”شعلي“ فلم جو اهو ڊائلاگ ڪنهن نه ٻڌو هوندو!! هٽلر مُهانڊي ان بيوقوف جيلر جي ڪردارَ ۾ اهو ڊائلاگ ادا ڪندڙ ۽ ان کي امر ڪري ڇڏيندڙ ڪوئي ٻيو نه پر، ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جو سنڌي ڪاميڊين ’گوورڌن اسراڻي‘تازو ئي 20 آڪٽوبر 2025ع تي پنهنجي مداحن کان وڇڙي ويو. سنڌ، جتي ورهاڱي کانپوءِ هندي فلم انڊسٽريءَ کي ساڌنا هرداساڻيءَ جهڙي سندر هيروئن ڏني، اڻ ڳڻيا سنڌي فلمساز ۽ هدايتڪارَ ڏنا، اتي گوپ ۽ اسراڻيءَ جهڙا باصلاحيت مزاحيه اداڪار به ڏنا، جن پنهنجي آخري دم تائين پنهنجي صلاحيتن سان بالي وُڊ جي پردي تي پاڻ ملهايو.
گوورڌن ڪمار اسراڻي، جنهن جو نالو شروع شروع ۾ فلم ڪريڊٽس ۾ ’جِي. ڪي. اسراڻي‘ لکيو ويندو هو، کي عام طور تي فقط ”اسراڻيءَ“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن هڪ تجربي ڪار اداڪار سان گڏوگڏ هدايتڪار طور به پاڻ ملهايو ۽ هندي سنيما تي پنهنجي منفرد اداڪاريءَ سان اڻ مٽ نقشَ ڇڏيا. ڇهن ڏهاڪن تي پکڙيل پنهنجي ڪيريئر دؤران، اسراڻيءَ لڳ ڀڳ 150 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جتي هن مزاحيه سان گڏوگڏ سنجيده ڪردارن ۾ به پنهنجي بهترين فن جو مظاهرو ڪيو. فلمي صنعت ۾ اسراڻيءَ جو سوڀارو سفر هن جي ڏات، ثابت قدميءَ ۽ سخت محنت جو ثبوت آهي.
اسراڻيءَ پهرين جنوري 1941ع تي جئه پور ۾ هڪ وچولي طبقي جي سنڌي هندو ڪٽنب ۾جنم ورتو. سندس ڏاڏاڻا ڪراچيءَ جا ۽ ناناڻا شڪارپور جا هئا. سندس والدين، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ئي ڪراچيءَ مان گڏيل هندوستان جي رياست راجستان جي شهر جئه پور لڏي آيا هئا. سندس پيءُ غاليچن جي ڪارخاني ۾ مئنيجر هو ۽ هي پاڻ ۾ 9 ڀيڻ ڀائر هئا. اسراڻيءَ پنهنجي ابتدائي تعليم جئه پور مان ئي حاصل ڪئي ۽ ’سينٽ زيوريس اسڪول‘ مان مئٽرڪ ڪئي. جنهن بعد راجستان ڪاليج مان گريجوئيشن مڪمل ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ سان دلچسپي هئي، جنهن کيس اڳتي هلي باضابطه طور فن جي دنيا پاسي اچڻ تي مجبور ڪيو. اسراڻيءَ ڪاليج ۾ پڙهڻ دؤران ئي آل انڊيا ريڊيو، جئه پور تي صداڪار طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
فن سان دلچسپيءَ سبب اداڪاريءَ کي پيشاورانه انداز ۾ سکڻ لاءِ اسراڻيءَ، پوني (پُڻي) ۾ قائم ”فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا“ (ايف ٽِي آءِ آءِ) ۾ داخلا وٺي باقاعدي اداڪاريءَ ۽ هدايتڪاريءَ جو فن سکيو ۽ 1966ع ۾ ’ايف ٽِي آءِ آءِ‘ مان اداڪاريءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي. جنهن بعد هُن، ان ئي سال فلم نگريءَ ۾ نتن بوس جي فلم ”هم ڪهان جا رهي هين“ رستي پير پاتو، جنهن ۾ هن ڪاليجي شاگرد جو ڪردار ڪيو. پوءِ هو ابتدائي طور تي مختلف هندي ۽ گجراتي فلمن ۾ ننڍن ننڍن ڪردارن سان پنهنجي فلمي سفر جا ابتدائي ٿاڪ اُڪرندو رهيو. سندس شروعاتي فلمن ۾ ”هري ڪانچ ڪي چُوڙيان“ (1967ع)، ”امنگ“ (1969ع) ۽ ”ستيه ڪام“ (1969ع) شامل آهن. جنهن بعد 1971ع ۾ مشهور فلمساز رشي ڪيش مکرجِيءَ کيس پنهنجي فلم ”گُڊي“ ۾ ڪُندن جو هڪ ننڍڙو ڪردار ڏنو، جيڪو سندس ابتدائي شهرت جو سبب بڻيو. ان فلم ۾ گُڊيءَ جو مرڪزي ڪردار جيا بهادريءَ ادا ڪيو هو. اسراڻيءَ کي فلمي دنيا ۾ پهرين وڏي ڪاميابي (بريڪ ٿرُو) نامياري شاعرَ ۽ فلم هدايتڪارَ ــ گلزار جِي ڊائريڪٽ ڪيل فلم ”ميري اپني“ (رليز: 1971ع) مان ملي. بعد ۾ ”باورچي“ (1972ع)، ”اڀيمان“ (1973ع) ۽ ”شعلي“ (1975ع) جهڙين فلمن ۾ به هن پنهنجي شاندار اداڪاريءَ جا جهنڊا کوڙيا ۽ پنهنجي صلاحيتن سبب هو تمام گهڻو مشهور ٿيو. فلم ”شعلي“ ۾ سليم ــ جاويد جو لکيل جيلر جو ڪردار، سندس سڀني کان يادگار ڪردارن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هن پنهنجي مزاحيه وقتائتن تاثرات ۽ چهري جي اظهار سان حيرت انگيز فن ڏيکاريو، جيڪو اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ به اڄ تائين فلم جي شوقينن کي ياد آهي.اسراڻيءَ پنهنجي فني ڪيريئر ۾ رشي ڪيش مکرجِيءَ کان علاوه، باسو چيٽرجي، رميش سپي، بي آر چوپڙا، ڪي بپيّا، ڪي رگهويندر رائو، نارائڻ رائو دساري ۽ گلزار جهڙن ناميارن هدايتڪارن سان ڪم ڪيو ۽ پاڻ کي هڪ گهڻ رُخي (ورسٽائل) اداڪار طور مڃرايو. هن رڳو راجيش کنا (جيڪو سندس گهاٽو دوست پڻ هو) سان گڏ 25 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ”نمڪ حرام“ (1973ع) ۽ ”چلا مراري هيرو بنني“ (1977ع) شامل آهن. اسراڻيءَ جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺاهيل پهرين فلم، اها ئي ذڪر ڪيل راجيش کنا اسٽارنگ ”چلا مراري هيرو بنني“ هئي.
”شعلي“ کان علاوه اسراڻيءَ جي اداڪاريءَ تي مشتمل نمايان فلمن ۾ 1975ع ۾ رليز ٿيل فلم ”چُپڪي چُپڪي“ (جنهن ۾ هن ’پريشانت شري واستَو‘ جو ڪردار ادا ڪيو)، ”آج ڪي تازه خبر“ (1974ع) (جنهن تي کيس پهريون ڀيرو ’بهترين مزاحيه اداڪار‘ طور ڀارتي سنيما جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ ــ ”فلم فيئر“ مليو)، ”بالي ڪا بَڌو“ (1976ع) (جنهن ۾ ’شرت‘ جي ڪردار تي اسراڻيءَ کي ٻيون ڀيرو ’بهترين ڪاميڊين‘ طور فلم فيئر ايوارڊ مليو)، ”دي ڌنا ڌَن“ (2009ع) (جنهن ۾ هن لاش فروش ’مامي‘ جو ڪردار ادا ڪيو)، ”بنٽِي اور ببلي 2“ (2021ع) وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ هُن، ’پريچئي‘، ’محبوبه‘، ’پلڪون ڪي ڇائون ۾‘، ’دو لڙڪي دونون ڪڙڪي‘، ’بندش‘، ’امانوش‘، ’روٽِي‘، ’پريم نگر‘، ’ڇوٽي سي بات‘، ’رفُو چڪر‘، ’فقيره‘، ’انُوروڌ‘، ’ڇيلا‘، ’بابو‘، ’ڦانسي‘، ’دل لگي‘، ’هيرا لعل پنا لعل‘، ’پتي، پتني اور وه‘ ۽ ’هماري تمهاري‘ جهڙين فلمن ۾ پنهنجي مزاحيه اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، پر گوورڌن رڳو هڪ مزاحيه اداڪار ڪونه هو. هن ڪيترين ئي فلمن ۾ انتهائي سنجيده ڪردار به ادا ڪيا. هن فلم ’خُون پسينا‘ ۾ پهريون ڀيرو سنجيده ڪردار ادا ڪيو. هن ڪجهه غير رواجي ڪردار به نڀايا، جيئن 1972ع ۾ رليز ٿيل فلم ’ڪوشش‘ ۾ بدڪردار ڀاءُ جو ڪردار، 1974ع ۾ رليز ٿيلَ، ايل. وِي. پرساد جي فلم ’بِدائي‘ ۾ هڪڙي هِپي ۽ ڳوٺاڻي جو ٻِٽو ڪردار (ڊبل ڪريڪٽر)، 1975ع ۾ رليز ٿيل رشي ڪيش مکرجيءَ جي فلم ’چيتالي‘ ۾ ادا ڪيل ڪردار، 1982ع ۾ رليز ٿيل بي. آر. چوپڙا جِي فلم ’نڪاح‘ ۾ ادا ڪيل رومانوي ڪردار (جنهن ۾ هن ماضيءَ جي اداڪار يعقوب جي انداز ۾ قوالي به ڳائي هئي) ۽ 1974ع ۾ رليز ٿيل ڪي. ايس. پرڪاش راؤ جي فلم ’پريم نگر‘ ۾ هڪ دلال جو ادا ڪيل سندس ڪردارَ شامل آهن. اهو ئي نه پر ڪاميڊيءَ جي ڪري مشهور هن اداڪارَ ’اب ڪيا هوگا‘ ۽ ’تيري مهربانيان‘ جهڙين فلمن ۾ ’وِلين‘ جا منفي ڪردار پڻ ادا ڪيا. سندس زندگيءَ جون آخري فلمون ’ڀُوت بنگلا‘ ۽ ’حيوان‘ هيُون. جيڪي اڃا رليز ناهن ٿيون. هن متعدد گجراتي فلمن ۾ هيرو جو ڪردار پڻ ادا ڪيو.
هدايتڪار طور اسراڻيءَ ’اما دَوَد نو رڪشاوَرو‘ نالي هڪ گجراتي ۽ 5 هندي ــ اردو فلمون، ’چلا مُراري هيرو بنني‘، ’سلام ميم صاب‘، ’هم نهين سُڌرين گي‘، ’دل هِي تو هي‘ ۽ ’اُڙان‘ ڊائريڪٽ ڪيون. مزي جي ڳالهه اها آهي ته هن ٻن فلمن لاءِ پنهنجي آواز ۾ 3 گيت به ڳايا، جن ۾ فلم ’آلاپ‘ لاءِ سندس ڳايل ٻه گيتَ ۽ ’ڦُول کلي هين گلشن گلشن‘ ۾ مهان ڪلاڪار ڪشور ڪمار سان گڏ ڳايل مشهور گيت ’مَنُو ڀائي موٽر چلي پَم…. پَم… پَم…‘ شامل آهن. هو ذاتي طور ڪشور ڪمار جي ڪاميڊيءَ ۽ ان جي گفتن ۽ مڪالمن جي ٽائمنگ جو مداح هو. ان سان گڏوگڏ هو جاني واڪر ۽ محمود جي مزاحيه اداڪاريءَ مان به گهڻو ڪجهه سکيو. جنهنجو هو پاڻ به اقرار ڪندو هو. گوورڌن اسراڻيءَ ڪن ٽيليويزن سيريلز ۾ پڻ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جن ۾ ”پرمننٽ رُوم ميٽس“ (جنهن ۾ هن سڀاش چوڌري (دادا جي) جو ڪردار ادا ڪيو)، ”پارٽنرس ــ ٽربل هو گئي ڊبل“ (جنهن ۾ اسراڻي ’جڳ موهن ڇاٻڙيا‘ نالي ’ڊي آءِ جي پوليس‘ جي ڪردار ۾ نظر آيو) سميت ڪجهه ٻيون سيريلز شامل آهن. سندس زندگيءَ جي آخري ويب سيريز ’ليٽرس ٽُو راجيش کنا‘ هئي، جنهن ۾ هن لاجواب اداڪاري ڪئي.
گوورڌن اسراڻيءَ چانديءَ جي پردي تي مزاح کي نئين معنيٰ ڏئي اهڙو مزاح متعارف ڪرايو، جيڪو سمجهداريءَ تي ٻڌل ۽ تازين حالتن ۽ ڪردارن سان سلهاڙيل هو. سندس ورثو کائنس پوءِ ايندڙ اداڪارن (خاص طور مزاحيه فنڪارن) لاءِ واٽ جو سُجهندو آهي. سندس فلم بينن کي کِلائڻ جي سگهه، وقت جي بدلاءَ ۽ فلمي پيشڪش جي انداز جي تبديليءَ باوجود پنهنجو اثر ۽ رسُ نه وڃايو.
اسراڻيءَ، 1977ع ۾ اداڪارا ’مَنجو ڀَنسل‘ سان شادي ڪئي ۽ هي جوڙو فلمي دنيا جي بيحد مصروف ماحول کان پري، هڪ سادي ۽ پُرسڪون زندگي گذاريندو رهيو. اسراڻي پنهنجي انڪساريءَ، دوستاڻي طبيعت، مهربان سُڀاءَ ۽ وقت جي پابنديءَ سبب مشهور هو. هو چوندو هو ته هن وقت جي پابندي ’جاني واڪر‘ کان سکِي. فلمي برادريءَ ۾ کيس سندس پروفيشنلزم ۽ مثبت توانائيءَ سبب وڏي عزت حاصل هئي.اسراڻي، هند ۾ سنڌيت جو ڀرپور پرچارڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بيحد پيار ڪندڙ فرد طور ڀارت جي سنڌين جي ميڙاڪن ۾ عام جام نظر ايندو هو ۽ سرگرميءَ سان شامل ٿيندو هو. ڏياريءَ، هوليءَ توڙي ٻين ڏڻن وارن تي هند سنڌ جي سنڌي برادريءَ لاءِ سندس مبارڪبادي ويڊيو پيغامَ عام جام وائرل پيا ٿيندا هئا. هن پنهنجي لاڏاڻي کان ڏهاڪو کن ڏينهن اڳ به سنڌين جي هڪ ميڙاڪي ۾ مشهور لوڪ گيت ”مور ٿو ٽلي…“ تي رقص ڪيو هو، جنهن جي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي بيحد مقبول ٿي.
اسراڻي، ساهه ۾ تڪليف ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب 16 آڪٽوبر 2025ع تي ممبئيءَ جي جُوهو جي علائقي ۾ قائم هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن 20 آڪٽوبر 2025ع تي، 84 ورهين جي عمر ۾ پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. اسراڻيءَ جو ورثو سندس فلمن جي صورت ۾ زندهه آهي. ننڍي کنڊ جِي سنيما لاءِ سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سندس مزاحيه ڪردارَ ايندڙ ڪئين سالن تائين فلم بينن جي چپن تي مرڪون وکيريندا رهندا