 114 ارب رپين جا منصوبا جيڪي مسلسل رولڙي جو شڪار آهن، سنڌ جي خزاني تي هڪ بار بڻجي چڪا آهن. جڏهن منصوبا وقت سر مڪمل نٿا ٿين، ته ان سان ٻيا به ڪيترائي مسئلا پڻ پيدا ٿين ٿا ۽ عوام کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو ڇاڪاڻ ته عوامي خدمت جا منصوبا جيڪي عوام جي روزمره زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، انهن ۾ دير ٿي رهي آهي، جنهن سان ماڻهن جي زندگي ۾ وڌيڪ تنگي پيدا ٿي رهي آهي. ڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ ان جي ادارن کي انهن منصوبن ۾ ٿيندڙ دير ۽ ان سبب ٿيندڙ مالي نقصان جو اندازو لڳائڻو پوندو، ڇو ته جيئن اهڙا منصوبا مختلف  ادارن ۾ ترقي جي رفتار ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي ها ته ان سان نه رڳو عوامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پر ان سان گڏ سرڪاري خزاني تان بار پڻ هلڪو ٿيندو.

ڊينگي جي وڌندڙ لهر:حڪومتي حڪمت عملي ۽ عوام جي ذميواري

سنڌ ۾ ڊينگي وائرس خطرناڪ رفتار سان وڌي رهيو آهي۔ صحت کاتي پاران جاري ڪيل تازي رپورٽ موجب رڳو چوبهه ڪلاڪن دوران صوبي ۾ 5899 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1192  ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿيا.ڪراچي ۾ 4371 ٽيسٽن مان 642 ماڻهن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 1528 ٽيسٽن مان 550 مريضن ۾ وائرس جي موجودگي ظاهر ٿي آهي. ڊينگي هاڻي رڳو ڪراچي تائين محدود ناهي رهيو، پر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي چڪو آهي۔ صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران سرڪاري اسپتالن ۾ 109 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 100 نوان مريض آيا۔ ساڳي وقت سرڪاري اسپتالن مان 112 ۽ خانگي اسپتالن مان 151 مريض صحتياب ٿي گهر واپس ويا، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته صوبي جي مختلف علائقن مان 4 ماڻهو پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويٺا.  جنهن مان اهو ظاهر  ٿئي ٿو ته صورتحال ڪنٽرول ۾ ناهي.

صحت کاتي جي انگن اکرن مطابق مريضن جو وڌندڙ انگ اسپتالن تي غير معمولي دٻاءُ وجهي رهيو آهي۔ ڪيترن ئي اسپتالن ۾ بسترا گهٽ آهن، ليبارٽريون محدود آهن، ۽ عملي جي کوٽ آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ علاج ۾ دير ٿيڻ سان بيماري وڌيڪ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ٿي۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت صحت جي شعبي کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ ڪري، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي بنيادي سهولتون ناپيد آهن. حڪومت، صحت کاتو، مڪاني ادارا ۽ عوام گڏجي هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪن. حڪومت کي فوري طور تي هنگامي منصوبا تيار ڪرڻ گهرجن، اسپتالن ۾ وسيلن ۾ اضافو آڻڻ گهرجي، ۽ مڪاني ادارن کي صفائيءَ ۾ تسلسل رکڻو پوندو۔ عوام کي گهرجي ته هو پنهنجي گهر، پاڙي ۽ شهر کي صاف رکڻ کي پنهنجي ذميواري سمجهي ته ڊينگي جي وڌندڙ وائرس کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي پر اسان جي لاپرواهي ان کي وڌيڪ طاقتور بڻائي ٿي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.